ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ هاري جي ڪهاڻي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2016۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    اظهر سولنگي جي مختصر ڪهاڻي

    غلام



    غلام قنمبر جي ڳوٺ جي هڪ ستر ساله پيرسن پيش امام جو پٽ هو. هو مسڪيني جي ڪري ڳوٺ جي زميندار وٽ اوطاق جي صفائي ۽ گلن ٻوٽن کي پاڻي ڏيندو هو، سٺو ڪم نه هجڻ ڪري گذرسفر ۾ تنگي ٿي رهي هئس ان ڪري هاڻي هن پنهنجي پيرسن پيش امام پيء سان سڄو حال اوريو ته گهر جون ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ جيڪو ڪاميون ٿا اهو تمام ٿورو آهي جنهن ڪري گهر جون ضرورتون پوريون ناهن ٿي رهيون، بابا ڀلا ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪجي، ٻنهي پي پٽ صلاح ڪئي تهپرڀرو هڪ ٻئي ڳوٺ جي چڱي مڙس جي زمين هارپي تي ملي پوي ته ڏاڍو چڱو ٿي پوندو. ٻئي ڏينهن صبح جوفجر جي نماز پڙهي خير جي دعا گهري سوير ئي ٻئي ڄڻا توڪل ڪري نئين اميد کڻيزميندار ڏانهن نڪري پيا. وڏيرو پنهنجي اوطاق تي ڪمندار ڪاراون سان ڳالهائي رهيو هو، اڳيان ٽيبل تي پيل چانهه جو ڪپ هٿ ۾ کڻي سپ ڀريندي ڪمندار کي چئي رهيو هو ته جيڪي هاري زمين جو ڪم صحيح نٿا ڪن انهن کي جواب ڏئي ڇڏ... ۽ ٻڌ..!اهو چئي ڇڏين ته حساب ڪتاب به ڇڏائي وڃن. زميندار جي اهڙي گفتگو ٻڌي هنن پيء پٽ جا به پنج وجي ويا پر ان سان گڏ هڪ اميد به ٻنهي پيء پٽ جي من ۾ پيدا ٿي ته هاڻي اسان جو ڪم ٿي سگهي ٿو.
    ويجهو ايندي ئي زميندار سان سلام ورائي جهڪي مليا زميندار ڪنڌ ورائي پاسي کان بيٺل ڪمندار ڏانهن ڏسندي غلام ۽ سندس پيء کان پڇيو ڏيو خبر بابا ڪيئن اچڻ ٿيو آهي..؟
    اتي ئي بيٺي پيرين غلام جي پيء وراڻيو سائين غريب آهيون مسڪيني حال آهي گذر سفر ۾ ڏاڍي تنگي آهي. زميندار ٽيبل تي پيل چانهه جو ڪپ ٻيهر هٿ ۾ کڻي چانهه جي سپ ڀري ۽ پيرسنپنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو. ”سائينجي نه ٻني جا ٻه ٻارڙا ملي پون ته ڏاڍو چڱو،... سائين اهو عرض کڻي آيا آهيون“.
    زميندار غلام ۽ پڻس کي کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پنهنجي زمينداري جي هارين لاء پرائويسي ٻڌائيندي چيو ته ”بابا اسان جا هارپي لاءڪجهه شرط آهن جيڪي ٻڌائڻ اوهان کي ٻڌائڻ لازمي آهن.. پوء اوهان جي مرضي آهي مڃو ته اسين حاضر آهيون نه ته اوهين دل جا مالڪ آهيو“...

    هارپي لاء شرط هوندا اهو ٻڌي في الحال ته هي پي پٽ وٺجي ويا ته ڪهڙا شرط ٿي سگهن ٿا پر تڏهن به هنن روزگار خاطر سوچيو ته ٻڌجي ته ڇاٿو چوي.. ٻنهي پيء پٽ هڪٻئي کي ڏٺو ۽ چيو ته..” سائين حڪم ڪيو،“
    ”بابا ها ته ڳالهه هي آهي،،“ زميندار تجسس مان وراڻيو. ”ته اسان هارپو ان هاري کي ڏينداسين جيڪو اسان کي ايڊوانس ۾ زمين جي خرچي ۾ حصو ڏيندو... ٺيڪ آ نه بابا.. اڄ ڪالهه جا هاري ايوريج مطابق پيدار نٿا ڏين.. زمين تي خرچ وڏا ۽ فائدو صفا ڪونهي، ڪي هاري ته فصل مان چوري به ڪن ٿا، هاڻي جيڪڏهن نه توهان هڪڙو اٺاس (اٺ جريب) هارپو ڪندو ته اسان کي ايڊوانس ۾ 30 هزار روپيا توهان کي ڏيڻا پوندا. ان کان گهٽ ڪابه رعايت ناهي بابا.. جي ها ته پوء ٺيڪ آ .... نه ته....!“
    ٻئي ڄڻا سوچ ۾ اچي ويا ته هي ڪهڙو هارپو آهي. پر سڄي ڳالهه زميندار جي آهي ڇا ڪنداسين. ، ”سائين پاڻ ۾ اسين صلاح ڪيون ته پوء ٻڌايون ٿا“. هنن وراڻيو.
    ”ها بابا ستت ٻڌائجو ، اوهان غريب آهيو اول اوهان نه تهٻيا به هاري چون پيا..“ زميندار ائين چئي ڪار ۾ چڙهي شهر ڏانهن روانو ٿيو. گاڏي گهوگٽ ڪندي هلي وئي،....
    غلام ۽ سندس پيش امام پيء وٽ ايتري هڙ نه هئي جو هارپي ڪرڻ لاء زمين وٺي سگهن اهو بيوسي منجهان اهو سوچي ماٺڙي سان پنهنجي ساڳي ڪرت سان لڳي ويا
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو