• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ وڏيرو حاجي علي محمد ڪاتيار

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
29476431611_8e285564a2_o.jpg



وڏيرو حاجي علي محمد ڪاتيار

سموري زندگي تعليم لاء جاکوڙيندڙ بزرگ سياستدان، تعليمي ۽ سماجي ورڪر وڏيرو حاجي علي محمد ڪاتيار 1929ع ڌاري ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ عبدالرحيم ڪاتيار ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو الهه بچايو ڪاتيار آهي ، هو گورنمنٽ هاء اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار، پرائمري اسڪول ۽ گرلس پرائمري اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جو بانيڪار هو، انهن اسڪولن جي قيام دوران اسڪول بلڊنگ لاءِ زمين به هن عطئي طور ڏني ، هن عظيم انسان تعليمي ۽ سماجي خدمتن جي سلسلي ۾ نه صرف اسڪول قائم ڪيا پر هاء اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جي هاسٽل م رهندڙ ٻاهرين شاگردن کي 1960 کان 1979 تائين پنهنجي ذاتي خرچ مان ماني به کارائيندو رهيو، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگرد سندس پيار ، محبت ۽ شفقت کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا، شاگردن جي خدمت وارو اهو سلسلو ان وقت ختم ٿيو، جڏهن اسڪول جون هاسٽلون زبون حالي جو شڪار ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون، نه رهيون هاسٽلون، نه رهيو شاگردن جي رهائش جو بندوبست ، نه رهيون حاجي علي محمد ڪاتيار جون شاگردن لاءِ مانيون.
هن جون تعليم جي معاملي ۾ خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن . حاجي علي محمد ڪاتيار ٽي ڀيرا لوڪل بورڊ حيدرآباد جو ميمبر رهيو، سندس فرزند عبدالرحيم ڪاتيار، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي يونين ڪائونسل عبدالرحيم ڪاتيار جو يو سي چيئرمين پڻ آهي . وڏيرو حاجي علي محمد ڪاتيار طويل علالت بعد 8 سيپٽمبر 2016ع تي وفات ڪري ويو..
 
Back
Top