ڪامريڊ مانڌل شر کي ڀيٽا : هن لاءِ نه صفحا ڪارا ڪيا ويا ۽ نه خالي ڇڏيا ويا!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪامريڊ مانڌل شر کي ڀيٽا
    هن لاءِ نه صفحا ڪارا ڪيا ويا ۽ نه خالي ڇڏيا ويا!
    محمد خان دائود


    لطيف مارئي لاءِ ڇو ائين لکيو هو ته

    ”ماندي نه ٿي مارئي!“

    لطيف چاهي ها ته مارئي کي ڪو ٻيو سگهارو دلاسو ڏئي پئي سگهيو. لطيف مارئي کي چيو ته تون ايڏو ماندي نه ٿي پر مارئي ڇا ڪري ها. ڀلي هن جو جسم ڪوٽ ۾ قيد هو. پر هن جو من ته انهن ماروئڙن وٽ هو جيڪي سندس راھ ڏسي رهيا هئا ته ڪڏهن ٿي مارئي انهن ڪوٽن مان آزاد ٿي اچي ۽ مارئي انهن ڪوٽن ۾ هوندي به تصوراتي طور انهن صحرائن ۾ هئي جتي مارئي جا ٻيا مائٽ انهن گاھ پٺو ڪري رهيا هئا. اهڙي حالت ۾ هڪ مارئي ڇا پر هر روح ماندو ٿي سگهي ٿو. چاهي اُهو روح مارئي جو هجي! چاهي ڪنهن فقير جو !

    ان لاءِ لطيف مارئي کي ڇنڊھ پٽيندي اها دانهن ڪئي هئي ته

    ماندي نه ٿي مارئي تنهنجو الله به آهي

    پوءِ مارئي جي ماندي من کي لطيف جي انهن لفظن شانت ڪري ڇڏيو ۽ مارئي پنهنجي قيد ۾ پنهنجي من کي ماٺ ۾ رکيو!

    پر ان ماندي من جو ڇا ٿيو، جيڪو پيدا ئي ماندي ٿيڻ لاءِ ٿيو هو. جيڪو گهرن ۽ مال چارڻ نڪتو هو.پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته ان جو پتو اهڙي پهاڙ سان پوندو جيڪو ڪوھ طور پٺيان روشن هوندو هو ۽ هو اُن پهاڙ تان زياده نه تڏهن به ايتري روشن ضرور رکيو ايندو جنهن سان پنهنجو معصوم من روشن ڪري سگهي ۽ پوءِ پنهنجي روشن من کي اڳتي ڪري انهن سنڌين جي اصلاح جي ڪوشش ڪري جيڪي لاڙ جا ماڻهو آهن جتان اترڙو لڳندو آهي.

    اڪثريتي ۾ اڻ پڙهيل ۽ بکايل!

    لاڙي ماڻهن جي هڪ ڌراڙ پٽ کي ته لطيف جي اهڙي سٽ جي مارئي کان به وڌيڪ ضرورت هئي ته

    ماندي نه ٿي مارئي

    اُن سنڌ جي اڻ پڙهيل ۽ بکايل معصوم روح جنگهن ۾ ان مال سان ۽ ان لٺ سان جيڪا موسيٰ عليه اسلام جي حصي جهڙي ته نه هئي پر لٺ ضرور هئي ڏاڍو واجهايو ته من ڪٿان ته اهڙو ڪو لفظن جهونگارو پيدا ٿئي ته

    ماندي نه ٿي مارئي

    ته هو ڪٿي آهي؟ ڇا ڪري ٿو؟ ان جي صحت ڪيئن آهي؟ جيڪڏهن ڪامريڊ مانڌل شر ائين نه هليو وڃي ها ته اسان کي ته ان جي ڪابه خبر نه هئي. پر سڌريل ملڪن ۾ ائين ناهي!

    وڏي کنڊ جو وڏو عظيم انسان منڊيلا جڏهن مئو هو ته ان کنڊ جون اخبارون کيس هڪ سال تائين سارينديون رهيون. پر افسوس سدا حيات. ملوڪ ۽ پنهنجي ذات ۾ ايماندار،ڪامريڊ مانڌل شر انهن اخبارن ۾ ايتري جاءِ به نه والاري سگهيو جيترو چرچو اهي اخبارون ايان علي جو ڪن ٿيون يا قنديل بلوچ جو!

