ڪڇ-ڀُڄ جي سنڌي ليکڪ ڪلاڌر مُتوا جو اجرڪ بابت ليک ====================================== ٻنيءَ جو ڪو مالوندو ماڻهو اجرڪ ڪلهي ڪري ٻني ڇڏي جيئن ئي ٻنيءَ جي ڪنڌيءَ تي آيل ڪنهن ڳوٺ ۾ يا ڀُڄ جهڙي شهر ۾داخل ٿيندو آهي ته ڏسندڙ جي من ۾ سنڌي سڄڻ وارو خيال از خود سُري ايندو آهي. سندس مک مان ‘ ڀلين آوين ٻيلي ڀلين آوين’ اچو ڀا اچو’ جهڙا لفظ منهن مان نڪري ويندا آهن. جنهن جي معني اها ٿي ته ڪڇ ۾ به اجرڪ سڃاڻپ آهي ٻنيار سنڌي ماڻهوءُ جي، ٻنيءَ جي ، سنڌيت جي . ٻني ۽ ٻنيءَ سان سٽيل پڇم ايراضيءَ ۾ به اجرڪ جو واهپو عام جام آهي. ٻنيءَ کان علاوه واڳڙ، لکپت ۽ ابڙاسي تعلقي جي ساحلي ايراضين ۾ به عوام اجرڪ جو استعمال ڪري ٿو. ڪو زمانو هو جو ڪڇ جو سنڌ سان اچ وڃ وارو سلسلو هو. ماڻهو آزاد نموني اٺن ذريعي رڻ وارو رستو لتاڙي سنڌ ايندا ويندا رهنداهئا. ته ڏڪر وغيرهه جهڙي حالتن ۾ به مالوندا ماڻهو پنهنجا ڍور ڍڳا ڪاهي سنڌ جو رخ ڪندا هئا. ائين آمد و رفت جي ڪري سنڌ جي ٻين شين جيان اجرڪ تائين به ماڻهن جي رسائي بلڪل آسان هئي. اجرڪ سرحد اورانگھي اچي ٻنيار ماڻهوءَ جي سرير جي سونهن بڻبي هئي. نيروڻي، ڌمڙڪي، انجار ، ڀڄ يا کاوڙي جا کٽي پٺارڪن تي اجرڪ کڻي وڪري لاءِ ڳوٺان ڳوٺ گھمندا هئا . اجرڪن سان گڏ گجن، گربين، ٻانڌڻ کهنبن، ۽ ڪارن رومالن جو واپار، سودو به ڪندا هئا. ٻني ۽ پڇم ۾ اجرڪ جو لباس ۾ ڀرپور استعمال ٿيندو هو. ٻنيءَ جو ماڻهو هڪ ئي وقت تي ٽي ٽي اجرڪ استعمال ڪندو هو. هڪ اجرڪ جي گوڏ ٻڌندو هو، ته ٻيءَ جو پٽڪو، ۽ ٽي ڪلهن ۾. مرڻي پرڻي ۾ به اجرڪ جو استعمال ٿيندو آهي. شاديءَ جي موقعي تي دل گھرئي دوست کي اجرڪ ڪلهن ۾ پهرائڻ کان سواءِ ٻي ڪهڙي وڌيڪ قيمتي شيءِ ٿي سگھي ٿي؟ ٻار جي جنم تي به ننڍڙي اجرڪ ڏيڻ جو رواج آهي. ته مرڻ وقت ميت جي مڙهه کي به اجرڪ سان سينگاري مقام تائين پهچايو ويندو آهي. ائين گھر کان قبر تائين اجرڪ جيون سان جڙي پئي آهي ، اها آهي اجرڪ جي عظمت. اڄ به ڪڇ جي تقريبن تمام مسلم قبيلن جي ريتين رواجن ۾ اجرڪ پنهنجو مقام برقرار رکيو ويٺي آهي. ها، ڪن تبديلين جي اچڻ جي ڪري اجرڪ جو واهپو ٿورو گھٽجيو به ضرور آهي. اجرڪ جو ناتو سنڌي ثقافت سان تقريبن 450 هزار ورهن کان آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو رشتو ست هزار سالن کان هلندو پيو ٿو اچي. هونئن ته ڪڇ ۽ سنڌ ڪنهن زماني ۾ هڪ هئا. پر