ﺍﺑﻮ ﺍﻟﺤﺴﻦ ڏﺍﮬﺮﻱ ﺳﻨﮅﻱﺀَ، ﻋﺮﺑﻲﺀَ ۽ ﻓﺎﺭﺳﻲﺀَ ﺟﻮ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﻮ. ﻫﻮ ﻧﻮﺍﺏ ﺷﺎﻫﻪ ( ﻫﺎﮢﻲ ﺿﻠﻌﻲ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮﺁﺑﺎﺩ) ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ’ ﺳﺎﻭڙﻱﺀَ ‘ ۾ 1116 ﻫﻪ 1704/ ﻉ ۾ ﭴﺎﺋﻮ. 1136ﻫﻪ 1723/ ﻉ ۾ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﮘڙﻫﻪ ﭘڙﻫﮡ ﻻﺀِ ﻭﻳﻮ. ڪﺎﭠﻴﺎﻭﺍڙ- ﮔﺠﺮﺍﺕ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺳﻔﺮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪﺱ ڪﻼﻡ ﻣﻠﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ﻧﺜﺮ ۾ ﻃﺮﻳﻘﺖ، ﺷﺮﻳﻌﺖ، ﺣﻘﻴﻘﺖ ۽ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺟﻬڙﻥ ﻣﻮﺿﻮﻋﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ . - ﺍﻥ- ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ - ﺗﺼﻮﻑ- ۽ ﭔﻴﻦ ﻧڪﺘﻦ ﺗﻲ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ. ’ ڪﭽڪﻮﻝ ﻧﺎﻣﻮ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺘﺎﺏ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﻮ 1176ﻫﻪ 1762/ ﻉ ۾ ﺗﺎﻟﻴﻒ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. - ﺍﻥ - ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀِ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﺘﺎﺏ -ﺗﺼﻮﻑ - ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻧڪﺘﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ . ’ﺳﺎﻭڙﻱﺀَ ‘ ۾ ﻣﺪﺭﺳﻮ ﻗﺎﺋﻢ ڪﺮﻱ ﺩﺭﺱ ۽ ﺗﺪﺭﻳﺲ ﺟﻮ ﺷﻐﻞ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. 1181ﻫﻪ 1767/ ﻉ ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻫﺎﮢﻮڪﻲ ﺩﺅڙ -ﺍﺳٽﻴﺸﻦ- ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ’ ﺍَﺑُﻞ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎﻥ ۾ ﻣﺪﻓﻮﻥ ﺁﻫﻲ. ﻫﻦ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﺎ ڪﺠﻬﻪ ﻓﺎﺭﺳﻲﺀَ ۽ ﻋﺮﺑﻲﺀَ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻗﻠﻤﻲ ﻧﺴﺨﺎ ﻫﭣ ﺁﻳﺎ ﺁﻫﻦ، - ﺟﻦ- ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺗﻲ ڪﻦ ﻣﺤﻘﻘﻦ ﺟﻮ ﺭﺍﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ’ﻣﻘﺪﻣﺔ ﺍﻟﺼﻠﻮﺍﺓ ‘ ﺟﻮ ﻣﺼﻨﻒ ﺍﺑﻮﺍﻟﺤﺴﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﻫﻲﺀُ ﺁﻫﻲ، ﭘﺮ ﺍﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍﭸﺎ - ﺗﺤﻘﻴﻖ- ﻃﻠﺐ ﺁﻫﻲ