ﺑﻴﮕﻢ ﮔﻼﻥ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮﻭ : ﻫﻲ ﻣﺎﮖ ڪﻠﮭﻮڙﻥ ﺟﻲ ﺻﺎﺣﺒﻲ 1800-1873 ﻉ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺍڏﻳﻞ. ﻣﻴﺎﻥ ﻧﻮﺭﻣﺤﻤﺪ ڪﻠﮭﻮڙﻱ ﺟﻮ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎﻥ. ﺩﻳﻬﻪ ۽ ﮘﻮﭞ ﻧﻮﺭﻣﺤﻤﺪ -ﺗﻌﻠﻘﻮ- ﺩﻭﻟﺘﭙﻮﺭ، ﺿﻠﻌﻮ ﻧﻮﺍﺏ ﺷﺎﮪ. ﮬﻦ ﻣﺎﮖ ﺟﻲ ڏﮐﮡ ۾ ﺍٽڪﻞ ﮬڪ ڪﻠﻮ ﻣﻴٽﺮ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﻧﻢ ﺟﻮ ﮘﻮﭞ، - ﺍﻭﭜﺮ- ۾ ﮬڪ ڪﻠﻮ ﻣﻴٽﺮ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﻟﻨڊڪﻲ ڪﺌﻨﺎﻝ، ﻣﻘﻴﻢ ڏﺍﮬﺮﻱ ﺟﻮ ﮘﻮﭞ ﮬﺘﺎﻥ ﮐﺎﻥ 3 ڪﻠﻮ ﻣﻴٽﺮ ﺍﻭﻟﮭﻪ ۾ ۽ ﻣﻮﺭﻭ ﺷﮭﺮ ﮬﺘﺎﻥ ﮐﺎﻥ 16 ڪﻠﻮﻣﻴٽﺮﻥ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﺁﮬﻲ. ﮬﻲ ﻣﺎﮖ -ﺍﺗﺮ- ﻭﻳڪﺮﺍﺋﻲ ﭰﺎڪ '\'\50'\26032 ۽ - ﺍﻭﭜﺮ- ڊﮔﮭﺎﺋﻲ ﭰﺎڪ '\'\8'\6804 ڊﮔﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﮬﻲ. ﺑﻴﮕﻢ ﮔﻼﻥ ﻣﻴﺎﻥ ﻧﻮﺭﻣﺤﻤﺪ ڪﻠﮭﻮڙﻱ ﺟﻲ ﮔﮭﺮ ﻭﺍﺭﻱ ۽ ﻣﻴﺎﻥ ﻏﻼﻡ ﺷﺎﮬﻪ ڪﻠﮭﻮڙﻱ ﺟﻲ ﻣﺎﺀُ ﮬﺌﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻘﺒﺮﻭ ﺭﭢ ۾ ﻣﺴﺘﻄﻴﻞ ﺁﮬﻲ. ﺟﻨﮭﻦ ﮐﻲ - ﺍﻭﭜﺮ- ۾ ﻭﻧﮕﻦ ﺳﺎﻥ ﺩﺭﻭﺍﺯﻭ ڏﻧﻞ ﺁﮬﻲ. ﻣﮭﺎڙﻱ ﭼﺌﻦ ﺍﭜﻦ ۽ ﭘﻨﺠﻦ ﺳﮅﻥ ﭘﺎﻧﻴﻠﻦ ﺳﺎﻥ ﺳﻴﻨﮕﺎﺭﻳﻞ ﺁﮬﻲ. ﺍﭜﺮﻧﺪﻱ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﻲ ﮀڏﻱ ﺑﺎﻗﻲ ﮬﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻳﻮﺍﺭ ۾ ﭘﻨﺞ ﺍﭜﺎ ۽ ﭘﻨﺞ ﺳﮅﺍ -ﭘﺎﻧﻴﻞ - ﭠﮭﻴﻞ ﺁﮬﻦ. ڏﮐﮡ ۾ ﻧﻮڪﺪﺍﺭ ﻭﻧﮓ ﺳﺎﻥ ﺭﻭﺷﻨﺪﺍﻥ ( ventilator ) ﻟﮙﻞ ﺁﮬﻲ. ﮀﭵﮭﺮﻱ ﻣﻘﺒﺮﻱ ﺟﻲ ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﭰﺮﻳﻞ ﺁﮬﻲ، ﺟﻨﮭﻦ ﺟﻲ ڪﻨڊﻥ ﻭٽ ﺑﺮﺟﻴﻮﻥ ( Turrets) ﭠﮭﻴﻞ ﺁﮬﻦ . ﻣﻘﺒﺮﻱ ﮐﻲ ﻣﺤﺮﺍﺑﻲ ﮀﺖ ﺁﮬﻲ؛ ﺟﻨﮭﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ڪﻮﮢﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﺑﺘﻮ ﮔﻞ ﭠﮭﻴﻞ ﺁﮬﻲ - ﺍﻥ - ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻥ ڪﻠﺲ ڏﻧﻞ ﺁﮬﻲ. ﺍﻧﺪﺭﺍﻥ ﭔﺎﮬﺮﺍﻥ ﮔﭻ ﮔﺎﺭﻱ ﺳﺎﻥ ﻟﻨﺐ ﭤﻴﻞ ﺁﮬﻲ . ﮔﻞ ﭔﻮٽﻦ ﺟﺎ ﮄﻧﮅﻻ ﻋڪﺲ ﺍﭸﺎ ﺑﻴﭡﺎ ﺁﮬﻦ. ﺍﻧﺪﺭ ﺍﻭﻟﮭﻪ ﻭﺍﺭﻱ ﺩﻳﻮﺍﺭ ﺗﻲ ﺍﻧﺪﺭﺋﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﻭﻧﮕﺎﻭﺍﻥ -ﭘﺎﻧﻴﻞ - ﭠﮭﻴﻞ ﺁﮬﻦ. ﺍﮬڙﻱ ﻃﺮﺡ ڏﮐﮡ ۽ - ﺍﻭﭜﺮ- ۾ ﺑﻪ ﺍﮬڙﺍ ﮔﮭﮡ ﺭﺍﺳﻲ ﻭﻧﮕﻦ ﻭﺍﺭﺍ - ﭘﺎﻧﻴﻞ- ڏﻧﻞ ﺁﮬﻦ. ﭜﺘﻴﻮﻥ ﺍﻧﺪﺭﺋﻴﻦ ﻃﺮﻑ ﭼٽﻴﻞ ﺁﮬﻦ. ﮬﻦ ﻭﻗﺖ ﻣﻘﺒﺮﻱ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺳﭡﻲ ڪﺎﻧﻪ ﺁﮬﻲ. ﮬﻨﮅﺍﻥ ﮬﻨﮅﺍﻥ ڏﺭﻱ ﭘﻴﻮ ﺁﮬﻲ. ﭼﻮﮄﺍﺭﻱ ﺟﮭﻨﮕﻠﻲ - ﭔﻮٽﺎ- ﻭڪﻮڙﺟﻲ ﻭﻳﺎ ﺍﭤﺲ . ﺳﻢ ۽ ڪﻠﺮ ﺍڏﺍﻭﺕ ﺟﻲ ﺭﻧﮕﻴﻨﻲ ﺗﻲ ﮔﮭﮣﻮ ﺍﺛﺮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭤﻲ ﺁﮬﻲ . ﺁﺭڪﻴﺎﻻﺟﻲ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﺳﻨﭝﺎﻝ ۾ ﺁﻳﻞ ﮬﻲ ﻣﺎﮖ - ﺗﺮﺕ- ﻣﺮﺍﻣﺖ ﮔﮭﺮﻱ ﭤﻮ
بهترين تاريخي ڄاڻ ، انهي سان گڏوگڏ اگر ماڳ جون ڪجھ تصويرون به شيئر ٿين ها ته جيڪر ليک کي چار چنڊ لڳي وڃن ها