• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان وٽ مايوسين جا ميلا لڳل هن ...

اسان وٽ مايوسين جا ميلا لڳل هن
____________________
اسان وٽ مايوسين جا ميلا لڳنل هن.
صدائون سڀئي سور پورن پڳل هن.
ائين آ س ارمان روئندا رهيا بس .
وڻن جون ٿي لامون ڪي ٿڙ مان ٽٽل هن.
اچن ڇو نه ٿيون اسان وٽ خوشين ڪي.
ڏکن ڏوجهرن ۾ حياتيون حيسيل هن.
جڏهن ڀي آئي عيد ماتم ٿيو من ۾.
وٺڻ جوڙي ڪپڙن پيسا کٽل هن .
سماجي قدر ۾ نه پورت اسان جي.
لڪائينسدي عزت نه ڪنهن کان لڪل هن.
وري عيد آئي ارمانن ۾ اڻ تڻ .
وري آسون اٽڪي سٻڪي سڙيل هن .
هي غربت غريبي سدا.ئين ڇو سنڌ ۾.
ڪجي ڪيڏي محنت پر کاتا کٽل هن .
او جيون اسان تي نه ٿين جيءُ جنسار.
اسان آس ۾ سڀ سارون ستل هن.



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top