علمي ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هي يگانو ليکڪ بدر ابڙو آهي. سندس ڏاڏا علامه علي خان ابڙو جنهن قران جي تفسير لکي جيڪا اڄ به سڄي سنڌ ۾ پڙهي وڃي ٿي. سندس والد جمال ابڙو جنهن جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد مقام رکن ٿيون ۽ سندن آتم ڪٿا پڻ ڏاڍي مقبول آهي. بدر ابڙو پڻ ادب دوستيءَ جو موروثي اثر ورتو ۽ شروع ۾ کاٻي ڌُر جي تحريڪ ۾ پيش پيش هجڻ ڪري پنج سال جيل جي سزا ڪاٽي جنهن دوران کيس ضمير جي قيديءَ جو لقب مليو. ان کان پوءِ پنهنجي گُذر خاطر صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. اهو اهڙو وقت هو جڏهن سندس جيل ياترا سبب سندس ويجها دوست به ساڻس گڏ هلڻ کان خوف ۾ هئا. صفا محدود مالي وسيلن هوندي به بدر ابڙو جيڪو تحقيقي ڪم ڪري ان تي لکيو آهي اهو ڪمال جو آهي ۽ ڪڏهن ان جو معاوضو نه گهُريو. رني ڪوٽ جي قلعي تي اڄ تائين ڪنهن به ايترو/اهڙو ڪم نه ڪيو جيڪو بدر ابڙو ڪيو. باقاعده رني ڪوٽ جي ديوارن جو ماپون ڪري ان جي ڊيگهه ويڪر توڙي ٽڪرين جي اوچاين تي لکيو. سنڌ ماٿري تي وسندس قومن ۽ ان جي علاقائي جاگرافيءَ بابت سندن ڪتاب سنڌوءَ جو سفر پڻ پڙهڻ وٽان آهي جيڪو پاڻ هڪ مهم جو ٽيم (جنهن ۾ ڪليم لاشاري ۽ مرحوم انور پيرزادو پڻ هئا) جو حصو ٿي هڪ سفر تي لکيو. ٻيڙياتن جو اهو سفر ڪابل نديءَ جي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ کان وٺي ڪيٽي بندر تائين خشڪي توڙي درياء ۾ ٻيڙين تي هو. ان دوران مشاهدي ۾ آيل شين بابت احوال ايڏا ته دلچسپ ۽ معلوماتي آهن جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. کير ٿر جو سفر نالي سندس ڪتاب پڻ جبلن بابت عمومي معلومات سان گڏ کيرٿر تي هڪ سلسليوار ڪتاب آهي جيڪو لڳ ڀڳ سڄو کير ٿر پيرن هيٺيان ڪڍي لکيو اٿس. انسان جي ارتقا تي ڪتاب ماڻهو پڻ آهي جنهن انسان جي جسماني توڙي شعوري ترقيءَ جو عقلي دليلن سان بيان آهي. پاڻ هن مهل تائين جيڪو ڪم ڪيو اٿن سو جنون ۽ عشق ۾ فيلڊ ورڪ ڪري لکيو اٿن. سندن چوڻ آهي ته مون کي تجربو آهي جن ماڳن ڏانهن آءُ وڃان ٿو اُهي ماڳ، مڪان، جبل مون سان ڳالهائيندا آهن. منهنجي سفر جا همسفر بڻجي پوندا آهن. پاڻ سُٺا مجسما ساز پڻ آهن جنهن تي کين ايوارڊ به مليو. ڀٽائيءَ جو مجسمو ٺاهڻ سندن ڪارنامن مان هڪ آهي. ڪجهه مجسما سندن لائبريريءَ ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آيا. وسيع مطالعو رکندڙ هي شخص اڄ به مطالعي جي اڃ ۾ اڃارو آهي. سوشل ميڊيا تي مقبول و معروف ۽ سنڌ سلامت جي مئنيجنگ ايڊيٽر، منهنجي دوست سليمان وساڻ تي ڪم رکيو هُئس ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکيل ڪتاب مطالعي ۽ حوالن طور ڪم آڻڻ لاءِ گهُربل آهن. جيڪي سليمان فورن کين ڏيڻا ڪيا. ايئن آءُ ۽ سليمان ڪتابن جي ذخيري سميت وٽس سندس گهر پُهتاسين. سندن ڪتاب پڙهي ڪجهه سوال به ذهن ۾ هُئا جيڪي سندن اڳيان رکياسين ته سواءِ هڪ سوال جي باقي سڀني جو جواب ڏيڻ تي راضي هئا. اهو سوال منهنجي پُڇڻ کان اڳ ۾ ئي کين سُجهيو ٿي تنهنڪري ان جو جواب تفصيل سان لکي رکيو اٿن پر ان وصيت سان ته اهو سندن وڃڻ کان پوءِ منظر تي اچي. (تنهنڪري اهو سوال هتي به نه کولبو). سوال جواب رڪارڊ به ڪياسين پر جيئن ته هر ڪنهن وٽ وڊيو آڊيو هلائڻ جيتري نيٽ اسپيڊ نه هوندي آهي تنهنڪري اهو انٽرويو جلد ٽيڪسٽ جي صورت ۾ سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ تي رکبو. موڪلائڻ کان اڳ سندن ٻن ڪمرن جي لائبريريءَ جي ڪٻٽن مٿان سندن اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”“ديوارِ سنڌ“ ڏٺوسين ته پڇيوسين ان جو ايتريون ڪاپيو هتي؟؟؟ ”بابا اهو هڪ اداري پاران اردوءَ ۾ ڇاپيو ويو پر ڇپائڻ جو ڪم مون تي ڇڏيو ويو. ڇپائي ورتم ته چوڻ لڳا اڌ ڪاپيون اسان کي موڪل باقي وڪڻي ان مان پنهنجي معاوضو ڪڍ. جن بڪ اسٽالن تي ڪجهه ڪاپيون ڏنم ته پيسا ئي نه مليا. سو رهيل ڪاپيو ايئن اتي رهجي ويو“. چيم ”جيڪر اهي وڪڻڻيون ناهن ته اسان پڙهون؟“ چوڻ لڳا ”ها ابا. ڪتاب وڪڻي اسان جيڪي ماڙيون اڏايون سي به جڳ ڏٺيون. ڀلي کڻي وڃو“.
لک قرب اوهان جهڙن کاهوڙي دوستن جا ، محترم بدر ابڙو صاحب جو انٽرويو ٽيڪسٽ جي صورت ۾ پڙهڻ لاءِ انتظار رهندو ، سدا مرڪندا رهو شال