اها ڏات سهڻن رڳو ڏک ڏيڻ...

اها ڏات سهڻن رڳو ڏک ڏيڻ ....
___________________________

اها ڏات سهڻن رڳو ڏک ڏيئڻ ،ڪيڏو ڀي ڪجي خوش غصي ۾ رهڻ .
تڏهن به وڻي ٿي انهن جي ادا، رڳو تعنا تنڪا اسان کي ملڻ .
رهي روح ۾ ٿو وندر وات ۾ ، نه ڪا پل آ اهڙي ڪجي ياد جي .
سڄي هي حياتي ۽ پورو جيون ،ڪيو ساب سڪ ۾ اسان آ سڄڻ.
سدان سهڻا سينگاريل صورتن ،ڏسڻ ساڻ من کي مرڪون ڏين .
هي چهرو مثل چنڊ ،چنڊ کان آ وڌ، جتي سج به شرماجي آ پوڻ .
سدان سک جي چنتا اندر ۾ رهي، نه تڪليف ۾ منهنجو يار ٿي .
انهيءَ ئي فڪر ۾ فڪرات آ، اهو سوچي سورن ۾ پنهنجو جهڄڻ .
ڪڏهن ٿا پڇون هت هوان کان اسان، ڪڏهن چنڊ پڇندي پڪارن ۾ هون.
ڪڏهن خواب گهڙندي گهرون ٿا پرين ،نه جي ٿو ملي پو اسان جو لڇڻ .

لبستم دائودپوٽه.
 
Jx0DsL.jpg
 
Back
Top