ميا! تو کي مَھارَ، سڄي پايان سون جي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    81
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ساميءَ سج وڙاءُ

    ميا! تو کي مَھارَ، سڄي پايان سون جي

    غلام رسول چانڊيو



    مَيئي کي سون جي مَھار لطيف سائين رُڳي ان ڪري آڇي ھئي جو ڀٽائيءَ جي ڪردار کي رات پيٽ وچ ۾ منزل تي پھچڻو ھيو ۽ ان ڪردار ڀٽائي واتان اٺ کي اھو به چيو ته تو کي چندن جون ٽاريون کارائيندس ۽ ميندي جا ڏار به کائجان، پر مون کي رات ھوندي ئي پرينءَ وٽ رساءِ!

    لطيف سائين ڪائنات جي جُملي لقائن تي ھونئن ته اڻ ڳڻيا بحث ڪري، ڪائنات جا ڪيئي اسرار پسائي ٿو پر جڏھن سماج ڏانھن نھاري ٿو ته کيس سماجي وھنوار جو ھر ورتاءُ نه رڳي نبيرڻو پوي ٿو پر ان سڀ ڪجھ لاءِ ڇا ڪجي؟ ڪيئن ڪجي؟ ۽ ڇو ڪجي؟ وارن سوالن جا به ڪاريگري سان جواب ۽ اصول طئه ڪري ٿو. اصل ۾ لطيف سائين ھڪ اھڙي سماج جي اڏاوت چاھي ٿو جنھن سماج ۾ بد صورتين جي ڪا گنجائش ئي نه ھجي، ھو صرف خوبصورتين جو پرچارڪ بڻجي، ھڪ اھڙي مثالي سماج کي اڏڻ چاھي ٿو جنھن ۾ محبوب صرف محبوب نه پر عاشق به ھجي ۽ جڏھن عشق ھجي ٿو تڏھن محبوب ۽ عاشق ڪثرت کان ڪٽجي وحدت جو روپ اختيار ڪن ٿا ۽ پوءِ سواءِ ھيڪڙائي جي ٻيو ڪجھ به نه ٿو ھجي، محبوب عاشق به ھجي ٿو ته معشوق به! انساني وجودن يا وري مجازي وجودن جي تناظر ۾ ته اھا ڳالھ زندگي جي ھڪ درجي لاءِ اُتم ھجي ٿي، پر ڪائناتي تناظر ۾ به ان ڳالھ جو ڪو جواب ئي نه ٿو ھجي. ڀٽائي سرڪار مجازي موھَ کان بنياد وجھي ڪائناتي موھ جا محل اڏڻ چاھي ٿو ۽ اھڙي صورتحال ۾ بنا ڪنھن دير جي مجازي مامرن واري لازمي تجربي کي تڪڙو ۽ وقت سر پورو ڪرڻ چاھي ٿو، جو ڀٽائي جي حسين ۽ وحدت الوجودي سماج جا بنياد ئي مجاز جي محبوب مشغلن جي تڙپ ،تانگھ ۽ وقت سان مڪمل ٿيل مرحلن ۾ لڪل ھجن ٿا، تڏھن ئي ته اٺ کي چئي ٿو:_

    ميا! تو کي مَھارَ، سڄي پايان سون جي

    چاريئين چَندَنُ چوٽيون، نايو ميندي ڏارَ

    سَندِيَ پيءَ پچار، جي مون رات رساڻيين.