پوءِ به جيستائين ڪڇ جي رشتي جي ڳالهه ڪجي ته ڪڇ جي ڪاريگرن جي ستين پيڙهي به هن فن سان نينهن جو ناتو نڀايو ويٺي آهي. کتري قوم جي نئين نسل جا نوجوان اڄ به اجرڪ اصل روپ ۾ رڱي سگھن ٿا.. سنڌ جيان ڪڇ ۾ به قدرتي رنگن سان اجرڪ رڱي ويندي هئي. 1941 ڌاري بازار ۾ ڪيميڪل ڪلرس آيا. ۽ انهن رنگن ٻين فنن سان گڏ اجرڪ سان به هٿ ملايو. ائين هاڻي انهن ئي ڪيميڪل رنگن سان اجرڪ ڪڇ ۾ رڱجي ٿي. ڌمڙڪي ڳوٺ ۾ رهندڙ اسماعيل کتريءَ جهڙا ڪي ڪاريگر اڃا به آهن جيڪي نيچرل ڪلر ۾ به اجرڪ ٺاهي ڄاڻن. پر اڄ جي دور ۾ نيچرل ڪلرس ۾ اجرڪ ٺاهڻ مهانگو پئجي وڃي ٿو. جنهن جي قيمت وڌي وڄي ٿي ۽ گراهڪ جي خريد ڪرڻ واري سگھ کان ٻاهر جي ڳالهه ٿي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري هاڻي اڪثر ڪيميڪل رنگن ۾ ئي اجرڪ تيار ٿيندي آهي. لاشڪ قدرتي رنگن سان رڱيل اجرڪ پنهنجو مٽ پاڻ هوندي آهي. جنهن جا گڻ انيڪ آهن جيڪي ڪيميڪل رنگن سان رڱيل اجرڪ ۾ ڪٿان ايندا؟. پر ڏيک جي لحاظ کان ڪيميڪل رنگن واري اجرڪ وڌيڪ جاذبِ نظر، وڌيڪ اکين کي وڻندڙ لڳندي آهي. انهي ڪري اڄ جي زماني جي خريدار کي اهي اجرڪون وڌيڪ پاڻ ڏانهن ڇڪينديون آهن. اجرڪ بلاڪ پرنٽنگ جو هڪڙو حصو آهي. ڪڇ ۾ 550 کان 600 بلاڪ پرنٽنگ سان جڙيل ڪاريگر آهن. جن مان ڳاڻ ڳڻيا ڪاريگر اجرڪ ڇاپڻ واري ڪم سان واڳيل آهن. ڪڇ ۾ سينگل حاشي واري ، ڊبل حاشي واري ۽ ٽن حاشن واري اجرڪ جي ڇپائي ٿيندي آهي. انهن اجرڪن جي تر ۾ جيڪي ڊزائين وڌا ويندا آهن تن ڊزائينن کي اجرڪ جي ٻوليءَ ۾ ريال، ڪوري، مهر، انڀي مهر، مينهن پڙي، ڦلڙي، پينچو، ماڻيڪ، چمپا ڪلي، ڪڪر، مڪڙو نالن سان سڃاتو ويندو آهي. ڪڇ ۾ اجرڪ جا خريدار صرف مالوندا ماڻهو هئا. جيڪي پنهجي لباس ۾ اجرڪ جو استعمال ڪندا هئا. مالوندا ماڻهو گھڻوتڻو پنهنجي علائقي تائين محدود هوندا هئا. آمدو رفت جا ذريعا گھٽ هوندا هئا. انهي ڪري ڪڇ کان ٻاهر گجرات طرف اچ وڄ گھٽ هوندي هئي. جيئن روڊ رستا ٺهيا، ۽ آمدو رفت جا وسيلا وڌيا ته مالوندا ماڻهو به ٻني يا ڪڇ کان ٻاهر نڪرڻ لڳا. ٻاهرين دنيا جي رابطي ۾ اچڻ سبب ويس وڳن ۾ تبديلي آئي ۽ اجرڪ ماڻهن کان پاسيرو ٿيندي وئي. هاڻي ڏهه فيصد ماڻهو مس اجرڪ جو استعمال ڪن ٿا. اڃا به ٻنيءَ جهڙي علائقي ۾ هر گھر ۾ هڪ اڌ اجرڪ ته پنهنجو وجود قائم رکيو ويٺي آهي. جيئن جيئن تعليم جو گراف مٿي ڌڙهندو وڃي ٿو تيئن تيئن ثقافت