مخدوم ميان محمد عثمان سائين مرونديءَ جي پاٽ شهر ۾ اچڻ جو احوال: سردار چنڙ پاٽائي وڏن پيرسنن کان معلوم ٿيو ته جناب مخدوم سائين ميان محمد عثمان مروندي قلندر لال شهباز رح جن جڏهن بغداد کان آيا ٿي ته پاڻ پاٽ پُراڻيءَ ۾ قيام ڪيائون. ساڻن گڏ گهڻو فقراء هو. هڪ ’ڪالونگو‘ واڻيو، جيڪو پاٽ جو رهاڪو هو، سو سندن مودي ٿيو. کين سيڌو سامان پهچائيندو هو. جڏهن پاڻ سيوهڻ روانا ٿيا ته اهو واڻيو به گڏجي وين. اتي به سندن مودي رهيو. چون ٿا ته هن هندوءَ تي سندن گهڻو پيار هو ۽ اهو به واصل بالله ٿي ويو. هاڻي جو ميلي تي هندن جا ساٺ ٿين ٿا، اهي هندو ساٺ ڪرائيندڙ پاٽ پُراڻيءَ جي نسل مان آهن. آکاڻي انگريز سرڪار جي: آکاڻي انگريز سرڪار جي، جنهن ۾ اسين وڌيڪ خوش آهيون. ريليون، تارون، ٽپال، آفيسون، ٿاڻا، اسڪول، اسپتالون، جج ۽ ٻيا انصاف ڪرڻ وارا ادارا انگريز جي دؤر ۾ ٿيا آهن. محرم 1259هه (17- فيبروري 1843ع) ۾ ٽالپرن هارايو ۽ نظربند ٿيا. انگريزن حيدرآباد جو عاليشان قلعو هٿ ڪيو. مير عليمراد خان انگريزن جي مدد ڪئي هئي، ان جي عيوض ۽ وفادارين جي انعام هيٺ کيس سيوهڻ کان شڪارپور تائين حفاظت لاءِ ملڪ ڏنو ويو، جنهن جي پاران درمحمد ڪيهر، صوبيدار خان جلباڻي، رکوال ٿي آيا. سيوهڻ کان وٺي پنهنجا ڪارندا وهاريندا اتر ڏانهن وڌندا ويا. موندر ۾ پهلوان شاهه ۽ ڪَڪَڙ ۾ بافتو (خان) مقرر ٿيا. جڏهن ٽالپرن کان حڪومت کسجي وئي، تڏهن فصل خريف جو هلندڙ هئو. مٿين ڪامورن ميرن وارا ساڳيا پٽيوالا، انباردار ۽ تحصيلدار بحال ڪيا. انهن جا ڪاغذ پٽ جاچيائون. جن زميندارن ڍل ۽ ڪڻ جي وصوليءَ جون رسيدون ميرن جي مٿين ڪامورن جون پيش ڪيون، تن کي مجرائي ڏنائون، باقي جيڪي رهيل هئا سي اڳاڙي ورتائون، تنهن کانپوءِ ربيع جي فصل جي اوڳاڙي به انهن ڪامورن ڪئي. ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ انگريزن ميرن جي ڪامورن کي هٽائي پنهنجا ڪامورا ۽ ڪاردار، پوليس وارا ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا. انگريزن ’ڪاسڪيون‘ ختم ڪري ’بٽئي‘ جو رواج وڌو. ان مان ٻه حصا هاريءَ ۽ زميندار کي ۽ هڪ حصو سرڪار کي ملندو هو، جنهن کي به بعد ۾ تبديل ڪري ڍل جي صورت ۾ وصول ڪرڻ لڳا. هارين تي ڏاڍي سختي هئي. هاري جيڪڏهن آڀون کائيندا هئا ته هڪ روپيه ڏنڊ مقرر ڪيو ويندو هو. ويچارا آڀونءَ لاءِ پيا سڪندا هئا. هارين کي سرنهن جي ساڳ مُٺ پَٽڻ جي طاقت نه ٿيندي هئي. جيستائين بٽئي ٿئي، تيستائين موديءَ جو رکيل (سڙيل) اَنُ هنن کان وٺي کائيندا هئا، جنهن جي عيوض مودي تازو اَنُ هنن کان بٽئي تي وصول ڪندو هئو. جيسين موديءَ جا انبار خالي نه ٿين، تيسين بٽئي ڪرڻ کان پيو نٽائيندو هئو. ڪامورا مودين جا قرضدار هوندا هئا. انهيءَ ڪري انهن جي مرضي رکندا هئا. انگريزن جي دؤر ۾ ڍل مان روپيه تي آنو لوڪل سيس مقرر ڪئي وئي، اهي پئسا الڳ رکندا هئا ۽خيراتي ڪمن تي خرچ ڪندا هئا. انگريزن کان اڳ ۾ ڪنهن جي چوري ٿيندي هئي ته ميرن يا ٽالپرن جا ڪامورا ڳولا ڪانه ڪندا هئا. ويچارا ماڻهو پنهنجي مهڙ وتندا هئا. وؤڙون ڏيندا، يا ڪنهن بيٺلائيءَ واري وڏيري جي وسيلي ڳولا ڪندا هئا. پوءِ جي چوري لڀندي هئي ته اهو وڏيرو ڀاڳئي کان خرچ پکي جي بهاني ڀُنگ وٺندو هئو ۽ سرڪار لاءِ چور کان چٽي وٺندا هئا. ڪاردار جي هيٺيان جيڪو منشي هئو، اهو چور کان سرڪار لاءِ چٽي وٺي سرڪاري پٽن تي چاڙهيندو هو. ڪاردار ڪورا ڄٽ يعني اڻ پڙهيل هئا ۽ محرر يا منشي پڙهيل رکندا هئا. منشي پنهنجي مرضيءَ مطابق رقم داخل ڪندا هئا. گهڻي رقم هضم ڪري ويندا هئا. ڪاردار ۽ ڪمدار، ڪڪڙ، راهوجا، لڌاڻ، وغيره جا ظلم ڪندا هئا، تڏهن پاٽ جا زميندار، جيڪي اهڙن ڪمن کان بچيل هئا، سي صلاح ڪري ميرن- ٽالپرن وٽ ويندا هئا ته فلاڻو ڪاردار، فلاڻي هنڌ ظلم ٿو ڪري. پاٽ جي زميندارن جي چوڻ تي ڪاردارن خلاف ڪارروايون ٿينديون هيون. ميرن جي دؤر ۾ جيڪڏهن ڪنهن چور خلاف مڪمل ثابتي نه ملي، ڀاڳيو چوي ته فلاڻو چور ۽ اهو ماڻهو نه مڃي ته ڪاردار ان ماڻهوءَ کي ٽانڊن مٿان هلائيندا هئا. جي پير سڙيا ته چور نه ته هليو وڃي. هڪ ٻيو طريقو هو هو، جو ڪچي سٽ جي ڌاڳي سان پن ٻڌائيندا هئا ۽ پوءِ ڄَرَ تي جهليندا هئا. جي پن سڙي ويو ۽ تند نه سڙي ته چور ثابت، نه ته ڇُٽي ويو. چور کان پڇندا هئا ته ڄَرَ جو يا جَرَ جو. جيڪڏهن چور چوندو هئو ته ڄَرَ جو ته مٿيون عمل ۽ جي چور چيو ته جر جو ته چور کي پاڻي ۾ ٽٻي هڻائيندا هئا. هڪ ڪاٺي پاڻيءَ ۾ کتل هوندي هئي، ان کي پاڙ ۾ هٿ وجهي چور پاڻيءَ ۾ وهندو هئو. جلد هڪ ماڻهو ڪمان ۾ ڪان وجهي ڪشي اڇلائيندو هئو. ٻيو ماڻهو تکيون وکون کڻي ڊوڙون پائي اهو ڪڍي ايندو هئو. جي ماڻهو پاڻيءَ ۾ ان کان اڳ ۾ نڪري آيو ته چور ثابت ٿي ويو ۽ جي بعد ۾ نڪتو ته تهمت کان آجو. جيسين چور سرڪار جو خرچ نه ڀريندا هئا، تيسين پيا جيلن ۾ سڙندا هئا. کاڌو ڪونه ملندو هون (اڌ بک اڌ ڍءُ ۾ پاهه پيا ٿيندا هئا.) انهن ڏينهن ۾ چوري اڪثر بلوچ ڪندا هئا. ڦُر به ڪندا هئا، لحم (لوهم) واري پٽ تي ”سندو“ حُرُ ڦر ڪندو هو. (نوٽ: لحم واري پٽ تي هينئر پيارو ڳوٺ اسٽيشن ۽ پيارو ڳوٺ شگرمل آهي.) ماڻهو منجهانئس ڏاڍو ڪڪ هئا. اتفاق سان مير فتح علي خان ميرباگي خان سان جهيڙو ڪرڻ ميهڙ ٿي ويو. انهيءَ ڪري جو جڏهن سنڌ جو ملڪ ورهايائون، تڏهن ميهڙ ملي مير باگي کي. پر هن چيو ته مون کي ميهڙ جو پرڳڻون نه کپي، پر مون کي معمول گهرجي (معمول مقرر وظيفي کي چيو ويندو هئو.) جيڪو مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ مير باگو ڦري ويو ۽ ميهڙ جو پرڳڻو گهريائين، جيڪو مير فتح علي نه ڏنس مير باگي زبردستي قبضو ڪيو، سو مير فتح علي ويڙهه لاءِ تيار ٿي ويس. لحم وٽان جڏهن لنگهيو ته پاٽ جي زميندارن ”سنڌو جي شڪايت ڪيس پنهنجي عملدارن کي حڪم ڪيائين ته ”سنڌو کي ماريو. تڏهن هن جي عملي هن حڪم جي پوئواري ڪئي. هاڻي انگريزن جي دؤر ۾ چوريءَ جي رپورٽ داخل ٿاڻي تي ٿئي ٿي. چورن کي ڳولڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ پوليس مقرر آهي. چورن کي سزائون ڏيڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا آهن. ڪورٽون قائم ٿيون آهن، جيڪي انصاف رُوءِ فيصلو ڪن ٿيون ۽ هر امير غريب کي