پاٽائي، حبيب-الله-صديقي، ڊاڪٽر: مشهور-تعليم-دان، شاعر ۽ عالم، ڊاڪٽر حبيب-الله-ولد قاضي ڪريم بخش صديقي، 17 شوال 1355هه/ پهرين-جنوري-1937ع تي جمعي جي ڏينهن، سنڌ جي تاريخي شهر-پاٽ-شريف ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم، سنڀاليندڙن جي سرڪاري نوڪريءَ سبب سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جهڙوڪ: ٿرڙي محبت، ٽنڊي رحيم خان،-ٻڍاپور-۽ اڪڙي لڳ پٿوري ۽ پنهنجي ڳوٺ-پاٽ-۾ حاصل ڪيائين، جتان 1953ع ۾ مئٽرڪ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين، جنهن بعد ٿرڙي محبت، سيتا روڊ ۽-پاٽ-۾-انگريزي-ماستر ٿي رهيو ۽-پاٽ-۾ خانگي ثانوي اسڪول قائم ٿيڻ بعد-ان-سان وابسته رهيو.-ان-دوران ٽي. ڊي، بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان پاس ڪيائين ۽ پنهنجي ڳوٺ جي وليج ڪائونسل جو چيئرمئن ۽ تعلقي ۽ ضلعي ليول تي ٺاهيل ڪاميٽين جو ميمبر ۽ ائڊوائيزر ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾-آمريڪا-مان آيل هڪ محقق ڊاڪٽر جان هونيمن سان سندس-تحقيق-\\\\\\\"Education and Career Specialization in a West Pakistan village of Renown\\\\\\\" ۾ خاص مددگار ٿي رهيو. 1962ع ۾ سنڌ سرڪار جي-تعليم-کاتي ۾ سينيئر انگلش ٽيچر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو ۽ مڊل اسڪول ڪَڪڙ، ضلعي دادو ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جتان ستت بدلي ڪري سپروائيزر پرائمري اسڪولز (A.D.I.S) ڪري سيوهڻ تعلقي ۾ رکيو ويو. انهيءَ حيثيت ۾ دادو، حيدرآباد، هالا ڊويزن ۽ عمرڪوٽ بِيٽن تي رهي ڪم ڪيائين ۽ انهيءَ دوران-پاڪستان-اڪيڊمي فار رورل ڊيولپمينٽ-پشاور-۾ تربيت حاصل ڪندي، هڪ اسڪيم بعنوان \\\\\\\"Providing Model Primary Schools in Rural Areas\\\\\\\" پيش ڪيائين. ساڳئي عرصي ۾ او. ايس. ڊي طور ڪم ڪندي، هڪ اسڪيم تيار ڪيائين، جنهن جو عنوان هو \\\\\\\"Revival and Revitalization of Compulsory Primary Education in Sindh\\\\\\\". حبيب-الله-صديقيءَ خانگي طور تي اعلي-تعليم--جاري-رکندي، ايم. اي مسلم هسٽري (سيڪنڊ پوزيشن) ۽ ايم. ايڊ (فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن) ۾ پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ کان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1972ع ۾ سڌي ڀرتيءَ ذريعي سب ڊويزنل ايجيوڪيشن آفيسر مقرر ٿيو، جنهن حيثيت ۾ دادو ۽ حيدرآباد سب ڊويزنن تي رهي ڪم ڪيائين. ساڳئي وقت ڊئريڪٽوريٽ آف اسڪول ايجوڪيشن، حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ائڊمنسٽريشن طور ڪم ڪندو رهيو. سال 1979ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان کيس ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جي عهدي لاءِ پهرئين نمبر تي سفارش ڪيو ويو ۽ انهيءَ حيثيت ۾ جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، حيدرآباد ۽-بدين-ضلعن ۾ ڪم ڪيائين. جيڪب-آباد-۾ ڊي. اي. او طور ڪم ڪندي، لاهور ۾ منعقد ائڊمنسٽريٽرس ورڪشاپ ۾ استادن لاءِ ضابطه اخلاق \\\\\\\"A Code of Ethics for the Teacher\\\\\\\" مرتب ڪيائين ۽ کيس انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ-پاڪستان-جي چئني صوبن جو چيف ڪوآرڊينيٽر چونڊيو ويو. ساڳئي عرصي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل تعليمي سيمينار ۾ سنڌ ۾ موجوده پرائمري-تعليم-جي نظام جي-تاريخ-۽-ان-بابت سفارشن تي مبني مقالو پيش ڪيائين. نوابشاهه ۾ اسڪائوٽس ۽ شهرين جي مدد سان اسڪائوٽ هيڊڪوارٽر تعمير ڪرايائين ۽ انهيءَ جي صلي ۾ کيس صدر-پاڪستان-طرفان ’اسڪائوٽ ميڊل‘ ڏنو ويو.