سان ٽٽڻ وارو گراف به مٿي چڙهندو رڃي ٿو. ايندڙ وقت ۾ ڪڇ ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جو اجرڪ سان ناتو اڃا به ضعيف ٿي سگھي ٿو. لباس مان اجرڪ ڀلي پاند آجو ڪندي پئي ٿي وڃي پر اجرڪ وارو ڊزائين ڪپڙي تي ٻئي ڪنهن روپ ۾ اچي پنهنجي وجود کي قائم رکيو ويٺو آهي. هاڻي نئين روپ ۾ اجرڪ جي ڊزائينن ۾ ساڙيون، نيپڪينس، دوپٽا، ڪوشن ڪور، بازار ۾ اچڻ لڳا آهن. انهن شين کي گھرو بازار کان علاوه پرڏيهه ۾ به سٺي موٽ ملي رهي آهي. ڪڇ مان اهي شيون يو. ڪي.، فرانس، نيوزيلينڊ، جهڙن ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ٿي رهيون آهن. جنهن مان اجرڪ جا ڪاريگر ناڻو ۽ ناموس ٻئي ڪمائي رهيا آهن. سرڪار ۽ اين جي. او. ليول تي اجرڪ واري ڪاريگريءَ جي بچاو ۽ واڌ ويجھ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ‘خمير’ نالي غير سرڪاري اداري “ اجرڪ جي ڇاپ” ٽائيٽل سان هندوستان جي ڪن وڏن شهرن ۾ نمائشون رکي هن فن کي جيارڻ، هٿي ڏيارڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. ڀارت سرڪار جي نيشنل سينٽر فار ٽيڪسٽائيل ڊزائين طرفان ملندڙ ساليانن اوارڊس ۾ ڪڇ جي اجرڪ جي ڪاريگرن کي به قومي سطح وارا انعام ملندا رهيا آهن. جن ۾ کتري محمد صديق، کتري اقبال حسين، کتري عبدارزاق، کتري عبدالجبار، کتري عبدالرئوف، ۽ کتري عبدالرحيم جهڙن ڪاريگرن جا نالا شامل آهن. ڌمڙڪي جي کتري اسماعيل محمد کي ته يو. ڪي. جي مونفرٽ يونيورسٽيءَ طرفان آنريري ڊاڪٽريٽ جو اعزاز مليل آهي. هٿ هنرن جي ڪاريگرن ۾ اهو سائوٿ ايشيا ۾ پهريون ڪاريگر آهي جنهن کي هن طرح جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. اها نه صرف ڪڇ لاءِ بلڪ اجرڪ جي فن لاءِ به فخر جي ڳالهه آهي. هندوستان ۽ هندوستان کان ٻاهر منعقد ٿيندڙ ڪرافٽس ميلن ۾ اجرڪ جي ڪاريگرن جي به ڀرپور نمائندگي هوندي آهي. اهڙن ميلن ۾ هن فن جا ڪڇ جا ڪيترا ئي ڪاريگر ديس وديس ۾ پنهنجي فن جو جوهر ڏيکاري آيا آهن. ڪڇ ۾ 2001 ۾ جيڪو زلزلو آيو جنهن اجرڪ واري فن جي گڍ اهڙي ڌمڙڪي ڳوٺ کي به لوڏي ڌوڏي ڇڏيو. بي گھر ٿيل ماڻهن کي وري وسائڻ لاءِ ڌمڙڪي جي پاسي ۾ نئون ڳوٺ ٻڌو ويو آهي جنهن کي ‘اجرڪ پور’ نالو ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه به اجرڪ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. ۽ اجرڪ جي نالي کي امر ڪري ٿي.