• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صدائن ۾ سڏيان توکي يار جاني ...

صدائن ۾ سڏيان توکي يار جاني
_________________
صدائن ۾ سڏيان توکي يار جاني
ٻڌي سڏ سڪ جا ڪيو مهرباني
اوهان جي اچڻ لئه دڳن ۾ ديدون
ملو ٿين پو عيدون لهي غم گماني
حياتي جا پل هي سدان پور تنهنجو
لاهيو سور سائين وڃي حب حيراني
اچو سڪ ۾ ساريان اڱڻ هي ٻهاريان
من ماندو محبت اچو ڪيون مهماني
اهو پور پيارل نه ڪنهن کي هجي شل
اهو شوق شعله جلائي جواني
قبر ويندي ڪرتو سدان قرب جو آ
لڳي آ جو لوري نه کاڌو نه ماني

لبستم دائودپوٽه
18.09.2016
____________
 
Back
Top