پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    ( اخبار رپورٽ)
    پيرڳوٺ لڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي جرڳي ذريعي ڪارو ڪري قتل ڪرڻ جي فتوى، حملي جي ڊپ سبب نوجوان جا مائٽ گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ لڏ پلاڻ ڪري ويا، ”اسان پسند جي شادي ڪري ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، مارجي وڃون ته قتل جي فتوى ڏيندڙ مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي جوڙي جي دانهن“، ان ڏس ۾ پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ وسڻ ڪانهر جي ناري خديجه ڪانهر پنهنجي مڙس شير محمد ڪانهر سان گڏ پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان 2 مهينا اڳ گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو هو ۽ 5 ڏينهن اڳ برادري جي ڪجهه چڱن مڙسن جي نگراني ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ برادري جي ماڻهن اسان کي ڪارو قرار ڏيندي قتل جي فتوى ٻڌائي آهي، جڏهن ته فتوى ۾ اسان جي هٿ نه اچڻ تي نوجوان شير ڪانهر جي مائٽن کي قتل ۽ سندن عورتون اغوا ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته پيرڳوٺ ٿاڻي تي 3 ڏينهن اڳ منهنجي مڙس ۽ ان جي ٻين مائٽن تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، هن چيو ته جرڳي ۾ فتوى ڏيڻ بعد حملي جي ڊپ سبب اسان جا مائٽ نبي بخش، ا، شير محمد، منٺار، بشير، امان الله، محمد صالح ڪانهر ۽ ٻيا گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ هليا ويا آهن، هنن اهو به چيو ته پيرڳوٺ پوليس به هنن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ اسان جي بند پيل گهرن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جو سامان کڻڻ سان گڏ گهرن توڙي سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪندي سخت نقصان پهچايو ويو آهي، هنن آر پي او سکر ۽ ڊي پي او خيرپور کان گهر ڪئي ته اسان کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي فتوى ڏيندڙ وڏيرن ۽ پيرڳوٺ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪري گڏ زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻئي طرف ڪانهر برادري جي چڱي مڙس انور حسين ڪانهر ۽ محمد مراد ڪانهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته خديجه ڪانهر ۽ شير ڪانهر پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد جرڳو ڪري کين ڪارو قرار ڏيڻ واري فتوى بابت کين ڪابه ڄاڻ نه آهي، ڇاڪاڻ ته نه ئي اهڙو جرڳو ٿيو آهي ۽ نه ئي کين اهڙي خبر آهي، جرڳو ڪرڻ جا الزام اجايا آهن( kawish report.)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو