سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي سردار چنڙ پاٽائي انساني تاريخ گواهه آهي ته عالم انساني ۾ عزت ۽ شرف جون منزلون انهن هستين کي عطا ٿيون، جن انسانن کي درسِ هدايت ڏنو، انهن جي صحيح رهنمائي فرمائي، انهن کي صراطِ المستقيم جو رستو ڏيکاريو ۽ پُرخلوص ساٿ نڀايو، پوءِ نه صرف مخلوق خداونديءَ انهن جي عزت ڪئي، پر خداوند تعاليٰ جل شانَہٗ انهن هستين کي وَرَفعنَا لَکَ ذِکرَڪ جي فيض مان حصو عطا فرمايو. اُهي ئي پاڪ هستيون آهن، جن کي الله رب العزت پنهنجي وليءَ ڪامل ٿيڻ جو شرف بخشيو، اُهي ئي مرد قلندر آهن، جن جي لاءِ شيطان به اهو تسليم ڪيو ته مان انسانن کي صراط المستقيم جي رستي کان گمراهه ڪندس، سواءِ رب پاڪ جل شانَہٗ جي اطاعت گذار ۽ مخلص هستين جي. انهن خوش نصيب هستين ۾ حضرت الحاج سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي دادويؒ به هڪ آهن. سندن والد صاحب سلطان العارفين پير طريقت، رهبر شريعت مخدوم پير نعمت الله قريشي نقشبندي دادوي رحه برصغير جي اُها برزگ هستي آهي، جنهن جي فيض سان لکين فرزندانِ توحيد ۽ عاشقانِ رسول ﷺ فيضياب ٿيا. قبله سائين جي ولادت باسعادت ۲۷اگسٽ ۱۹۵۴ع ۾ ٿي. سندن سلسله طريقت ۳۶واسطن سان حضرت سيدنا ابو بڪر صديق سان ملي ٿو ۽ سلسله نصب حضرت سيدنا علي ڪرم الله وجہ الڪريم سان ملي ٿو. پاڻ علوي قريشي آهن. قبله سائين پير عبدالرحمان قريشي نقشبنديؒ سندن والد صاحب کي حضرت قبله بودلا بهارؒ ، خليفه مجاز حضرت سخي لال شهباز قلندرؒ جي دُعا سان رب العزت عطا فرمايا هئا. سندن والد محترمؒ فرمائيندا هئا؛ ”اسان جي فرزند ارجمند جو قلبي ذڪر پيدائش کان ئي جاري هو.“ قبله سائين سخي عبدالرحمان قريشيؒ مادر زادولي ڪامل هئا. ننڍپڻ کان ئي جيڪي لفظ سندن منهن مبارڪ مان نڪرندا هئا، الله جل شانَہٗ اُهي پورا ڪرڻ فرمائيندو هو. سندن عمر مبارڪ جڏهن ۱۱سال ٿي ته سندن والد محترم کين حضرت علامه مولانا عبيدالله مشوريؒ کان عربي ۽ فارسي تعليم ڏياري. مروجه تعليم ابتدائي سيڪنڊري انٽرميڊيٽ ۽ ڊگري کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي اسلامڪ ڪلچر ڪرائي. سلسله طريقت ۾ پاڻ پنهنجي والد حضرت سلطان العارفين قبله پير نعمت الله قريشي نقشبنديؒ جي هٿن مبارڪن تي بيعت ڪرڻ فرمايائون ۽ فيض جي دولت سان مالامال ٿيا ۽ ولايت جي اعليٰ مرتبي تي پهتا. سندن والدؒ کين طريقت جون سڀئي منزلون طئي ڪرائڻ بعد سندن جي خلافت جي دستار سندن پير و مرشد حضرت قبله محمد اشرفؒ ويهڙائي جي هٿن مبارڪن سان درگاهه عاليه ويهڙ شريف ضلع ڄامشورو ۾ ڪرائي. خلافت اقدس ۽ شادي مبارڪ، ٻئي نعمتون سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي کي ۱۹۷۲ع ۾ عطا ٿيون. پير عبدالرحمان قريشي نقشبنديؒ، سلطان العارفين مخدوم نعمت الله قريشيؒ جا اڪيلا فرزند ارجمند هئا. سندن والد محترم اڪثر فرمائيندا هئا ته سندن فرزند صاحب فهم و فراست، خوش اخلاق ۽ بلند پائي جا بزرگ آهن. اهو ئي سبب هو جو سندن والد محترم پنهنجي ظاهري زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي صاحبزادي کي سلسلي نقشبندي لائڻ ۽ هر خاص و عام کان بيعت وٺڻ ۽ فيض ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. ۱۵نومبر ۱۹۹۴ع بمطابق ۱۱جمادي الثاني ۱۴۱۵هه اڱاري ڏينهن سندن والد محترم هن فاني دنيا مان آخرت جو سفر اختيار ڪيو ۽ ۱۶نومبر ۱۹۹۴ع تي سندن درگاهه رحمانيه دادو شريف تي مدفن ٿيا. والد محترم جي وصال بعد سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي رحه درگاهه سائين نعمت الله قريشي نقشبندي رحه جا سجاده نشين بڻيا ۽ والد محترم جي نقشِ قدم تي هلندي فيض الاهي ڏيندا رهيا. والد جي وصال بعد سندن مزار مقدس تي عاليشان گنبذ تعمير ڪرايائون. هر وقت پنهنجي والد بزرگ جي فيض ورهائڻ ۾ ڪوشان رهيا. درگاهه سائين پير نعمت الله قريشيؒ جي وسنهن سندن جي هر دلعزيز شخصيت هئي. والد محترمؒ جي عشق ۾ ايترا ته مستغرق رهندا هئا جو سندن مشن جي تڪميل لاءِ پنهنجي صحت جو به خيال نه ڪندا هئا. درگاهه شريف تي هر ايندڙ مريد ۽ عقيدتمند سان وڏي پيار ۽ اُڪير سان پيش ايندا هئا. سندن لاءِ رهائش، لنگر وغيره جو محبت سان بندوبست ڪرڻ فرمائيندا هئا. الله جل شانَہٗ جي حضور انهن لاءِ دعائون گهرندا هئا. پنهنجي زندگيءَ مبارڪ ۾ پنهنجي والد محترم جي سوانح حيات هڪ اُردو زبان ۾ ”مردِ ڪامل“ جي نالي سان، هڪ سنڌي زبان ۾ ”سامي سون ٿيا“ جي نالن سان ڇپرايائون. درگاهه عاليه نقشبنديه تي هر مهيني اسلامي مهيني جي ٽين جمعرات جو سندن والد محترم جي حڪم موجب ”محفل ذڪر“ ۽ جلسو ڪرائڻ ۽ جماعت سان پيار ۽ محبت سان ملڻ ۽ هر لحاظ سان سندن خيال ڪرڻ فرمائيندا هئا. پنهنجي والد محترم جي عرس مبارڪ جي موقعي تي هر سال ملڪ پاڪستان مان جماعت کي وڏي سِڪ ۽ محبت سان دعوت ڏئي گڏ ڪري، هڪ عاليشان پروقار جلسو سجائڻ، جنهن ۾ نامور مشائخ عظام، علماءِ ڪرام، نعت خوان سڏائي پنهنجي والد جي گلشن جي آبياري فرمائڻ ۽ خدا پاڪ جل شانَہٗ ۽ حضور پاڪ ﷺ جي دين جي خدمت ڪرڻ فرمائيندا هئا. کين پنهنجي والد بزرگ رحه جي مشن سان بي انتها عشق هو، تنهن ڪري عشق مصطفيٰ ﷺ ۾ سرشار رهي، خدا پاڪ جل شانَہٗ جي رضا لاءِ مخلوق خدا سان هر وقت پنهنجو تعلق ڳنڍي رکندا هئا ۽ بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙين خطرناڪ بيمارين جي باوجود رات ڏينهن جماعت سان هر وقت رابطي ۾ رهندا هئا. هرسال پنهنجي والده محترمه جو عرس شريف سفر جي مهيني ۾ وڏي عشق ۽ محبت سان ملهائيندا هئا، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ جماعت درگاهه شريف تي ايندي هئي. ان موقعي تي هڪ عاليشان محفل روحاني منعقد ڪندا هئا ۽ ماءُ جي محبت کي رضا الاهي جو ذريعو سمجهندا هئا ۽ پنهنجي جماعت کي والدين جي محبت جو درس ڏيڻ فرمائيندا هئا. سندن وصال مبارڪ ۹جون ڏينهن ۲۰۱۳ع بمطابق ۲۹رجب مرجب ۱۴۳۴هه صبح ساڍي نائينوڳي درگاهه عاليه نقشبنديه مجدديه نعمتيه رحمانيه تي ٿيو. سندن جنازي نماز درگاهه عاليه نقشبنديه ويهڙ شريف جي سجاده نشين پير فقير محمد ويهڙائي مدظلہ العالي جن پڙهائي، جنهن ۾ مشهور مشائخ عظام، ملڪ پاڪستان جي مشهور علماءِ ڪرام، خلفاءِ عظام، هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي. سندن کي ۱۰جون۲۰۱۳ع بمطابق ۳۰رجب المرجب ۱۴۳۴هه سومر ڏينهن صبح ساڍي نائينوڳي پنهنجي والد محترم جي روضي ۾ هزارين عاشقن جي آلين اکين سان مدفن ڪيو ويو.
ادا هي عاجز به ڪجھ عرصو سندن صحبت ۾ رهي چڪو آهي ، ان وقت انٽرميڊيٽ جي امتحان کان فارغ ٿي مون ڪجھ عرصو دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ، پاڻ سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي بي پناھ محبتي ماڻهون هئا ، الله پاڪ سندن درجات بلند فرمائين آمين
سندن وصال مبارڪ ۹جون ڏينهن ۲۰۱۳ع بمطابق ۲۹رجب مرجب ۱۴۳۴هه صبح ساڍي نائينوڳي وصال جو مطلب آهي جدائي پوءِ اها عارضي هجي يا دائمي مضمون ۾ بزرگ سان اوهانجي بي انتها محبت ظاهر آهي، پر ان جي جدائي به اوهان کي برڪتن واري ٿي نظر اچي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ اوهان جي ان لفظن مان معلوم پيو ٿئي ته يا توهان عبدالرحمان قريشي مان تنگ هيا يا هو توهان کان بيزار هيو.