• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نبي سر ٿرپارڪر (انڊو پاڪ بارڊر لڳ هڪ ڳوٺ)

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته هڪ ئي خطي جي هڪ ئي مُلڪ جي هڪ ئي صوبي ۾ پڻ هڪ ٻئي کان منفرد ۽ عجيب و غريب ماڳ ڏسڻ لاءِ ملي ويندا آهن. سنڌ ڌرتي ته هونئن به ان لحاظ سان ڀرپور تعارف رکي ٿي. هتي زرعي زمينون پوکڻ لائق ميداني علائقا، جبل، درياء ۽ درياء جي ڪچي واريون زمينون توڙي وارياسا برپٽ پڻ آهن. ڳالهه جڏهن ٿر جي ڪجي ٿي ته اهو سنڌ جو هڪ الڳ ئي جهان آهي. ان ۾ به جيڪي ڏورانهان ڳوٺ آهن انهن جي هڪ انفرادي حيثيت آهي. جتي زندگي ڪُجهه الڳ انداز سان جيئي ٿي. ايئن به ناهي ته هو بلڪل مزي ۾ آهن پر ايئن به ناهي ته هو پنهنجي ڳوٺ گام مان تنگ آهن ۽ اُتان ڀڄڻ جو سوچين ٿا. اڪثر دل چئي ٿي ايڏانهن وڃجي ۽ ايئن هڪ دفعي سنڌ جي ڏکڻ ۾ انڊين بارڊر لڳ هڪ ڳوٺ ”امرنو“ وڃي نڪتاسين. ان بابت لکڻ تي به دل چيو پر تصويرون ضايع ٿي وڃڻ سبب اهو ڪم نه ٿي سگهيو.

ڏور اوڀر-ڏکڻ ۾ پڻ اهڙا ڪيئي ننڍڙا ڳوٺ آهن جيڪي ورهاڱي بعد سرحدي لڪير جي ڪناري اوريان اچي ويا. اهڙن ئي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي نبي سَر. سنڌ ۾ نبي سَر نالي اهو ٽيون ڳوٺ آهي (ٽيون ان ڪري ٿو چوان ته اولهه کان اوڀر هلجي ته اهو ٽيون ٿيو) ان کان اڳ عمرڪوٽ جي حدن ۾ ڪنري لڳ هڪ شهر آهي جيڪو نبي سر روڊ سڏجي ٿو. عمر ڪوٽ ۽ نئون ڪوٽ کي ملائيندڙ ٿر سان لڳو لڳ اتر ڏکڻ ۾ روڊ تي پڻ هڪ ڳوٺ آهي جنهن جو نالو نبي سر آهي. اهي ٻئي شهر/ڳوٺ ٿوري گهڻي فرق سان هڪ جهڙا پر ٿر وارو نبي سر هنن کان الڳ آهي. بابا ۽ چاچا وارا ته ورهين کان اوڏانهن ويندا رهيا آهن. ڏاڏا سائين ته ڪنهن زماني پنڌ به ويندو هو. ان ڳوٺ جا ماڻهو به ڏُڪار ۾ هتي اچي نڪرندا هُئا ۽ منهنجي ڳوٺ ملڪاڻي وارن جي انهن سان سنگت سالن کان هلندي اچي. هاڻي به ملڪاڻي وارن جا اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون ان ڳوٺ وارن کي ڏنل آهن جيڪي هو چارين ۽ انهن جو کير پين. ڦَرن مان اڌواڌ يا وري معاهدو پوري ٿيڻ تي مال جي رقم جو چوٿون حصو کين ڏيڻ وغيره جا رواج آهن. دل ته ڏاڍو چئي ٿي اهو ڳوٺ پاڻ وڃي ڏسجي پر قسمت اهڙي آهي جو هر دفعي ٺهيل پروگرام ڦٽيو وڃن.

