اسان کي نظرن ۾ هن نهوڙيو...

اسان کي نظرن ۾ هن نهوڙيو

اسان کي نظرن ۾ هن نهوڙيو،عشق اچي آ هي پير کوڙيو
اسان الائن ۾ پيا جلون ٿا، اسان وڏو پر وڏو آ روڙيو

درياءُ دلبروانگي هو شايد، ڇولين ۾ وياسين رلجي
بڏل هياسين ٽٽل هئي ٻيڙي، توهان به تاري وري آ ٻوڙيو

هڳاءُ تنهنجي جمال جوشن ،هجوم سارا گڏيا وتن ٿا
اسان کي سڪ هي سريرپيهي، لوڙي لوڙي وري آ لوڙيو

سڀاءُ تنهنجو سخي وڻي ٿو، هجو حياتي سلامتن ۾
اسان جو جيءُ هي اوهان لئه جهوري، اوهان ڏي ڊڪ هي وڏو آ ڊوڙيو

هڪ جي لئه هي تانگه تڪڙي، هلي پئي آ شامتن ۾
رلائي راهون ڪيائين قابو، اسان هي رخ بس اوهان ڏي موڙيو

لبستم دائودپوٽه


BHTkrQZ.jpg
 
Back
Top