ُوفائن کان پڇو هاڻي ....

وفائن کان پڇون هاڻي اڃا ڪيڏو سفر آهي
_________________________

وفائن کان پڇون هاڻي اڃا ڪيڏو سفر آهي
عمر ٿي وئي گذر ساري ڀلون جي ٿا ڪفرآهي
رهي هلچل هميشه آ سدان سڪ ۾ سهڻل لئه
محبت ۾ مياري نه ٿيان اهو اهڙو فڪر آهي
لڳائي نينهن جوناتو نبيرو نينهن جو ڪين ٿيو
اسان جي عشق اولانڀا سدائين ير ثمر آهي
سڙِي ٿي خاڪ ويو هينئڙوبنادونهين نه ڪائي ٻاڦ
نه سمجهو ڪو اسان کي آ ڏکن جو ڀي ڏمرآهي
اڃا تائين رهي آ اڃ نه ٿي هي پياس پوري آ
سدان دلبر جي ديدن لئه چاهت کي چڪرآهي

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top