رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان وٽ عشق آزين ۾
_________________
اسان وٽ عشق آزين ۾ هتي هو بره بازين ۾
سهڻا هن سدان نازن نئين ترتيب تازين ۾ ...
اسان جي روح جا راڻا ڪرن پيا ٿا سدان ماڻا
لڳل لنون جا آهن لاڻا ائين ڄڻ نينهن نازين ۾
اسان جي تانگه ۾ تک آ نه سمجهي ٿا سگهن سياڻا
اسان جن لئه هو ڪوماڻا اهي رمزن نه رازن ۾
اسان وٽ نينهن جا نياپا هتي ڪل ڪاپڙي ناهين
اسان جي دم دلاسي لئه نه ئي ڪو راڳ سازن ۾
چون ٿا چاه چريو آ ائين سادي سٻاجهي سڪ
سڄي هن ڪائناتن ۾ ٻڌي ڪو ڪو آوازن ۾
لبستم دائودپوٽه