    پر اها ڳالهه به ته حقيقت آهي ته ڪامريڊ مال شر ڪو سهڻي ماڊل نه هو جو ان جو ڪو وڏو فوٽو انهن اخبارن ۾ لڳي جنهن ۾ اهو پائوڊر سرخي هڻي ڪنهن ادا سان ويٺو هجي. هو ته هڪ مٽيءَ هاڻو ماڻهو هو جيڪو جيئري به روڊن تي احتجاج ڪندو هو. جهن جو رنگ انهن احتجاجن جي ڪري گوري مان ڦري ڪارو ٿي پيو هو ۽ ان جي جسم ۽ مٿي تي ايترا ڏنڊن جا نشان هوندا هئا جيڪڏهن انهن نشانن تي سنڌ جي ضلعن جا نالا لکي ڇڏجن ها ته ضلعا پوءِ به ختم ٿي وڃن ها پر اهي جسم ۽ مٿي تي نشان باقي ڳڻڻ لاءِ رهجي وڃن ها.

    هو مزدور، مزدور جو پٽ ۽ مزدور جو ساٿي هو. هن جا هٿ ۽ پير هميشه مٺي جي گپ سان مکيل هوندا هئا ته اهڙي همراھ جو ڪهڙي اخبار فوٽو ڇاپيندي؟! اهو به قدآوار ماڊل جو ڇو نه شايع ڪندي!؟

    ٻيو ته اها قوم سڌريل هجي پڙهيل هجي ۽ انهن کي پنهنجي اڳواڻن سان محبت چاھ هجي ته اهڙي مسئلن کي محسوس ڪن.

    مانڌل شر جڏهن ٻار هو ۽ سندس والد کيس ڪجهه رڍون ڏئي اهو چئي گهران ڪڍيو هو ته ”ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ مشڪل ۽ ڏکيو عمل آهي. پر انهن جانورن کي ته گاھ پٺو کارائي اچ!“

    اهي لفظ مانڌل شر جي ڪنن ۾ ڪنهن واڄت وانگر وڄڻ لڳا ۽ هو مال جهنگ ۾ ڇڏي اُن وڻ هيٺان قائم اسڪول طرف هليو ويو جتي ماستر ٻارن کي پڙهائي رهيو هو ته

    ”انسان سڀ برابر آهن ۽ هن دنيا ۾ جيڪي به شيون آهن اهي سڀئي انسان برابر طور استعمال ڪري سگهن ٿا!

    مانڌل شر انهن رڍن جي پچر ڇڏي ان وڻ هيٺان قائم اسڪول مان زندگي جا سبق وٺڻ لڳو. هي اُتي اهو به سکڻ لڳو ته

    ” نه ڪو انسان هميشه کان بيمار پئدا ٿيندو آهي. نه بکيو ۽ نه ئي انسان جي مقدر ۾ اهو لکيو ويو آهي ته اهو جاهل آهي ڪجهه به نه پڙهي بس مال چاريندو رهي. جوتا کائيندو به رهي ته پالش به ڪندو رهي ۽ تڪڙو مري وڃي!“

    ان جي ڪنن ۾ ان جهوني استاد جو اهو سبق به الهامي واڄٽ وانگر وڄندي محسوس ٿيندو هو ته

    ”انسان سڀئي برابر آهن ۽ هن دنيا ۾ جيڪي به شيون آهن اُهي سڀئي انسان گڏيل طور استعمال ڪري سگهن ٿا!“

    پوءِ جڏهن مانڌل شر ان مڪتب جا سبق پرهي ڪجهه سمجهه ڀريو ٿيو ته ان پنهنجي اکين سان پاڻ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو ته ”انسان سڀئي برابر ڪونهن! ۽ هڪ جهڙا به ناهن دنيا جون گڏيل شيون به برابر کي طور استعمال هيٺ ناهن، ڪو سيٺ آهي ته ڪو فقير! ۽ هن اهو به ڏٺو ته هڪڙي وڏي اڪثريت انسانن جي بيمار آهي جن کي دوا نٿي ملي. جيتري خلق گهرن ۾ آهي ته سڀني کي ماني ميسر ڪونهي. تعليم غريبن لاءِ ناهي! اڻ برابري آهي. هن دنيا ۾ اٻوجهه انسانن سان بدسلوڪي آهي.“

