ايم ايڇ جمالي
سينيئر رڪن
چئو سِٽا”””غير شايع“““ (ايم ايڇ جمالي)
مُفلسي ۽ تنهائي شايد، منهنجو مقدر بنجي وئي آ-
تڏهن ئي ته زندگي سموري، زهر بنجي وئي آ-
ها مان چاهيان ٿو، ته چاندني رات هُجي حُسين،
مگر الائي ڇو رات به، خاموش پهر بنجي وئي آ-
..............................................
غــزل (جڏهن ٿي مُــاقـات پـهـريـن) غيرشايع(2007)
جـڏهن ٿي مُلاقات پهرين، چَهري تي سندُس نقابُ هو،
هِـڪَ مُرڪ ڏسڻ لئه هن جي، جِيءُ منهنجو بيتاب هو-
جــڏهـن نــظـرُون مِلـيـون، سنـدس نـوخـيـز نـيـڻن سـان،
تـــڏهـن به ائين لڳو، ڄـڻ ظاهـر مُـحَـبَّـت ۾ حِـجابُ هو-
نــه هُـــئـي عِــشــق جــي ”ع“ جِــي جـنهـن کي خبـر!
تـــنـــهــن وٽ مُـون ڏٺو، مُـحَـبَّـتَ جــو ڪِـتاب هو-
چَـهِـرو سَـنـدُس مِـثـل چَــنـڊُ هـو، ۽ وارَ واسِـيـنگ ڄڻُ ،
ڏِسندي ئي مُونکيسڏنو،سُونهن راڻِيءَ جو خِطاب هو-
عِــيـــدَ ڏيــنــهـن عـِـيـد جـو تُحـفـو، هـو يَارَ مـوڪليو،
کـڻِـي جــو کــولـي ڏِٺــم، ته هـڪ پـيـن ۽ گل گلُاب هو-
جــڏهـن چُـمـيـم چـهـرو سندس ۽ رکـيـم هـٿ هـٿـن تـي،
ڇِرڪَـندي پُـڇـيـائين حُـسين!حَقيقت هـئي يا خُواب هو-
............................................
ناياب نظم (درد جو ديس-2008) غير شايع
دَردَ مَان ِدل چيو، لِکين ته ڪو ناياب نظمُ لکُ،
پر ڪو چئو سِٽو شعِر يا غزلَ جو ٿلُ نه لِکجان-
ڪـنهِـن ڪُـڙميءَ لـئـه وڏيـري ڪاوَڙ مان چيو،
لِکين ته قــرضُ لِک، هيلَ وارو فَصُل نه لِکجان-
ڪـنهـن هـاريءَ درد واري دانهن ڪـري چـيـو،
لِکـيـن ته قـرض سڀ چُڪـتـو لِک، رهـيـل نه لِکجان-
دهشت ۽ دهمانُ ڪري ڪنهن ديس جي ويريءَ چيو،
لِکين ٿو ته بس قتُل لِکُ، مگر جاءِ مَقتل نه لِکجان-
بي ڏوهه قَـتُـل ڪيل،ڪَفنَ مان تنهن مَقتُول چيو،
لکين ته مظلُوم لِکُ، راهــهَ کــان ڀَـٽڪِيل نه لِکجان-
قَــلَّــم چـيو هاڻي(حُسيـن) اِنـصافُ تَه مـون سان به ڪَرِ،
لِکِين ته خُون سان ڀَــريلُ لِکُ، رَتَ سان ٻُڏل نَه لِکجَان-