پاٽائي، مخدوم عباس: مخدوم عباس پاٽائي -بن- -جلال- صديقي پاٽائي، -پاٽ- شهر دادو ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي -تعليم- حاصل ڪيائين، پر بعد ۾ ڪن سببن جي ڪري 947 هه/ 1540ع ۾ -پاٽ- مان هجرت ڪري هنڱورجا ۾ اچي رهڻ لڳو (جنهنڪري -تاريخ- جي ڪتابن ۾ کيس مخدوم عباس هنڱورجو لکيو ويو آهي). سڄي عمر -تعليم- ۽ تدريس جو ڪم -جاري- رکيائين ۽ ڪيترا وڏا عالم وٽس پڙهيا، حڪيم عثمان بوبڪائي ۽ قاضي عبدالسلام برهانپوري سندس شاگردن مان هئا، قاضي عبدالسلام جو چوڻ هو ته: ”دين، ديانت، دانش، بينش، حليميت ۽ محبت اهي سڀ اوصاف مخدوم صاحب جي سرشت ۾ شامل هئا، ننڍي هوندي کان وٺي وفات تائين ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪجهه طلب نه ڪيائين“. مير معصوم بکري -تاريخ- معصوميءَ ۾ لکي ٿو ته: ”مخدوم عباس پاٽائي تفسير، حديث، فقھ ۽ ٻين علمن ۾ وڏي اهليت رکندڙ هو، هر هڪ مسئلي تي تمام سهڻي نموني -تحقيق- ٿيل هئس، زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هن جهڙو ڪو ٻيو نه هو، رات ڏينهن عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو، حديث بيان ڪندي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئس، هن عالم 96 سالن جي عمر ۾ 14 شعبان 998هه/ 8 جون 1590ع ۾ وفات ڪئي.