    تڏهن ان جي ڪنن ۾ اهي لفظ نشتر وانگر لڳا ته

    ”انسان سڀ برابر آهن ۽ هن دنيا ۾ جيڪي به شيون آهن اهي سڀئي انسان برابر طور استعمال ڪري سگهن ٿا.!“

    ان وقت مانڌل شر جو من ائين ئي ماندو ٿيڻ لڳو جيئن انهن ڪوٽن ۾ مارئي جو من مانڌو ٿيندو هو پر ان وقت اُتي ڪير به نه هو جيڪو مانڌل شر جي ڪنن ۾ چئي ها ته

    ”مانڌي نه ٿي مارئي!“

    ان وقت کان مانڌل شر جو من ماندو رهيو ۽ هن اهو عزم ڪيو ته پهرين ڌرتي تان جبر، ظلم ۽ اُونداھ ختم ڪبي پوءِ خوشي جا گيت ڳائبا! پوءِ هو پنهنجي ساٿين کي گڏ کڻي غريب هاري، مزدور ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ ميدان تي نڪري پيو ڪهڙي به تحريڪ هجي چاهي ڪوڙن ڪليمن تي ڀڳڙن مٺ تي ڏنل زمينون هجن. چاهي اصل حقدار هارين کي اُٿاريل اُهي زمينون وڏيرن ۽ نوابن کي ڏنل هجن چاهي اهي زمينون فوجي آفيسرن کي ڏنل هجن ڪامريڊ مانڌل شر ان تحريڪ ۾ سڀ کان اول دستي ۾ هوندو هو. ۽ تيسين خاموش نه رهندو هو جيسين اُهي زمينون انهن حقدارن کي نه ملن جن کان اُهي کسيون ويون هيون.

    چاهي ٻولي جي تحريڪ هجي، چاهي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ واري تحريڪ هجي، چاهي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌي ۾ ٺاهڻ واري تحريڪ هجي، ڇاهي ايم آر ڊي تحريڪ هجي، هر اول دستي جو سپاهي اهو مانڌل شر ئي هوندو هو.

    ان ڪامريد مانڌل شر جو بس هڪڙو خواب هو ته :

    ”انسان سڀئي برابر آهن ۽ جيڪي به شيون هن ڌرتيءَ تي آهن خوراڪ کان وٺي علاج ۽ تعليم تائين اهي انسان جو گڏيل ورثو آهن ۽ سڀئي انسان انهن کي استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ برابري هجي!“

    اياز چيو هوته ”تون ڪنهن کي ٿو ڌونڌارين هن ڌرتيءَ ۾ ته ال به ناهي!“ پر ڪامريد مانڌل شر ان جي بلڪل ابتڙ ڪيو ۽ ان هن ڌرتيءَ جي دل کي ڌونداڙيو. ڪامريڊ وٽ وڏي ڳالهه اها هئي ته برابري هجي. جڏهن گڊو بئراج جون درياءَ واريون زمينون هارين کان کسي ڪامورن ۾ ورهايون ويون، تڏهن ڪامريڊ مانڌل شر پنهنجي ساٿين سان گڏ زوردار احتجاج ڪيو ان احتجاج کي ختم ڪرائڻ سکر جو ڊي سي آيو جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪامريڊ مانڌل شر چيو ته هارين جون زمينون واپس ڪريو نه ته اهو احتجاج ائين ئي هلندو رهندو.

    جنهن تي ڊي سي چيو ته اهو منهنجي اختيار ۾ ناهي.

