اجايو اجتماعي شاديون ۽ اسان جا مسلماني احڪام ______________________________ ڪجه وري هن سوچ جا ماڻهو به آهن هن سماج ۾ ته سائين ماڻهو هڪڙا غريب آهن ٻيا امير جيڪي غريب آهن انهن وٽ نياڻين جي شادي جي به سگه نه آهي جو هو ويچارا نياڻيون جون شاديون ڪرائين ....بس پو ماڻهو شروع انهن کي زڪوات خيرات فديو سخاوت ڪرڻ جي ڪوسشن ۾ ڪي مخير حضرات اجتمائي شاديون پيا ڪرائيندا ۽ ڏاج جو بندو بست ڪري واه واه جو آواز بلند هوندو ....يا ڪي ادارا به هن بي تڪي ڪم ۾ لڳل هوندا پو انهن ڪنوارن ۽ گهوٽن جا اجتماعي فوٽو ڪڍي ڪڍي پيا سرهائي محسوس ڪندا ۽ هي ڪم ڪار خير سمجهي ثواب جا مدعي هوندا .... جڏهن ته شادي منهنجي آقا سرڪار دو عالم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم به پنهنجي نياڻن جي ڪئي جن ۾ هو عورت جي جنت جي سردار سائڻ بي بي فاطمه جنهن کي هڪ قليل ڏاج ڏيئي پوري امت کي هن ڏاج جي بيماري کان ڇوٽڪارو ڏياريو ها بابا شادي جو حڪم آ سو به پهرين ماهواري کان ٻي نه اچي ان طرف ڪنهن جو ڌيان نه آهي باقي غربت سبب شادي نه ٿي ڪري سگهجي ويچاري نياڻي نماڻي ويهي ويهي وار اڇا ٿي ويا ڪههن کي چئجي ڇا چئجي بابلا شادي جو حڪم آ احتمام جو نه ڏاج جو نه وليمي جو ڏيکاءَ جو نه ...هي رسم رواج مسلماني صرف سنت رسول آهي جيڪا صرف نڪاح پڻهائڻو آهي بالغ جيئن کي نه ڪي ڏاج رواج لاءِ ڪو عضر ڪري ڪري نياڻين جي بيک ڪڍڻي آ ...جي گهٽ ڏاج يا مو رڳو سادي نڪاح ڪرڻ سان بي عزتي ٿي ٿي ته وري هن اجتماعي شادي سان ڪهڙو هن جي عزت ۾ چار چنڊ لڳي ٿا وڃن .... . . . سوچ جي سوچي سگهين ...لوچ جي لوچي سگهين