    اٺ کي ھي ڪا رڳي لالچ ناھي، پر ڀٽائي جيئن ته محبوب ڏانھن وڃي رھيو آھي ۽ کيس وڃڻ لاءِ صرف رات جي محل مليل آھي ۽ مَيو (اُٺ) کيس رات وچ ۾ رسائيندو رھيو آھي، ان ڪري اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ڀٽائي اُٺ کي سوکڙيون نه آڇي؟ تڏھن ئي ته اٺ کي سوني مھار پارائي سندس سڀ کان وڻندڙکاڌو چَندن چوٽيون ۽ ميندي جا ڏار کيس نِوائي ھٿن سان کارائڻ جون آڇون ڪري ٿو، بلڪه انعام ڏيڻ جو چئي ٿو جو ڀٽائي کي پرينءَ سان الاءِ ته ڪيتريون پچارون ڪرڻيون آھن ۽ رات جا صرف چار پھر آھن، جن مان به ڪجھ ته سفر ۾ ئي ڪٽجي ويندا ۽ جيڪي پَلَ بچندا ته اھي پچارُن لاءِ ڪٿان پورا پوندا؟

    لطيف سائين جي فڪر جو اھو ئي ته ڪمال آھي جو ھو محبتن جي مامرن کي جڏھن ڇيڙي ٿو ته سچ به محبت ڪيئن ڪجي؟ جھڙيون رمزون ته سيکاري ئي ٿو پر انھن محبتن کي ڪجھ ايئن ڪري پيش ڪري ٿو جا محبت ذاتي به لڳي ٿي ته سماجي به ھجي ٿي ۽ ڪائناتي رنگن کان سواءِ لطيف سائين جي محبت ته مڪمل ئي نه ٿي ٿئي.

    سوچي سگھجي ٿو ته مَيو(اُٺ) ھڪ اھڙي منزل ڏانھن وٺي وڃڻ جو ذريعو آھي جيڪو محبوب تائين رسائڻ جو واحد جُزُ آھي پر اھو طئه ڪرڻ ته اڃان باقي بچي ٿوته اھو محبوب ڪير آھي!؟ جيڪڏھن کنڀات سر جو ھي بيت کنڀات شھر ۾ ويٺل ڪنھن محبوبه لاءِ آھي ته پوءِ گجرات لڳ ان شھر ۾ ڀٽائي جو اھو عاشق ڪردار ڪنھن به بھاني اُن شھر ۾ به رھي پئي سگھيو ۽ کيس ميئي(اٺ) کي سوني مھار پارائڻ جي به ضرورت نه ھجي ھا ۽ نه ئي کيس رات وچ ۾ موٽڻو يا وري محبوب وٽ پھچڻو پوي ھا. ڳالھ مڙيوئي ڪا ٻي باسي ٿي، اِھو اسرار عبد الطيف جو مجاز کڻي ھجي به، پر ان سان گڏو گڏ گھڻو ڪجھ ٻيو به باسي ٿو. ھِن ڄاڻايل بيت سان گڏ جيڪڏھن سر کنڀات جا ٻيا بيت پڙھجن ته ڳالھ رڳي مَيئي جي ڪانھي، چنڊ به ھن سموري لقاءَ جو ڪردار آھي ته وري تارا به ھن ماجرا کان آجا نه آھن ۽ سورج جون شاخون به جَھڪيون ٿي وڃن ٿيون، قمر ڪُوماڻجي وڃي ٿو ۽ نيٺ اھو ڪرھو (اٺ) لکن ڪروڙن جو ٿي وڃي ٿو پر ان کان اڳ پنھنجي عادتن جي ڪري وَڳَ جي وڏيرپائي وڃائي، نَون نيئرن ۽ ڏَھ ڏانوڻين جو قيدي به ٿئي ٿو نه رڳي اھو پر سندس اکين تي به اَکيا چاڙھيا وڃن ٿا پر پوءِ جڏھن ھڪ ڇرڪ سان نَوَ نيئر، ڏَھَ ڏانوڻيون ۽ پنڌرھن پِينڍ به ڇِني ڇڏي ٿو ته ڪمال ٿي وڃي ٿو جو ان وقت کيس سڄڻ جي يادگيري اچي ٿي، اھو سڄڻ ڪير ھجي ٿو؟ سو سوال لطيف سائين کان سمجھڻ جي ضرورت آھي ۽ اھي سوال تڏھن سمجھ ۾ ايندا جڏھن لطيف سائين تي ڪنھن عقيدانه سوچ بجاءِ جديد تحقيق جا مروج اصول سمجھڻا پوندا.