    مانڌل شر چيس ته پوءِ ڇا لاءِ هت آيو آهين. ان ڳالهه تي ڊي سي کي باھ لڳي وئي ۽ ڊي سي مانڌل شر ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري دانگي جي تري سان انهن جو منهن ڪارو ڪري گڏھ تي چاڙهي سکر جي گهٽين ۾ گهمايو ته ماڻهو انهن کي ان حالت ۾ ڏسندا انهن جي بي عزتي ٿيندي ۽ ڪامريڊ دل برداشت ٿي سياست ڇڏي ڏيندو.

    پر جڏهن مانڌل شر کي سکر جي گهٽين ۾ مارچ ڪرايو ويو ته ماڻهن جو هڪ وڏو انگ جمع ٿي ويو جن ڪامريڊ جو فتح جي نشان سان شاندار استقبال ڪيو!

    ڪجهه خبر ناهي. جنهن حق جي ڳالهه ڪئي. برابري جي ڳالهه ڪئي. تعليم ۽ علم جي ڳالهه ڪئي ماني ۽ ان جي حصول، علاج دوا جي ڳالهه ڪئي، جنهن پنهنجي جسم ۾ مٿي تي لاتعداد ڏنڊا کاڌا پوءِ به پورهيت جي ڳالهه ڪئي جنهن پنهنجي اکين سان تبديلي جو خواب ڏٺو جنهن اکين ۾ انصاف جا سپنا سجايا، جنهن خواب ئي انهيءَ لاءِ ڏٺا هئا ته انهن جي ساڀيان ٿئي. جنهن جو من ماروئڙن لاءِ مانڌو هوندو هو.

    اهو ڪٿي آهي؟ ڇا ٿو سوچي؟ ان وٽ هن پيڙهي ۾ نئون ڪهڙو آئيڊيا آهي؟ ڪنهن به ميڊيا نه ٻڌايو ايستائين جو ان جو اهو ساھ نڪري ويو جيڪو اصل ۾ لطيف جو اهو ڌڙڪو هو ته

    ”ماندي نه ٿي مارئي!“

    اُهو ساھ ئي ته هو جيڪو ان کي ماندو ڪندو رهندو هو. جڏهن اهو صبح سڀني لاءِ آهي ته پوءِ ڌرتي ۽ ان تي موجود شيون سڀني لاءِ برابر ڇو نه آهن جڏهن چنڊ سڀني جو چاھ رکي ٿو ته پوءِ ماني ڪجهه مخصوص گروهن کي ڇو!

    جڏهن ڌرتيءَ ۾ اهي سڀئي مٽي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ هن ڌرتيءَ تي گهر سڀني لاءِ ڇو ناهن؟ جڏهن اقراء لفظ اڄ به غار حرا جي اونڌاهي ۾ گونجي رهيو آهي ته خاص مڪتب خاص ماڻهن لاءِ ڇو آهن!؟ جڏهن پيٽ سڀني کي آهي ته ماني گراھ ڪجهه خاص هٿن مان ٿيندو ڪجهه خاص پيٽن تائين ڇو ٿو پهچي.!؟

    جڏهن درد سڀني کي محسوس ٿئي ٿو ته دوا خاص صحت لاءِ ڇو آهي.!؟

    پر جڏهن ان جو لاش اسپتال جي هڪ سفر پراڻي ايمولينس مان پورو ڪري جڏهن هڪ کٽ تائين آيو۽ اها کٽ هڪ علم جي ڀنڊار کي ڪنهن پراڻي ڪتاب جيئان يا ڪنهن صحيفي جيڪو ڪنهن پٿر تي لکيو ويو هجي يا ڪنهن چمڙي جي ٽڪري تي تڏهن اسان جي اخبارن ۾ هڪ ڪالمي يا ٻه ڪالمي خبر شايع ٿي ته ”ڪامريڊ مانڌل شر گذاري ويو!“

    جڏهن اُن ڪامريڊ مانڌل شر جو لاش انهن وڻن وٽان گذريو جن وڻن هيٺان ان استاد جو سبق ورتو هو ته ”انسان سڀ برابر آهن“ تڏهن به انساني زبانون خاموش هيون ۽ ان ڪورس ۾ ڳائي رهيا هئا ته

    ويا جي عميق ڏي منهن ڪائو ڏيئي
    تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي
    پسندا سيئي املهه اکڙين سين!

    عوامي آواز ميگ
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو