• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي بي حجاب تنهنجو ...

هي بي حجاب تنهنجو محفل ملڻ آ سڀ سان
_________________________
هي بي حجاب تنهنجو محفل ملڻ آ سڀ سان
لڄ ڪين آ هي تو ۾ کلندي کلڻ آ سڀ سان...
حياءُ تنهنجو زيور گم ٿي ويو آ توکان
تون بي حيا ٿيندي سڪ ساءُ سلڻ آ سڀ سان
غيرن سان تون ملين ٿين پنهنجن سان عار توکي
آزادي اهڙي تنهنجي رلجي رلڻ آ سڀ سان
جنهن توکي آ نچايو ڄڻ پاڻ کي لڄايو
لچو اهو آ لوفر تو نچندي نچڻ آ سڀ سان
حوا جي تون ڄائي انگ سڀ ڪيا اگهاڙا
ڪڏهن ڪيٽ واڪ ۾ ڪرتوڪرڻ آ سڀ سان
.
.
.

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top