    تنھنڪري لطيف سائين جو ھي ڪيفيتون ۽ انھن مان تخليق ٿيندڙ راھنمائي رڳي مجاز جي مامرن تائين محدود نه ٿي باسجي ۽ قصو گھڻو ڪجھ اڳتي به محسوس ٿئي ٿو. مجازين لاءِ مجاز به کڻي ھجي پر ڀانئجي ٿو ته ھتي محبوب اھا سماجي منزل آھي جتي پھچي ھيڪڙائي واري حق جو درشن ٿئي ٿو. ھيڪڙائي جا ڪائنات جي وحدت الوجودي مامَ آھي ان مام ۾ وجود ”ھڪ“ جو اھو حقيقي خيال آھي جنھن ۾ ڪثرتي صورتن ۽ محبت کان وانجھيل ڪشٽن کان آجي ٿيڻ جي ھدايت ٿيل ٿي ڏسجي. ڪائنات جون جملي ڪثرتون انساني جسم وانگر ڪائنات جا عضوا آھن. جيئن انسان جي وحدت جون ڪثرتون اکيون، ھٿ ۽ ٻيا جملي عضوا آھن تيئن ڪائنات جون ڪثرتون به سندس ۾ موجود جُملي لقاءَ دراصل ڪائنات جا ئي عضوا آھن، جيئن انسان ھٿن پيرن ھوندي ھڪ آھي ۽ وحدت آھي تيئن ڪائنات جا سڀ لقاءَ به ڪائنات جا عضوا ھوندي ڪائنات جي ھڪ ھجڻ جي شاھدي ڏين ٿا ۽ لطيف سائين جي ايجنڊا به ساڳي ڏسجي ٿي. ڪَرھي کي ڀلي نفس سڏيو وڃي پر ڪرھو انساني وجود جو اھو مخالف خيال به ٿي سگھي ٿوجيڪو وحدت لاءِ خطرا پيدا ڪري ٿو ۽ اجاين بھانن ۽ عادتن سبب وقت به برباد ڪري ٿو ۽ اھو خيال مَيئي وانگر چندن چرڻ بجاءِ لاڻو چري پاڻ لاءِ ئي پريشانيون پيدا ڪري ٿو يا وري ائين به سوچي سگھجي ٿو ته اھو مَيو اصل ۾ محبوب تائين رسڻ جو ذريعو آھي جنھن جي عادتن سبب منزل تي رسڻ ڏکيو ٿي پيو آھي ۽ وقت بس رات ئي آھي.

    پر ڀلا ھينئن به سوچي سگھجي ٿو ته اھو ميو جيڪو چندن بجاءِ لاڻي کائڻ جو شوقين آھي ته پوءِ ڪٿي ھيءَ ڳالھ ان سماجي يا وري سياسي ڪارڪن جي ته نه آھي جيڪو سچائي سان تبديلي وارو پنڌ پچائڻ بجاءِ، گوھيون ۽ گوٿنايون ڪري ھڪ اھڙي ڪردار جو عادي ٿئي ٿو جنھن وسيلي تبديلي يعني محبوب تائين رسڻ نا ممڪن ھجي ٿو. تبديلي جو وسيلو ۽ محرڪ ته بھرحال با ڪردار ڪارڪن ئي ھجن ٿا ۽ لطيف سائين به ان ڪارڪن کي ھدايتون ڪندو رھي ٿو ۽ کيس چوندو رھي ٿو ته محبوب ڏانھن ھلندي اَڙيِ نه ڪر ۽ ڪنڌ کي موڙا نه ڏي! ڪجھ اھڙي طرح سان ھَلُ! جو رات ھوندي ئي محبوب سان ملاقات ٿئي، جي ائين آھي ته اھا ڪيڏي نه ڪمال جي ڳالھ آھي جو اھو مَيو ھڪ اھڙو سماجي ڪارڪن آھي، جنھن جي ڪلھن تي سموري سماجي تبديليءَ جا حَسين بار آھن.

