هر شهر جو قصو آ ، هر ڳوٺ جي ڪهاڻي !

عبدالغني لوهار

سينيئر رڪن
اڄ فيس بوڪ تي منهنجي فرينڊ لسٽ مان هڪ ڇوڪرِي نالي سورٺ لطيف هڪ پوسٽ سنڌي شاعري ۾ شيئر ڪئي جيڪا پوسٽ شاهده خاصخيلي عرف امر شاهي جي هئي اوهان دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي !


هر شهر جو قصو آ
هر ڳوٺ جي ڪهاڻي

هر واٽ تي آ چقلو
جنهن جي نہ ڪا پڄاڻي

...
احساس وٽ تي ويٺو
ڀڙوت ڏسي رهيو آ

مومل کلي رهي آ
آهي نہ ڪو بہ راڻو

سڀ ڪيچ ويا سڙي ۽
ڪو ئي تماچي ناهي

ميهار سڀ اگهاڙا
مجنون هڙئي مري ويا

سڀ بک بدن جي آهي
رستا سڃا ڊڪن ٿا

ماڻهو مرون جيئن سوچن
هي پيار گار آهي

هي وهم آ اجايو
هي ڍونگ آ فسانو

محبت اٿئي بازارو
بڇڙو صنم جو خانو
 
Back
Top