• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيارل پيار تنهنجي کي ...

پيارل پيار تنهنجي کي .....
_____________

پيارل پيار تنهنجي کي سڪ ساري هنجون هاريان
فڪر هن ير فراقن ۾ اکين مان نير پيو ڳاڙيان
اوهان جو ڏيل ڏمريل جي رهي ڪاوڙ جي قربن ۾
اسان هيڻا پوحيسيل هون دل کي درد ڏيئي ساڙيان
اوهان جي سونهن صورت کي نظر ۾ ئي رکيو آهي
اندر ۾ اوج آ تنهنجو سڪ ۾ پيو توکي ساريان
سماع تنهنجو رهي اڪثر اکين اوجهل نه آهين تون
جتي ڀي ٿو رهان راڻا رکي گڏ تو اندر ٺاريان
هي دنيا درد وندي آ سڀن کي سور ڏي سختيون
بچو ڪو ڪين آ هن کان دل ۾ ڌيان جي ڌاريان

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top