ڪراچي جو هڪ اهم ڪردار حاجي مريد بِڪڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪراچي جو هڪ اهم ڪردار حاجي مريد بِڪڪ

    غلام اڪبر بڪڪ


    اڄ مان اوهان کي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ۽ دل ڪراچي جي وچ ۾ ضلعي سينٽرل جي شروع ۾ هڪ اهڙي قديمي ڳوٺ ۽ ان جي بانيءَ بابت ڄاڻ ڏيندس جنهن جو نالو ته سڀني ٻڌو آهي پر ان جي باري ۾ معلومات ڪانه اٿن.
    ان ڳوٺ جو نالو حامي مريد ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ سن 1953ع ۾ قائم ٿيو. هن ڳوٺ جو حدون اوڀر ۾ ڳجهڙو(گجر نالو) اولهه ۾ نواب صديق علي خان روڊ گلبهار (گوليمار) ڏکڻ ۾ لياري ندي (جمشيد روڊ) اتر ۾ شارع الطاف علي بريلوي ناظم آباد. هن ڳوٺ سان لڳو لڳ فردوس ڪالوني، جان محمد ڳوٺ ۽ سلطان آباد ڪالوني آباد آهن. حاجي مريد ڳوٺ جي ڪل ايراضي 38 ايڪڙ ۽ 8 گهنٽن تي مشتمل آهي هن ڳوٺ جو باني مرحوم وڏيرو حاجي مريد بڪڪ هو. هو تمام گهڻو رحمدل ۽ درويش صفت انسان هو. هن علائقي جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻين خدمتون سرانجام ڏنيون. سندن انهن خدمتن جي ڪري ئي سن 1981ع ۾ ان وقت جي ڪليڪٽر ايم اسحا ق هن علائقي جو نقشو پاس ڪيو ۽ هن علائقي کي حاجي مريد ڳوٺ جو نالو ڏنو. حاجي مريد ڳوٺ اڄ تائين قائم آهي.
    حاجي مريد بڪڪ نه صرف لڏي آيل مسلمانن لاءِ پاڻ پتوڙيو جيڪو هتان کان لڏي ويندڙ هندن کي به انهن جي ٽپڙن ۽ قيمتي ساز سامان جي رقم به ڏيارائي ۽ انهن جي سفري بندوبست ۾ به مدد ڪئي. حاجي مريد ڳوٺ ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ هندن ۾ مذهبي رواداري قائم ڪرڻ ۾ به مرحوم جو وڏو ڪردار رهيو آهي. جنهن جو وڏو مثال ڳوٺ ۾ قائم هڪ قديم مندر آهي. هتي وڏي تعداد روزگار لاءِ آيل هندن جو آهي جيڪي ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ مان اچي هتي آباد ٿيا آهن. هن ۾ ميگهواڙ ۽ برهمڻ شامل آهن جيڪي آزاديءَ سان پنهنجي مذهبي رسمن کي ادا ڪري سگهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ قومن ۾ سڀ کان وڏي تعداد بڪڪ قوم جي آهي. ان کانسواءِ هتي ٻين قومن ۾ ٻرڙا، ڇٽا، خاصخيلي، شيخ، بنديجا ۽ اندرين سنڌ مان آيل سومرا، ڀٽي، بروهي، سولنگي، شيرازي ۽ ذاڪري سيد شامل آهن.هتي بلوچ ڳالهائيندڙ به وڏي تعداد ۾ رهندڙ آهن جن ۾ گوريگيج، لدڪي، رند ۽ آسڪاني شامل آهن. تنهن کان سواءِ هتي پٺاڻ ۽ هزاره وال به آباد آهن.مرحوم حاجي مريد بڪڪ جي گهر جا دروازه انهن سمورن ماڻهن لاءِ هر وقت کليل هوندا هئا.
    حاجي مريد بڪڪ جي اوطاق تي هر وقت مهمان موجود رهندا هئا جن ۾ خاص ڪري اندرين سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن مان آيل حج ۽ عمري جا پانڌيئڙا رهندا هئا. مرحوم حاجي مريد بڪڪ کين هڙان ۽ وڙان مدد ڪري ڀلي پار موڪليندو هو.
    حاجي مريد بڪڪ پيرن ۽ سيد ۾ درگاهن سان وڏي عقيدت رکندو هو. جن ۾ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، حضرت شاھ بلاول نوراني ۽ حضرت شاھ يقيق جا نالا قابل ذڪر آهن.سڪرنڊ جي درگاھ پير ذاڪري جو سجاده نشين سيد احمد شاھ ذاڪري المعروف سائين سهڻو به پنهنجي جماعت سان گڏجي حاجي مريد بڪڪ کي اوطاق تي ذڪر جون محلفون سجائيندا هئا.
