• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نينهن ٿيو نروار...

نت نهوڙيو نينهن روئي ٻار جيئن
اسان وٽ عشق آيو کرڙيون هڻندي هيئن
قرب ڪبو آ ڪيئن سڪندي سال لنگهي ويا
....................................
نت نهوڙيو نينهن رانديون ڪندي روح سان
اسان الهڙ آس ۾ ٽانڊا ٻرن جيئن
هي نانگن جهڙي نينهن ور وراڪا وار ڪيا
.......................................
اسان سڪ سڙون پڄري رهون پيار ۾
سدان ياد جن جي اکين رهن سار ۾
نينهن نظر نهار ۾ جن ڏٺو جهوري جهريا
...................................
اسان ساريو يار پر ۾ پيار پڪار
هوائن جي هت پو هلي پئي حٻڪار
گلن جي گلزار باغن جهڙو بره ٿيو
..................................
اذڪروني اظهار فذ ڪروني فڪر
لاهي ڪٽ قلوب مان محبت ميم مظهر
هاڻي ظاهر ۾ به ذڪر فنا ٿيا في الله ۾



لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top