• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وري پڄري اٿيو آ پيار ...

وري پڄري اٿيو آ پيار
؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
وري پڄري اٿيو آ پيار هڻي نينهن جا نارا
ستم گر ڪر ستم هاڻي اسان جا ڀي ايندا وارا
نه ڪڏهن هار ٿيندي حب هميشه سار ۾ رهندين
پڙهون ٿا ياد جي تسبيح ڪندي ياد تو پيارا
نه ئي ڪا سوچ مٽجي ٿي نه ڪو ٻيو ساه کي ڀائين
اسان جي جيءَ ۾ جهاتي اوهان جا نينهن نظارا
ڏيو ٿا ساه کي سختيون ڪيو ٿا قيدي قربن ۾
اسان لاچار سڀ بيڪار تون ئي چاهتن چارا
تنهنجي ڳولا تنهنجي ڦولا فڪر ۾ سڀ فنا ٿي پيو
افق ۾ ديد درپن لئه ڳڻيون ويٺا هي ستارا


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top