ان کان سواءِ پرنسپال ڪمپريهينسوِ هاءِ اسڪول خيرپورميرس ۽ پرنسپال اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو جي عهدن تي عهدن تي پڻ رهيو. ڊاڪٽر حبيب-الله-صديقي، سنڌ جي مايه ناز اداري سنڌي ادبي بورڊ جو مارچ 1988ع کان سيپٽمبر 1990ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. فيبروري 1991ع ۾ سيڪنڊ پرائمري ايجوڪيشن پراجيڪٽ سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. سيڪند پرائمري ايجوڪيشن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽريءَ دوران سڪرنڊ ۾ منعقد ڪيل ٽريننگ ڪوآرڊينيٽرس ڪانفرنس ۾ کيس ’بهترين ڊائريڪٽر‘ جي شيلڊ پيش ڪئي وئي. ڊاڪٽر حبيب-الله-صديقي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪيترين ڪاميٽين جهڙوڪ: پبليڪيشن ڪميٽي، مالي ڪميٽي، تعليمي ۽ تحقيقي ڪميٽي وغيره جو ميمبر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت اٿارٽيءَ جو بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي.سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’تاريخ-باب الاسلام-سنڌ‘ (1996ع، ٻه ڇاپا)، (2) \\\\\\\'Education in Sindh- past and present\\\\\\\' (1987)، (3) ’علامه آءِ. آءِ. قاضي (1989ع)، (4) ’درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي‘ (1981ع) ۽ (5) ’رچنائون‘ (1986ع)، (6) ’وارداتون‘ (2007ع)، (7) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو پهريون: 2007ع)، (8) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو ٻيو: 2008ع)،-انسان-جي-تاريخ-جي مختلف بابن تي مهراڻ اڪيڊمي طرفان ڌار ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، (9) \\\\\\\'Pieces & Sugar Candy\\\\\\\' (1997) (مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’مصريءَ جون تڙون‘ جو ترجمو: 1997ع) ۽ ٻيا شامل آهن. تازو HEC طرفان سندس تحقيقي ڪتاب Education Problems of Pakistan with Special Reference of Sindh Province (2008) تي کيس ٻه لک روپيا معاوضو ڏنو ويو. شهيد ذوالفقار علي-ڀٽي-جي سوانح تي سندس لکيل ڪتاب (2010ع) Son of the Desert تي کيس-بين-الاقوامي مڃتا ملي آهي. سندس-جاري--تحقيق-م-تاريخ-’باب-الاسلام-سنڌ‘ (ڀاڱو ٻيو) کان سواءِ ’ڊيولپمينٽ آف صوفيئزم اِن سنڌ‘، ’مارشل ٽريڊيشن اِن سنڌ’، ’پرائيويٽ پيپرس آف علامه آءِ. آءِ. قاضي‘ ۽ هڪ انشائيه بعنوان ’انسان ۽ زندگي‘ هڪ ئي وقت هلي رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندس شعر يا مضمون ۽ سنڌي ترجما معياري رسالن ۾ شايع ٿيندا آهن. ريڊيو-پاڪستان-حيدرآباد ۽ ڪراچي-ٽيليويزن--اسٽيشن--تان-سندس تقريرون يا انٽرويو نشر ٿيندا رهندا آهن. مشاعرن، ورسين ۽ ڪانفرنسن ۾ پڻ حصو وٺندي نظر اچي ٿو. حبيب اڪيڊميءَ پاران پنهنجا ۽ ٻين ڪيترن اديبن جا ڪيترا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.-جن-مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) ڪيئي ڪهاڻيون (2009ع)، (2) منظوم سوانح عمريون: شاهنواز ’مسافر‘ (2007ع)، (3) ڪڙيون مٺيون ڳالهيون (2009ع). سال 2000ع ۾ فيڊرل ايجوڪيشن ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ پنهنجون تجويزون ڇپيل صورت ۾ پيش ڪيائين.