تازو هڪ ڳوٺائي محمد خان ان ڳوٺ جي هڪ فوتگي سبب دُعا لاءِ ويو ته واپسي تي اچي جيڪي احوال ڪيائين ۽ فوٽا ڏيکاريائين اُهي هتي ونڊڻ جهڙا آهن. ان ڳوٺ وڃڻ لاءِ اسلام ڪوٽ کان هڪ ڏينهن ۾ رُڳو هڪ دفعو ڊاٽسن وڃي ٿي جيڪا ماڻهن (مرد/عورتن)، سامان ۽ جانور سان سَٿجي هلي ٿي. اسلام ڪوٽ کان اڌ پنڌ پڪو روڊ آهي ۽ باقي سفر ڪچو روڊ آهي. گاڏي رستي تي ماڻهو کڻندي لاهيندي هلندي. ڪنهن جو سامان سوايو آهي ته ان کي ڳوٺ اندر به وڃي ڇڏي ايندي جنهن تي ٻين مسافرن کي ڪا به شڪايت ڪرڻ جو ڪو حق نه هوندو. ان چڪر ۾ جيڪا دير ٿئي ٿي سا ته آهي ئي آهي پر پنڪچر ٿيڻ جي صورت ۾ اضافي دير پڻ شامل هوندي آهي. ايئن اهو ڪلاڪ ڏيڍ وارو سفر 4-5 ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. ڳوٺ جيئن ته اها هڪ ئي گاڏي اچي ٿي تنهنڪري ان جي آجيان ڳوٺ جا ننڍڙا ٻار ان اڳيان اچي ۽ پوءِ ڳوٺ ۾ وڃي بيهڻ تائين ان پُٺيان ڊوڙي ڪندا آهن ۽ گاڏيءَ ۾ جيڪر ڪو نئون ماڻهو آهي ته اُهو سڀني جي نگاهن جو مرڪز هوندو. بلڪه محمد خان موجب ته اسان ٿر کان ٻاهريان (بئراجي علائقن وارا جن کي ڪراچيءَ ۾ رهندڙغير سنڌين جيان هيءَ ٿر وارا به سنڌ کان آيل چون) ماڻهو ته کين خلائي مخلوق (Alien) لڳون ٿا. اسان جي هر ڳالهه هر حرڪت کي غور سان پيا ڏسندا ۽ نوٽ ڪندا. ويچارن جو ڏوهه به ڪونهي ڇو ته اڌ وهي گُذريو وڃي، جيڪر ڪا وڏي بيماري نه لڳي ته ڪو سبب ئي نه ٺهندو ته ٻيو نه ته رُڳو وڃي مٺي يا ميرپورخاص شهر ئي ڏسي اچن.

محمد خان چئي مون وٽ انهن جي دلچسپيءَ جو ائٽم هو سمارٽ فون. ڳوٺ جي ڪيئي نوجوانن لاءِ اها نئين شيءِ هُئي، هڪ ٻئي کي ٻُڌائين پيا ته ”سنڌ کان هڪ همراهه آيو آهي جنهن وٽ اهڙو فون آهي جنهن ۾ بٽڻ ته آهن ئي ڪونه. آڱريون ڦيرائڻ سان پيو هلي“.جڏهن کين فوٽو ڪڍي ڏيکارجي ته حيران ٿي وڃن ته ايڏا صاف ۽ چِٽا فوٽو.

ٻهراڙي سنڌ جي اڪثر ڳوٺن جيان نبي سر ڳوٺ ۾ به اسڪول موجود ۽ ماستر غائب پر ڳوٺ جو چڱو مُڙس واقعي چڱو ماڻهو آهي. ان هڪ پڙهئي لکئي نوجوان کي پنهنجي گهران پيسا ڏيئي ٻار پڙهائڻ جي ذميداري ڏني آهي پر اڪثر والدين ٻارن کي پڙهائڻ بدران کين مال چارڻ تي ترجيح ڏين ٿا ڇو ته سندن نظريو ئي اهو آهي ته اسان جا ٻار ڪهڙا آفيسر ٿيندا جو پڙهائي ”کوٽي“ ڪريون. ڀلو اٿن وقت تي مال چارڻ جي عادت پئجي وڃي. ڳوٺ جا ٻار سمجهه ڀريا ٿين ٿا سندن ذميداري ٿيو پوي ته روز صبح جو پاڻيءَ جي بوتل ۽ ماني کڻي هڪ ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ ٻڌي ڪُلهي تي لٽڪائين. برساتون پون ۽ ڀاڄيون ٿين ته ٻوڙ به ٺهي نه ته ڪيئي ڪيئي ڏينهن لسي يا ڀاڳ ڀلا ته مکڻ کڻي نڪري وڃن جهنگ ڏانهن. ڏُڪار وارن ڏينهن ۾ ته صفا پريشان، نه پنهنجي کائڻ لاءِ ڪا سڻڀي شيءِ نه وري مال لاءِ ڪو سواد وارو سائو پن ملي. بس اهي مهينا سندن امتحان جا هوندا آهن ۽ سانوڻ جا ڏينهن ايندي ئي هر جاندار جي اک اُڀ ۾ ته ڪي چار ڪڻيون پون ته پيٽ ۾ ساهه پئي.

ان ڳوٺ وارا گهڻن ٽينشن کان به بچيل آهن. هن وقت جڏهن اُڙي واقعي سبب انڊو پاڪ ڪشيدگي سبب ٽي وي چئنلز کول ته لڳندو آهي بس اجهو ٿي جنگ لڳي يا لڳي چُڪي آهي بس رُڳو خبر اچڻ جي دير آهي پر هي ڳوٺ جيڪو انڊيا پاڪستان جي بارڊر تي آهي ان جي رهواسين کي ڪا خبر ناهي ته ڇا پيو ٿئي. ڳوٺ جي هڪ همراهه وٽ ريڊيو آهي جنهن تان ڪي خبرون پيو ته واهه ته بس. ڳوٺ ۾ هاڻي سولر تحت روشني جو بندوسبت ٿئي پيو ۽ ڪجهه همراهن وٽ جهڙا تهڙا موبائل فون به آهن جن ۾ ٽيلينور جا سگنل رُڳو اُن صورت ۾ اچن ٿا جڏهن ڪنهن وڏي ڀِٽ تي چڙهي وڃن.

ٻي ته ڪا پريشاني نه اٿن پر اهو سو آهي ته ڪنهن ميڊيڪل ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ بيمار کي اسلام ڪوٽ مٺي يا اڳتي پُهچائڻ لاءِ سواريءَ جو مسئلو آهي. اها جيڪا هڪ گاڏي هلي ٿي سا اسپيشل هلڻ تي ڪافي ڪِرايو وٺي ٿي. تنهنڪري اڪثر مريضن کي صبح جو روز جي معمول واري وقت جو انتظار توڙي سفر جي تڪليف سهڻي پوي ٿي تڏهن وڃي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پُهچي ٿو. سرنديءَ وارو ته ڪو هڪ اڌ ئي هوندو ٻيا سڀ غريب آهن. هڪ دفعي جي ڳالهه ڪيائيون ته همراهه کي بلا کائي وئي. پُهچ نه هجي ته گاڏي کي پورو ڪِرايو ڏيئي رات جو ئي ڪهرائي وڃي. نيٺ صبح تائين انتظار ڪري واري جي گاڏي ۾ وڃي هاسپٽل پُهتو. چون ٿا صبح تائين تڪليف ته هُئي سان هُئي پر همراهه کي وات مان رت پئي آئي. ڏٺو وڃي ته اهڙين آبادين جي ڪنهن مرڪزي ڳوٺ ۾ صحت مرڪز کولڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي پر مسئلو اهو آهي ته ڊاڪٽر اُتي وڃي رهڻ لاءِ تيار ناهن. پر هڪ ٻيو ڪم ٿي سگهي ٿو ته هڪ فور ويل جيپ حڪومت پاران ڏني وڃي جيڪا ايمبولينس جو ڪم ڏي ۽ ڊرائيور به اتي جو مقامي رکيو وڃي جنهن کي اها نوڪري ڪندي ڪا ڏُکيائي نه ٿئي.

29971874762_c0b357bf4a_o.jpg

اها سواري جيڪا اسلام ڪوٽ کان روز هڪ دفعو نبي سر ڳوٺ وڃي ٿي
Enu8bS.jpg

ڪچي رستي جو ڏيک
JZnwIIk.jpg

ٿر وارا ڀلي کني سڄو سال انهن نعمتن لاءِ سِڪن پر جڏهن کين ملي ٿو ته دل سان مهمانن کي پيش ڪن ٿا
fDw6UsV.jpg

اهي رستا جتان نبي سر پُهچجي ٿو
gt04qu.jpg

بارڊر وارو علائقا جتان اڳتي رُڃ ۽ رڻ آهن
29791361950_9bbd50bc26_o.jpg

هندستان وارن سر ڪريڪ (ٺٽه) کان وٺي پنجاب تائين سنڌ جي سرح سان لڳ روڊ ٺاهيو آهي جيڪو رڻ ۾ اڃان پورو ناهي ٿيو
29971900952_f3381b9784_o.jpg

ٿر جو اهو جيت جيڪو عام جام آهي ۽ رات جو بسترن ۾ اچيو پُهچي
Yzvaxie.jpg

هونئن ته ٿر بَر آهي پر وسي ته پوءِ اهڙو سائو ٿيو وڃي

29458827693_2144489e55_o.jpg

انهن ٻارڙن مان هڪ ٻارڙو جنهن جي نصيب ۾ رُڳو مال چارڻ ئي آهي
oCe4uu.jpg

ڳوٺ کان بارڊر طرف ويندڙ دڳ تي رينجرز جي چوڪي
Q8j98Z.jpg

اُتي جا گهرا کوهه. ڪيميڪلي ته پاڻيءَ ۾ مسئلا آهن پر پيئڻ ۾ مٺو آهي
30002922521_3d200b86ef_o.jpg

