• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محمد حسين کان مسئلو آهي ؟

ادب لفظ جي لفظي معني ته اخلاق آهي...پر ادب جو صنفون ۽ مفهوم مخلتف آهن...
ادب اها شئي آهي، جڏهن انسان ۾ ادب ايندو آهي، ته زندگي هڪ بهترين انداز سان جيئڻ جو ڍنگ اچي ويندو آهي...اهو انسان معاشري ۾ اخلاقي قدرن جي حدن اندر هڪ سندر زندگي گذاريندو آهي...جنهن ۾ معاشري ۾ هڪ اعلي انداز سان اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ، کائڻ، پيئڻ جو ڍنگ، ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڍنگ...اهي سڀ ڍنگ، رنگ ۽ انداز انسان جي اندر ۾ صرف ادب پيدا ڪندو آهي...ادب انسان کي هيٺياهين تان مٿاهين تي کڻي ويندو آهي..هن کي جيئڻ جو هڪ الڳ دڳ ڏسيندو آهي...ان کان علاوه ادب انسان کي خوبصورت سوچون، تهذيب، اخلاق به ڏيندو آهي..ادب کان خالي انسان ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، سندس جيئڻ جو رنگ ۽ ڍنگ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ان جي اهميت جو اندازو مٿيون خلاصو پڙهڻ کانپو هاڻي اوهان خود لڳائي سگهو ٿا..ان ڪري پنهنجو به احتساب ڪريو، ته ادب جي ميدان ۾ اوهان ڪٿي بيٺل آهيو...ادب ئي دنيا جي هر قوم ۽ سماج ۾ بهترين شاعر، فلاسافر، عالم ۽ مفڪر پيدا ڪندو آهي.... اصل ۾ ادب ئي انسان جي اعلي انساني قدرن جو بنياد آهي...(هي منهنجي ادب متعلق پنهنجي ذاتي سوچ آهي) جنهن سان ڪنهنجو متفق هجڻ لازمي نه آهي...منهنجو سنڌي بلاگ وزٽ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو
 
ناول اطالوي ٻوليءَ جي لفظ Noveela مان ورتل آهي، لغوي اعتبار سان ناول جي معنيٰ نادر ۽ نئي ڳالھ آهي، پر ادبي صنف ۾ هِن جو مطلب بنيادي زندگيءَ جي حقيقتن کان آگاھ ڪرڻ آهي. ناول جيڪڏهن ڊگھي تعريف ڪي وڃي ته اُها ڪجهه هيئن ٿيندي ” ناول هڪ نثري قصو آهي جنهن ۾ هڪ مڪمل زندگي بيان ڪي وڃي ٿِي“ ناول جي ترڪيبي عنصرن ۾ ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، مڪالما، اسلوب ۽ موضوع وغيره شامل هوندا آهن.
 
Back
Top