• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسحاق سنڌي، قلندر پاٽائي

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
: سنڌ جي -پاٽ- ڳوٺ جو رهاڪو، دنيا جي سير واسطي قلندرانه صورت ۾ نڪري پيو. هر هڪ ويراني ۽ آباديءَ جي گوشي گوشي ۾ پهچي ويو ۽ هر هڪ ملڪ کي پوري غور سان ڏسندي سندن خاصيتن کان واقف ٿيو. 958 هجريءَ ۾ سير سفر کي -ترڪ- ڪري برهانپور (ڏکڻ هندستان) ۾ اچي رهيو ۽ اتي شيخ طاهر -بن- شيخ يوسف سنڌي محدث جي خدمت ۾ رهي پيو. 1003 هجري/1594ع تائين شيخ طاهر جي خدمت ۾ رهيو ۽ انهيءَ سال تائين جيڪو محدث طاهر سنڌيءَ جي وفات جو سال آهي، ڪڏهن به پنهنجي مرشد ۽ شيخ کان جدا نه ٿيو. شيخ محمد غوثي برهانپوري ’گلزار ابرار‘ جو مصنف لکي ٿو، ته 1002هجري/1593ع ۾ مان انهن ٻنهي بزرگن سان ملاقات ڪئي ۽ همسائگيءَ سبب فيض حاصل ڪيو. وڌيڪ لکي ٿو ته شيخ اسحاق قلندر جو -تصوف- ۾ طريقو، ارادي جي مضبوطيءَ ۽ استقامت تي هو. آخر ۾ پنهنجي مرشد ۽ -استاد- شيخ طاهر جي وفات کان پوءِ 7 سال هن دنيا ۾ گذاري سن 1010هجري/1601ع ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيائين.
 
Back
Top