ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪتاب بهترين دوست آهن. ٻڌندا، پڙهندا ۽ ڏسندا پيا اچون ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪتاب بهترين دوست آهن. پر ڪهڙا ڪتاب؟ ڪجھه ڏينهن اڳ منهنجي هڪ ٽيچر دوست غلام نبي پتافي ٽنڊي الهيار مان سوشل ميڊيا ذريعي صحيح ياد نه اٿم پر شايد سنڌي ٽئين ڪلاس جو ڪتاب هو جنهن مان مختلف (جڏهن ته ڪلاس به ساڳيو، ڪتاب به ساڳئي ڪورس جو، ڇپيندڙ ادارو به ساڳيو، نظرثاني ڪندڙ به ساڳيا) ڪتابن جون تصويرون پوسٽ ڪيون جن مان هڪ ڪتاب ۾ لفظ ”مينگوره“ جڏهن ته ٻئي ۾ ساڳيو لفظ منگورا لکيل آهي ۽ ڪجھه ٻين غلطين جون تصويرون پڻ جھڙوڪ (پسني ۽پسڻي)، (بلي شاهه ۽ بلهي شاهه)، (جھنگن ۽ جنهنگن) وغيره. جيڪي مون ان وقت ئي پنهنجي اديبن ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دوستن سان ونڊيون اهو سوچي ته شايد اداري ۽ سڄاڻ ڌرين تائين اسان جو آواز پهچي سگھي، پر ڪنهن جي ڪن تي به جونءُ به نه سري. پر وري ڪالهه جڏهن نيٽ تان جيمس مئڪمرڊو جو سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ”سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو“ پڙهڻ لاءِ پاڻ وٽ محفوظ ڪيم ۽ ان کي پڙهي ائين لڳو ته جيڪڏهن سکاري سنڌ جا ماڻهو ڏکارا نه به هوندا ته هي ڪتاب پڙهي مون وانگر ڏکارا ضرور ٿيندا. ڇوته ڪتاب پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي جو شايع ٿيل نه پر ڪنهن مون جھڙي سيکڙاٽ لکي ڪري پاڻ ئي ڪنهن پرنٽنگ پريس مان پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايو هجي. اسان جيڪي به ڪتاب ڏٺا ۽ پڙهيا آهن انهن تي نه صرف انهن جي شايع ٿيڻ يا ڇپجڻ جو سال پر ان سان گڏوگڏ ان جي ڪمپوزر جو نالو نظرثاني ڪندڙ يا ايڊيٽر جو نالو پڻ لکيل هوندو آهي جيڪو ڪتاب کي چڱي نموني پڙهي ان مان غلطيون ڪڍي پوءِ پرنٽ ڪرائيندو آهي. پر هتي ته شايد سڄو اداروئي ننڊ پيو آهي جو جھڙي طرح ڪتاب آهي ان کي ان ئي شڪل ۾ شايع ڪرايو ٿو وڃي. سو هن ڪتاب جي پبلشر نوٽ ۾ ئي لفظ ”مهاڳ“ کي ماڳ لکي غلطين جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان کانپوءِ ”تحفته الڪرام“ کي ”تحفه الڪرام“، ”ڳالهه“ کي ”ڳاله“، ”ڪالهه“ کي ”ڪاله“ ۽ ٻيون انيڪ اهڙيون غلطيون جيڪي يقينن ڪمپوزنگ جون غلطيون آهن ۽ سندن صحيح جاچ پڙتال جي ضرورت آهي. تنهنڪري آئون سمجھان ٿو ته اهڙي قسم جا ڪتاب بهترين دوست ڪيئن ٿا ثابت ٿي سگھن جن مان اڳتي هلي اسان جو ايندڙ نسل مونجھاري جو شڪار ٿئي ۽ اختلافن جو شڪار ٿئي ان جي لاءِ هن وقت ئي سرڪاري طور تي سنڌي ٻولي جي اهڙن تفرقي ۾ وجھندڙ لفظن کي ٻيهر ترتيب ڏئي پيش ڪيو وڃي جيڪي سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي انداز سان ڳالهايا، لکيا ۽ پڙهيا وڃن. ان سلسلي ۾ آئون سنڌ جي ساڃاهه وندن اديبن ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن کي عرض ڪندس ته اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
محمد امين ڀٽي صاحب اوهان بالڪل صحيح لکيو آهي پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان جا ساڃاھ وفد ، وڏا اديب ۽ دانشور انهن ڳالهين ڏانهن توجه به نه ٿا ڏين ،جنهن ڪري درسي يا غير درسي ڪتابن ۾ تمام گهڻيون غلطيون ملن ٿيون..
اهو درست آهي ته جڏهن پروف جون غلطيون هجن ٿيون ته ڪتاب بلڪل مزو نٿو ڏي. پر اسان وٽ پروف ريڊنگ جو ڪم ليکڪ يا وري مفت واري کي ڏبو آهي، جنهن سبب اهي مسئلا پيدا ٿين ٿا.