• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي لکڻ ۾ مسئلو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم...
سنڌسلامت جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ھڪ مسئلو پيو اچي، جيڪڏھن ايم بي سنڌي فعال آھي تہ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ سنڌي لکجي پئي، پر جيئن ئي ايم.بي سنڌي غير فعال ٿو ڪريان تہ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ڪو بہ اکر نٿو لکجي....
مون وٽ ڪروم آھي.
 
اهو مسئلو گوگل ڪروم جي 53 ورجن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي... جڏهن ته باقي برائوزرس ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر درست ڪم ڪري رهيو آهي..
ان سلسلي ۾ جيسين مسئلي کي فڪس ڪجي عارضي حل هيٺ ڏجن ٿا...
توهان گوگل ڪروم کي ڊائونگريڊ ڪندي 52 ورجن استعمال ڪريو ..
متبادل برائوزر فائرفاڪس استعمال ڪريو..
يا وري پنهنجي نالي تي ڪلڪ ڪندي ترجيحون تي اچو ۽ تحرير لکڻ ۽ ان جي ترميم لاءِ رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر استعمال ڪريو کي ان چيڪ ڪريو
0kksnPI.jpg


l23I2q.jpg


ان سان سادو ٽيڪسٽ ايڊيٽر ظاهر ٿيندو جيڪو هوندو ته کڻي سادو پر ان ۾ سنڌي ايڊيٽر ڪم ڪندو.. :)
 
رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ سنڌي نٿي لکجي صرف انگريزي ٿِي لکجي...
رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر

مسئلي کي فڪس ڪندي سنڌي ڪيبورڊ ۾ جهه ۽ گهه کي به شامل ڪجؤ :) جيڪڏهن فونٽ جو مسئلو ٿيو ته اُنکي به اپگريڊ ڪري وٺبو :)
 
نڌسلامت جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ھڪ مسئلو پيو اچي، جيڪڏھن ايم بي سنڌي فعال آھي تہ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ سنڌي لکجي پئي، پر جيئن ئي ايم.بي سنڌي غير فعال ٿو ڪريان تہ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ڪو بہ اکر نٿو لکجي....
مون وٽ ڪروم آھي.
مون وٽ به اهو ئي مسئلو آهي
 
ڪجهه اضافي تبديليون آڻيندي سادي ايڊيٽر ۾ روايتي ٽولبار پڻ شامل ڪيو اٿم .. جنهن کان پوءِ سادو ايڊيٽر وڌيڪ بهتر انداز سان ڪم ڪري رهيو آهي.. :)


qdopu4.jpg


سائین! سادي ايڊيٽر ۾ جيستائين ايم.بي سنڌي ڪيبورڊ فعال نه ڪجي، تيستائين سنڌي نٿو لکي، انڪري ”رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر“ تي ايم.بي سنڌي فعال ڪرڻ کان پوءِ سنڌي لکي سگهجي پَئي.. هِي تحرير رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ايم.بي سنڌي فعال ڪري پوءِ لکان پيو..
 
سائین! سادي ايڊيٽر ۾ جيستائين ايم.بي سنڌي ڪيبورڊ فعال نه ڪجي، تيستائين سنڌي نٿو لکي، انڪري ”رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر“ تي ايم.بي سنڌي فعال ڪرڻ کان پوءِ سنڌي لکي سگهجي پَئي.. هِي تحرير رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ايم.بي سنڌي فعال ڪري پوءِ لکان پيو..
ڇا مطلب ؟ ڇا توهان وٽ سادي ايڊيٽر ۾ به سنڌي نه ٿي لکجي؟
 
Back
Top