هڪ شارٽ اسٽوري پريل چانڊيو. جنهن کي پرو چانڊيو به چيو ويندو هو / آهي پريل عرف پرو چانڊيو جنهن کي فوجين 1983 ۾ مقابلو ڪري ماريو ، ان جي لاءَ مشهور هو ته غريبن جو هڏ ڏوکي هو ، هو وڏيرن جو پاليل نه هو پر وڏيرن جو دشمن هُيو ۽ وڏيرن وٽان ڌاڙا هڻي غريبن ۾ ورهائيندو هُو، پرو چانڊيو ڪيترن ئي غريبن ماڻهن جي نياڻين جي شادين لاءَ سمورو ڏاج جو سامان مدد طور ڏيندو هُو ۽ فوجي مارشلا ۾ هو فوجين خلاف به ڪاروايون ڪندو هُو . پريل کي حالتن ڌاڙيل ڪيو هو. وڏيرن جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب هُن هٿيار کنيا. پر هُن مقامي ماڻهن ۽ غريبن کي ڪڏهن به تنگ نه ڪيو ۽ نه ئي وري عورتن سان بدسلوڪي ڪئي. هُن ڪيترائي معاملا نياڻين ميڙ تي ختم ڪيا. نياڻين کي ست قران جي حيثيت سمجهي هُن مخالفن کي، معاف به ڪيو. اُن دور ۾ پريل هڪ واردات پاٽ شريف مان نامياري ليکڪ نصير ميمڻ جي والد سائين محمد بخش ميمڻ کي اغوا واري ڪئي هُئي. اُن لاءِ به کيس خبر پئي هُئي ته سائين جي پُٽن مان ڪير رُڪڻ ٿاڻي تي اطلاع ڪري پوليس کي کيس جي رستن تان گُذرڻ جا اطلاع ٿو ڏئي. پر پوءِ وچ ۾ چئن چڱن جي پوڻ تي سائينءَ کي پريل ڇڏي ڏنو هو . پريل تر جي ڪنهن به ماڻهو سان بي واجبي نه ڪئي. جڏهن ته ايجنسين ماڇي چانڊيا تڪرار کڙو ڪرايو هو، ڇاڪاڻ ته خود آرمي ۽ رينجرس پريل کي ماري سگهڻ ۾ ناڪام ويون هُيون انهن چاهيو پئي ته ماڇين هٿان پريل کي مارائجي. ان حد تائين جو اُن قبائلي تڪرار ۾ هڪ پاسي مقامي وڏيرا، ماڇي، رينجرس، پوليس ۽ فوج هُئي ته ٻئي پاسي پريل ۽ اُن جا ساٿي هُئا. جڏهن ته اُن قبائلي تڪرار جي باهه ۾ پوءِ ته مقامي طور سمورا چانڊيا لهي پيا. اُن ۾ چانڊين جو نقصان ته ٿيو هو پر سڄو ايريا پاٽ کان وٺي ميهڙ تائين جا سمورا ڳوٺ جنگ جو ميدان بڻجي پيا هُئا. پريل سان نه رُڳو خوف سبب عام ماڻهو محبت ڪندو هو پر هُن جي سماجي ڪردار خاص طور غريبن جو لحاظ ڪرڻ ۽ عورتن جو احترام ڪرڻ سبب ماڻهو کيس روايتي ڌاڙيل تصور نه ڪندا هُئا. ٻيو ته هُو تمام گهڻو بهادر هو. اهڙا ماڻهو گهٽ ٿيندا آهن هاءِ اسڪول پاٽ ۾ پڙهندڙ شاگرد پاٽ شريف جي ٻاهران وهندڙيءَ وٽ فوج شاگردن کي روڪي پُڇندي هُئي ته “ آپ جانتي هين ڪي پري ڪهان رهتي هي” شاگردن کي اردو ته سمجهه ۾ نه ايندي هُئي پر کين چوندا هُئا ته اها ٻيلي ۾ رهندي آهي. ان حد تائين جو سڄي سرڪاري مشينري ڪچي جي بند کان هيٺ نه لهندي هُئي ۽ انهن جي دلين تي پريل جي خوف جو پاڇو پيل هو. پر جڏهن پريل کي مارڻ ۾ سڀ ناڪام ٿيا ته پريل جي ساٿين کي ئي استعمال ڪري سازش تحت پريل کي شاهه پنجو ۽ باليشاهه واري سعيدي موساڻي پاسي ويندڙ رستي تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ مقابلي ۾ ماريو ويو. مارڻ کان پوءِ به سوين گاڏين ۾ چڙهيل ورديءَ وارا مري ويل پريل جي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار نه هُئا. سندن دليون ايتريون ڪمزور هُيون جو هُنن کي خوف هو ته متان پريل جيئرو نه هُجي. ان دور جا پوليس آفيسر اڄ به پريل جي بهادريءَ تي کيس داد ڏيندا رهندا آهن.
ان تي ٿورو ورڪ ڪريو هو پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو هو سندس دوستن ئي غداري ڪري فاسايو هيو بيشڪ هڪ بهادر ماڻهو هيو ڪنهن غريب کي تنگ نه ڪيائين
يار پرو سنڌ لاءِ ڪيو ڇا جو کيس ياد ڪجي اسان کي هاڻي اهو ڪلچر ڇڏڻ گهرجي جنهن ۾ ڌاڙيل کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو هجي. ڇا جو پرو چانڊيو يا محب شيدي اهي سڀ ڌاڙيلن جي اها ئي ڪڙي آهن جيڪي راجا ڏاهر جي دور کان وٺي سنڌ کي بدنام ڪيو اچن