    پر اھو اٺ ڪٿي ڪنھن ليڊر جو ذريعو ته نه آھي؟ جيڪو تبديلين جي دعوائن سان محبوب منزل ڏانھن رات پيٽ وچ ۾ رسڻ ٿو چاھي پر حالتون ۽ تبديلي جا محرڪ ڪرھو بڻجي تبديلي واري پنڌ ۾ رڪاوٽون وجھي رھيا آھن جو لطيف سائين جي ڪلام کي جيڪڏھن گھرائي سان ڏسبو ته سندس ھر ڳالھ ۾ سماجي ڪارج آھي ۽ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي ته لطيف سائين ڪنھن ڪارج کان سواءِ ڪا ڳالھ ڪئي ھجي ۽ ڀٽائي وٽ رڳي مجاز ئي زندگي جو آخري نقطو نه ٿو ھجي. لطيف سائين جڏھن سامونڊي ۾ وڇوڙن جي اذيت بيان ڪري ٿو تڏھن به نه رڳي جھاز راني جي فن کان آگاھ ڪندو ھلي ٿو پر خود معاشيات تي به ڳالھائيندو ھلي ٿو ۽ واپار سانگي ويل سامونڊين کي ڪاروبار جا گُر سيکاريندو ھلي ٿو، ڪاپائتي ۾ ته ڪمال ڪري ڇڏي ٿو جو ڪتڻ واري کان رتُ روئاري چرکو ئي چڪ ڪرائي ڇڏي ٿو اھڙي طرح لطيف سائين جي ڪلام جي ھر جملي ۾ ھر قسم جي انساني ڪيفيتن سان گڏ سماجي سبق ضرور ملي ٿو.

    کنڀات ۾ جيئن ته رات ۽ سواري جو ذڪر آھي تنھنڪري مون کي ڪجھ ائين لڳي ٿو ته لطيف سائين ان رات کي زندگي سان تشبيھ ڏئي، حياتيءَ ۾ ئي منزلون طئي ڪرڻ ۽ انھن منزلن۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري ھڪ اھڙي ڪردار جي گھر ڪري ٿو جنھن ۾ انساني آزادين، عظمتن، جياپي، وقار ۽ ترقيءَ جو راز سمايل آھي. زندگي بس ھڪ رات جيتري آھي يعني انسان وٽ جيئڻ لاءِ تمام ٿورو وقت آھي ان ڪري کيس بنا ڪنھن لاپرواھي جي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

    لطيف سائين جي سُر کنڀات پنھنجن ڪيترن رنگن سان نه رڳي ڪائناتي حسناڪين کي واضع ڪري ٿو پر رات کي به پنھنجي معنيٰ بخشي ٿو ته چنڊ کي به نياپا ڏيئي ھر ڪيفيت کي بامعنيٰ بڻائي ٿو. تنھنڪري محققن کي گھرجي ته لطيف سائين تي روائتي تحقيق يا غور ڪرڻ بجاءِ سندس فڪر تي جديد بنيادن تي تحقيق ڪن جو مون کي يقين آھي ته لطيف سائين وٽ ھن سماج جي سڀني دردن جو نه رڳي درمان آھي پر وٽس ھڪ اھڙو آئين موجود آھي جيڪو قومن کان وٺي عالميت جي حسين ترين تشڪيل ڪري ٿو.
     
    عبدالغني لوهار ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بلڪل ائين ئي ٿيڻ گھُرجي.
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بلڪل اها هڪ نه جهٽلائڻ وارِي حقيقت آهي ۽ محققن کي ايئن ئي ڪرڻ گهرجي جيئن توهان راءِ پيش ڪئي آهي . لک قرب سهڻو موضوع
     
    آخري ترميم: ‏2 آڪٽوبر 2016
    مير سردار چنڙ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو

هن صفحي کي مشهور ڪريو