• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ائين سڪڻي اسان جي حب ...

ائين سڪڻي اسان جي حب ....
_______________________
ائين سڪڻي اسان جي حب ڏسي حسن حرکي پئي
ائين ڪو لام لاڙِي ڪو جي مرڪي ٿو ته مرڪي پئي
اکين ۾ آس هردم هي رکي ڦرندي رهي ڦيرا
سدائين مست محبت لئه ائين چاهت ۾ چرڪي پئي
پڇائي ٿي پرين جي لاءِ پر ۾ پيار تر ۾ تک
وندر هن کي ڇڙو سڪ سان ائين بس ڍار ڍرڪي پئي
وطن جي ديس جا سهڻا لڳن هن کي سڀئي منظر
ديسي سيڻ سدان ساري اندر ۾ تن لئه سرڪي پئي
اتر ۽ لاڙ لئه حيراڪ ٿر ٿوهر پڇائن ۾
وسي جي مينهن مارن تي سڪ ساري پو ڦرڪي پئي


لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top