اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اوهانجي منهن تي هڪ مشڪ اهڙي روشني آهي ، جنهن سان ٻيا ماڻهون اوهانجي اندر جي خيال رکندڙ، حساس ۽ پيار ڪندڙ انسان کي جاچي وٺندا آهن ...
    [​IMG]

    بيشڪ زندگي ننڍڙي آهي پر مشڪڻ کي صرف هڪ سيڪنڊ کپي ٿو ...
    [​IMG]
    اکين ۾ موجود هر هڪ ڳوڙهي جي پويان هڪ مشڪ هوندي آهي ...

    مشڪ سان منهن تي پئدا ٿيندڙ وڪڙ سان زندگيءَ جا ٻيا وڪڙ سڌا ٿي ويندا آهن ...

    سٺو پاڙيسري اهو آهي جيڪو اوهانکي مشڪ سان ملندو هجي پر اوهانجي ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو هجي ...
    [​IMG]
    جيڪڏهن ڪنهن دوست کي اوهان بغير مشڪ جي ڏسو ته، اوهان کيس پنهنجي مشڪ سان سندس مشڪ واپس آڻي سگهو ٿا ...

    هلڪي مسڪراهٽ چپن تائين هوندي آهي، ٿوري وڌيڪ مسڪراهٽ اکين تائين پهچندي آهي، هلڪي کل پيٽ وٽان نڪرندي آهي پر سٺي کل روح کان نڪرندي آهي ۽ ٽهڪڙن جا ڦوڪڻا هر طرف اڏرندي محسوس ٿيندا آهن ...

    ڇاڪاڻ اوهان هر گهڙيءَ مشڪندا رهو ٿا انڪري ئي اوهانجي زندگي سهڻي آهي ...

    مشڪ پيار جي ٻولي آهي ...
    [​IMG]

    مانجهي مڙس اهي آهن جي مشڪل ۾ مشڪندا آهن، کلڻ جي سگهه تڪليفن مان گڏ ڪندا آهن ۽ سندن منهن تي بهادريءَ جا آثار نظر اچڻ لڳندا آهن ...

    مشڪ اوهانجي چهري تي بغير ڪنهن خرچ جي تازگي آڻيندي آهي ....

    دنيا جي سڀني ماڻهن جي مشڪ جي زبان هڪ ئي هوندي آهي ...
    [​IMG]
    ٻار هڪ ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 400 دفعا مشڪندا يا کلندا آهن، جڏهن ته وڏا ماڻهون 15 دفعا، ايئن ڇو؟
    رحمدليءَ جي بين الاقوامي ٻولي آهي دلي مشڪ ...

    جيڪڏهن مونکي اها خبر پوي ته منهنجي هڪ مشڪ ڪنهن ماڻهونءَ جي سڄي ڏينهن جو بار هلڪو ڪري وجهندي ته آءُ پنهنجي مشڪ ڪڏهن به نه روڪيان ... ڇا اوهان روڪيندا آهيو؟
    [​IMG]
    مشڪ ڏيو ۽ دل سان کلو، ڇاڪاڻ ته انسان جي مشڪ رب العالمين جو بهترين تحفو آهي ... ڪڏهن ڪڏهن آءُ سوچيندو آهيان ته ڇا ٻين حيوانن کي مشڪ جهڙو تحفو مليل آهي ...؟؟؟
    [​IMG]

    مهربان دوستو! مشڪ ڏيو، کلو ۽ روشن رهو ... مشڪندڙ مهانڊا ڪيترا نه وڻندڙ هوندا آهن، اوهانجو چهرو پڻ کلڻ سان مشڪڻ سان سهڻو لڳندو آهي ...
    [​IMG]
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    يار هي خوبصورت تصويرون ڏسي مونکي مهنجو پٽ ياد اچي ويو هو به ا ئين مسڪرائئيندو آهي جيڪو مونکان پري ڳوٺ ۾ رهندو آهي ۽ ما ڪراچيء ۾۔ بهترين شيئرنگ آهي۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    واهه واهه حقيقي مُشڪ انهن معصوم ٻارن جي پسي روح کي رات اچي وئي دل تان فڪرات جا ڪٽ لهي ويا پر يار هي ٻه تصويرون پڪ مون سُڃاتيون آهن انهن مان هڪڙو نثار ابڙو آهي ۽ هڪڙو نثار ناز آهي سنڌ سلامت جي انهن عقلمند ماڻهن جن وٽ پنهنجو دماغ آهي اهي ٻنهي تصويرن مان سڃاڻي فوري لکن ته انهن مان نثار ابڙو ڪهڙو آهي ته نثار ناز ڪهڙو آهي تصويرون ڏجن ٿيون۔
    [​IMG]


    [​IMG]

    وارو ڪريو مقابلو شروع آهي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    مون ته پاڻ کي سڃاڻي ورتو آهي جو امان ٻڌائيندي هئي ته تون هميشه ۔۔۔۔۔؟؟؟
    انڪري ٻيو پڪ سان نثار ناز ئي هوندو ۔۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    سائين قبلا بهترين ڪوشش‌ آهي شال خوش‌ هجو سائين منهنجي خيال ۾ اچي جبي سان سائين آهي ۽ ڳاڙهي جوڙي سان سائين آهي.
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    واه جا سڃاتا اٿئي ۔۔۔۔ هل چري! اسان کي ان پاسي ته خيال ئي نه ويو ۔۔۔۔ :-t:-t
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    سائين قبلا ٿريڊ جو عنوان آهي مرڪڻ ۽‌ مسڪرائڻ ان ڪري ڪجهه ٻه لفظ لکياسين وڌيڪ لکڻ ۾ ڪا گستاخي نه ٿي پوي انڪري ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا ۽‌ مرڪندا رهندا ته ڪوشش‌ ڪاميابي طرف گامزن سمجهي ويندي شال سدا سلامت رهو۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    اُون هُون مونکي پڻ منهنجي جيجل ٻُڌائيندي ته مان ڀي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان ڪري مونکي پنهنجي باري ۾ خبر آهي، باقي ٻيو يقينن تُون هوندين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ابڙا پاڻ ته هڪ ٻئي کي سُڃاڻي ويا آهيون پر مون سوال ته سنڌ سلامت جي انهن ماڻهن سان ڪيو هو جن وٽ ماشا الله پنهنجو عقل سليم آهي، اهي اڃان اڳيان ڪونه آيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    واهه سائين واهه ! مطلب ته اڇي جبي وارو الف ن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هُو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڳاڙهي جُبي وارو الف ن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هِي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه سائين رحيم بخش اصل توهان جي عقلمندي کي سلام آهي۔۔ جس هُجي توهان کي جو ايترا تمام پيارا ڪامينٽس اسان سان ونڊيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    هائو يار! امڙين جي مهرباني جو ڄڙي به ويون ۽ پار پتا به ٻڌائي ويون ،،، مطلب ماڻهون ڪري ويون ۔۔۔ نه ته انسان جا ڪهڙا حال جانور جو جانور ۔۔۔ رب العالمين امڙين کي سلامت رکي ۽ جيڪي فوت ٿي ويون آهن انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اوهانجي مشڪ ڪيتري اهم آهي؟

    مٺا عرس پريا! ڳڻتي نه ڪر، بس موڪل ملي ته وڃي چڪر هڻي اچ ۽ اسانجي طرفان به پنهنجي پٽ کي پپي ڏجو ۽ کيس مشڪندڙ چهري ته پيار ڪجو ۔۔۔ رب کيس صالح ڪندو ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو