”ونڊوز اسٽور“ تي ونڊوز فون توڙي ونڊوز ڊيسڪ ٽاپ لاءِ ڪوبه سنڌي ڪي بورڊ ميسر ڪونهي. سنڌ سلامت جي انتظاميا ۽ دوستن کي ننڍڙي گذارش آهي ته ونڊوز فون تي سنڌي آڻڻ لاءِ ڪي اُپاءِ وٺن. ڊيسڪ ٽاپ تي ته ايم بي سنڌي انسٽال ٿيل آهي پر ونڊوز فون تي سنڌي لکڻ لاءِ انگريزي، اردو يا فارسي جو سهارو وٺڻو پئي ٿو. ونڊوزفون ۾ سنڌي لکڻ جو ڪو طريقو پهرين ئي موجود آهي ته پوءِ مهرباني ڪري ٻڌايو.
ان سلسلي ۾ سائين ذيشان رشيد کي گُذارش آهي ته ڪو حل ڪڍن. باقي مُون ۽ ڊاڪٽر@عبدالحفيظ لغاري وڏِي ڪوشش ڪئي هُئي.. بهرحال ! ادا نويد، اهو ڪم ڪنداسين
ونڊوز وارا ڪسٽم ڪيبورڊ جي سپورٽ نه پيا ڏين... ها البته سنڌي ڪيبورڊ شامل ڪرڻ لاءِ يا ڊوليپرز کي ان ڳالهه جي اجازت ڏيڻ لاءِ کين هن لنڪ تي اچي صلاحون ڏئي سگهجن ٿيون..!!
ادا اسان جو به ساڳو مطالبو آهي مون وٽ به مائڪرو سافٽ جو سيٽ آ جيڪو ونڊو بيسڊ آ پر مان ڪمپيوٽر کان سواءِ موبائل تي سنڌي لکڻ جو سڪاتو آهيان ...