سنڌي ٻولي ادب سان مالا مال آهي، پر انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پير پائيندي ڪُجھ ئي سال مَس ٿيا آهن تنهن هوندي به سنڌي ادب جا لڳ ڀڳ 300 ڪتاب ”سنڌسلامت ڪتاب گهر“ ۽ 600 کان مٿي ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ويبسائٽ تي موجود آهن، تنهن هوندي به کوڙ سارا ڪتاب اڃا رِي_ڪمپوز ناهن ٿِي سگهيا. سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب انٽرنيٽ آنلائن رکڻ کانپوءِ ڪافي ماڻهن کي فائدو پهتو آهي، انڪري اسان چاهيون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جا ٻيا به ڪتاب جيڪي تمام اهم آهن ۽ گھُرج آهي ته انهن کي ٻيهر ڪمپوز ڪرائي انٽرنيٽ تي رکيا وڃن. هڪ ڪتاب ۾ وڌ ۾ وڌ 800 صفحا ٿِي سگهن ٿا ۽ گھٽ ۾ گھٽ 150 صفحا، جيڪڏهن اسان روز 1 صفحو به ڪمپوز ڪريون ته مهيني ۾ 30 صفحا ٿِي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن رضاڪاراڻه طور 50 ماڻهون گڏجي هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪَن ته 16 صفحا في ماڻهون تي ايندا. جيڪڏهن هَٿ هَٿ ڪريون ته کوڙ سارا اهڙا ڪتاب جيڪي اڃا ڪمپوز ناهن ٿيا اُهي ڪمپوز ٿي سگهن ٿا ۽ کوڙ ماڻهون ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪو دوست رضاڪاراڻه طور حصو وٺڻ چاهي ته اُهو پنهنجي ايميل ۽ فيسبوڪ لِنڪ موڪلي ، سندس جا وڏا وڙ ٿيندا.
سائين اسان جو هر وقت اوهان سان ساٿ رهندو ۽ اوهان سان گڏ آهيون . منهنجي اي ميل imdadqadri786@yahoo.com آهي.