• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڀيچو اٿيو آ لميچو لتاڙي ...

اڀيچو اٿيو آ لميچو لتاڙي
______________

اڀيچو اٿيو آ لميچو لتاڙي
وچولي جا واڪ ائين هانءُ ڦاڙي
ٿر ڇو ٻاٻيهي نه ٻوليو وري آ
اڪن نيرا ڦليا وندر ڪين واڙي
رنڀي روڙ ۾ يرڪنبي ڪاڇو آ پيو
اهو کير ٿر ڀي ڪٿي ڪو ٿو تاڙي !
منهنجا ديس واسيو ڪيون ڪا تياري
شروع ٿا ڪيون اڄ اوڙي ۽ پاڙي
پنهنجو ديس پيارو وطن هي موچارو
غلاظت ۾ ڀريو آهي غير ڀاڙيي
سڃي سنڌ لحرن دريا جي ڇولين
اٿيا ديس دلبر قطارون ڪنداڙي
نه روئندي جتي ماءُ نه ڀني ڀيڻ ٿيندي
ان لئه اٿي سوچ سڪ سڀ سلهاڙي
نه ڌاريو ڪو ڌوتو هوندو ديس پنهنجي
خوشيون کوڙهونديون نه ڦربوڪوڌاڙي

لبستم دائودپوٽه


29876671141_6b6d0156ae_o.jpg
 
Back
Top