ڳوٺاڻا
VrIg0k.jpg

اُتي اڄ به اهي لوٽا ستعمال ٿين ٿا
jCbgJBK.jpg

ڳوٺ جي اوطاق
qT9nnQe.jpg

هڪ ٻارڙو پاڻي ۽ ماني ساڻ کڻي مال چارڻ وڃڻ لاءي تيار
jgBvJxp.jpg

ڳوٺ جي مسجد.
j1y4aDr.jpg

ڀِٽ تي هڪ گهر​
 

29458955823_c49213005b_o.jpg

هڪ جهونو ڳوٺاڻو
a6EkPip.jpg

ڳوٺ جون ٻڪريون ۽ رِڍون
EMnbnBS.jpg

اُٺن جا ولر جيڪي ڏينهن رات کُليا چرندا وتن
xFkdh1f.jpg

ڳوٺ جا ٻار گاڏيءَ جو آواز پري کان ٻُڌندي آجيان لاءِ پُهچيو وڃن

E1iY8Cz.jpg

ڳوٺ جا ٻار گاڏيءَ رواني ٿيڻ مهل پويان ڊوڙندي
 
اهڙا منظر سال کن اڳ مون به روز پئي ڏٺا ... رڳو ڏٺا ئي نه پر لڳ ڀڳ هڪ سال اهڙي ئي علائقي ۾ گذريو... پر ڪيڏو نه فرق هو انهن جي ۽ اسان جي رهائش ۽ سهولتن ۾..
اتي رهي ڪري به لڳ ڀڳ سموريون شهرن واريون سهولتون حاصل ڪيونسين.. پر پوءِ به هڪ هڪ ڏينهن ڳڻيندي سال پورو ڪيو ان جو سبب هو اتان جي موسم جيڪا گرمين ۾ انتهائي گرم ۽ سردين ۾ انتهائي سرد... ٻيو ته آئي ڏينهن ايندڙ جهڪڙ ۽ طوفان جيڪي ڪميونيڪيشن کان وٺي لائيٽ تائين پوري نظامن کي اٿل پٿل ڪريو ڇڏين...
هڪ ٻي ڳالهه ته ضلع گهوٽڪي جي بارڊر جي علائقي ۾ موجود آئل ۽ گئس ڪمپنين اتان جي لوڪل آبادي کي تعليم ۽ صحت جي سهولت بحرحال ڏين ٿيون پوءِ اها سهولت جڏهن رينجرز ذريعي ڏني وڃي ٿي ته اها يقينن عام ماڻهوءَ کي فائدو ڏئي ٿي.. ها البته ضلعي انتظاميه ذريعي جڏهن پهچائڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي ته بس رڳو عمارتون ئي ٺهيل ملنديون آهن..
 
اهڙا منظر سال کن اڳ مون به روز پئي ڏٺا ... رڳو ڏٺا ئي نه پر لڳ ڀڳ هڪ سال اهڙي ئي علائقي ۾ گذريو... پر ڪيڏو نه فرق هو انهن جي ۽ اسان جي رهائش ۽ سهولتن ۾..
اتي رهي ڪري به لڳ ڀڳ سموريون شهرن واريون سهولتون حاصل ڪيونسين.. پر پوءِ به هڪ هڪ ڏينهن ڳڻيندي سال پورو ڪيو ان جو سبب هو اتان جي موسم جيڪا گرمين ۾ انتهائي گرم ۽ سردين ۾ انتهائي سرد... ٻيو ته آئي ڏينهن ايندڙ جهڪڙ ۽ طوفان جيڪي ڪميونيڪيشن کان وٺي لائيٽ تائين پوري نظامن کي اٿل پٿل ڪريو ڇڏين...
هڪ ٻي ڳالهه ته ضلع گهوٽڪي جي بارڊر جي علائقي ۾ موجود آئل ۽ گئس ڪمپنين اتان جي لوڪل آبادي کي تعليم ۽ صحت جي سهولت بحرحال ڏين ٿيون پوءِ اها سهولت جڏهن رينجرز ذريعي ڏني وڃي ٿي ته اها يقينن عام ماڻهوءَ کي فائدو ڏئي ٿي.. ها البته ضلعي انتظاميه ذريعي جڏهن پهچائڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي ته بس رڳو عمارتون ئي ٺهيل ملنديون آهن..
بلڪل صحيح تجزيو. اوهان جي آخري ڳالهه ته ساڳيا ڪم ٻن مختلف ذريعن کان مختلف انداز ۾ ٿين ٿا. اسان وٽ ڄڻ ته ادارن تي ٺپا لڳي چُڪا آهن ته هڪڙن کي صحيح ڪم ڪرڻو آهي ۽ ٻين کي ناهي ڪرڻو.
 
Back
Top