    حاجي مريد بڪڪ ٺٽي جي مشهور باغائي سيد امام علي شاھ به چشتيءَ رح جي مريد ۾ آيل هو. اڪثر سندس درگاھ تي حاضري ڀريندو هو. تنهن کانسواءِ حاجي مريد بڪڪ وٽ ٺٽي جو سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي سيد حسن علي شاھ شيرازي، سيد فقير علي شاھ شيرازي، لسٻيلي جا پير عارب شاھ جيلاني، پير عبدالرزاق شاھ جيلاني ۽ سيد ميرل شاھ جيلاني به جوه افروز ٿيندا هئا.
    مرحوم وڏيرو حاجي مريد بڪڪ وڏن سياستدانن ۽ سردارن سان به دوستيءَ ۾ گهڻو مشهور هو. قبيلائي جرگن ۾ به کيس گهرايو ويندو هو. ڇو جو منجهيل ۽ ڏکن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻي مهارت رکندو هو سندس خاص دوستي ۾ جيڪي اڪثر وٽس ڪچهرين ۽ رهاڻين لاءِ ايندا هئا جن مان سردار حاجي عارب ڪيهر، سردار خان بهادر سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر غلام رسول ڪيهر، سردار ملڪ سڪندر خان، سردار اميد علي خان ڀوتاڻي شامل آهن.انهن کانسواءِ سندس اوطاق تي ايندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، ميرجعفر خان جمالي، سردار گل محمد جکراڻي، سردار آدم خان پنهور، مامون خان ملڪاڻي، خان بهادر الله بخش گبول، عبدالله هارون، هاشم گذدر (ڪراچي جو پهريون مسلمان ميئر) ۽ سردار يار محمد رند شامل آهن. حاجي مريد بڪڪ جي قائداعظم محمد علي جناح سان به ملاقات ٿيل هئي. جيڪا سندس ويجهي دوست ۽ ساٿي هاشم گذدر طرفان قائداعظم جي مان ۾ رکيل دعوت ۾ ٿي هئي جيڪا هن صدر جي علائقي ۾ ايراني هوٽل تي ڪئي هئي. مرحوم حاجي مريد بڪڪ پنهنجي منفرد انداز ۾ ڪيل فيصلن جي ڪري تمام مشهور هو.ايتري قدر جو ان وقت جي سيشن جج مرزا ارشاد بيگ جيڪو اڳوڻي آرمي چيف مرزا اسلم بيگ جو وڏو ڀاءُ هو. ڪيترائي مونجهاري وارا فيصلا حاجي مريد بڪڪ ڏانهن موڪليندو هو. جيڪي هو تمام سهڻي نموني ۽ پنهنجي ڏاهپ سان نبيريندو هو.مرحوم حاجي مريد بڪڪ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مسجد جوڙائي جيڪا اڃا تائين مسجد محبوب سبحان جي نالي سان قائم آهي.
    حاجي مريد بڪڪ پراڻي لالو کيت موجوده سي ايريا قبرستان ۾ هڪ عيد گاھ جي به تعمير ڪرائي جنهن ۾ هزارين ماڻهو عيد جي نماز پڙهندا آهن.مرحوم حاجي مريد بڪڪ 2 ربيع الاول 1405هه بمبطابق 31 جنوري 1979ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھ ان ئي عيد گاھ جي سامهون آهي.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اھو ڳوٺ منھنجو چڱيء طرح ڏٺل آھي.منھنجيون ان ڳوٺ سان گھڻيون يادگيريون لاڳاپيل آھن .جن بہ سڌين کي ڪا ڪراچيء ۾ نوڪري ملندي ھئي تہ رھائش جي لاء چنيسر ڳوٺ، پراڻو گوليمار،لياري ،ملير يا حاجي مريد ڳوٺ کي ترجيح ڏيندو ھو.مون بہ اچي انھي ئي ڳوٺ۾ ٽپڙ رکيا.ڪجھ ڪوارٽر عيسي ا ٺھرائي ڪرائي تي ڏيندو ھيو جيڪي ڇڙن سان ڀريا پيا ھوندا ھيا. اتي فقير محمد لاشاري،طالب ڪمڀر،برڪت ڀٽي. غلام حسين خواجہ ، انور شاھ، اقبال ڇٽي،فيض محمد مگسي ۽ الاھي بخش بڪڪ عبدال خالق سولنگيء وغيرہ سان ٿي .ان ڳوٺ جا سياسي طور قادر بخش بڪڪ ۽ مولابخش بڪڪ.تمام باشعور ماڻھو ھيا.ڳوٺ جا اصلي رھاڪو پ.پ.پ.سان لاڳاپيل ھوندا ھيا.ڇٽا،ٻرا،دودا ،باکڙا ۽ بڪڪ وغيرہ ذاتيون ھونديون ھيون پر پاڻ کي قومون سڏائيندا ھيا. ان ڳوٺ جي سڀني کان وڌيڪ باشعور عورت ج.ع منگھاڻي آھي.استاد محمد جمن راڳي نہ رڳو ان ڳوٺ پر سڄي سنڌ جي سونھن ،پنھنجي زندگيء جو ڳچ وقت ھن ڳوٺ ۾ گجھڙي (.گجر) نالي جي ڪناري تي گذاريو.
     
  4. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو

هن صفحي کي مشهور ڪريو