انصاف پلئه پوي ٿو. انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ ڪاردارن کي فوجداري ۽ ديواني مقدمن نبيرڻ جي ڪا اختياري نه هئي، نڪا ڪنهن کي آبرو جي ڪرسي مليل هئي. 1851ع ۾ ڪاردارن کي انگريزن اهميت ڏني، کين ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جي درٻار ۾ ڪرسيون به مليون ۽ ڪجهه اختيار مقدمن هلائڻ جو به مليو. وڏا حڪم ڊپٽي صاحب هلائيندو هو، جو پوليس وارا ڏوهارين کي انهيءَ وٽ رجوع ڪندا هئا. آهستي آهستي زميندارن کي به ڪرسيون ملڻ شروع ٿيون. انهيءَ طرح زميندارن ۽ سرڪاري ڪامورن جي عزت ۽ آبرو حڪومت انگريز سرڪار جي ۾ وڌي. هينئر جيترو مان ۽ عزت زميندارن ۽ ڪامورن کي انگريزن وٽان ملي ٿو، اوترو کين ٽالپرن، ميرن وٽان نه ملندو هو. پهرئين دؤر ۾ انگريزن پروانا وغيره به انهن کي ڏنا، جن انگريزن کي ميرن خلاف گهڻي مدد ڪئي. تنهن کانسواءِ ڪجهه عالم فاضل ماڻهن کي به عزت ملي. ان کانپوءِ سفارش تي به ڪرسيون ملڻ شروع ٿيون، جنهنڪري ننڍي وڏي جو سنڌو ختم ٿي ويو. هر ڪو پاڻ کي ”ڪرسي نشين“ پيو سڏائي. هت پاٽ ۾ پهريائين ميان محب النبي ۽ مير محمد جوڻيجي کي ڪرسيون مليون، پوءِ گهڻي وقت کانپوءِ قاضي شهاب الدين ولد قاضي ميان فتح محمد (صديقي) کي ڪرسي ملي. ميان محب النبي جڏهن گذاري ويو، تڏهن سندس پٽ ميان قادر بخش ننڍو هو. ان کي انگريزن ڪرسي ڪانه ڏني. ميان ميرمحمد جوڻيجو 1281هه/ 1864ع ۾ گذاري ويو. کيس اولاد ڪونه هو، ان جي پڳ راڄ ڀاڳ جي، هن ضعيف لکندڙ کي ٻَڌايائون. وقت گذرڻ کانپوءِ پاڻ ۾ چوڏهن ڪرسي نشين ٿي ويا آهن، انهن جو بيان اڳتي هلي ڪندس. انگريزن جي زماني ۾ پاڻ ۾ جهيڙي ٿيڻ جي ڳالهه: وڏيري ميان محبت النبي ۽ ميان ميرمحمد جوڻيجي جو تڪرار زمين تان هميشـﮧ ٿيندو هو. تاڳري واري زمين، جا غير آباد هئي، تنهن جي هٿ ڪرڻ لاءِ جوڻيجن ۽ انصارين، سارين جي ٻج جون ڀريون ڀر وارين زمينن مان کڻائي، گهڻا هاري گڏ ڪري اچي ان تاڳري واري زمين ۾، جنهن ۾ پاڻي بيٺل هو، اتي رونبو ڪرايو. رونبي مهل ميان ميرمحمد کانسواءِ جوڻيجن ۽ انصارين جا ٻيا به وڏا موجود هئا. سندن ننڍن ۾ آءٌ يارمحمد، ميان محمد قائم، ميان محمد صادق، ميان خوش محمد ۽ محمد علي انصاري به موجود هئاسين. رونبو ڪرائي سڀ زميندار هليا ويا، اسان به وڏن سان گڏ گهر موٽياسين. اوسي پاسي وارا هاري به پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن هليا ويا. صرف پاٽ جا رهاڪو هاري اچي مخدوم حاجي ميان محمد اسماعيل رحه جي اوتاري ۾ آسائش وٺڻ ويٺا ۽ پاڻي پيتائون. ٿوري دير ۾ ڏٺائون ته وڏيرو ميان محب النبي چاليهه پنجاهه ماڻهو وٺيو پيو اچي. زمين تي پهچي هن نعرو هنيو. جوڻيجن ۽ انصارين جي هارين ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وڏيرو جيڪو جهيڙي لاءِ تيار ٿي آيو ته هو، تنهن رونبيل ٻج پٽائڻ شروع ڪيو. نيٺ جهيڙو شروع ٿيو. وڏيري جا ماڻهو گهڻا هئا، انهيءَ ڪري جوڻيجن ۽ انصارين جي هارين جي هار ٿي. وڏيري سڄو ٻج پٽرائي ڇڏيو ۽ ”ڪمن“ واڻئي ان زمين تي وڏيري جي پاران سبزيون پوکايون. مٿين ڳالهه تي مير محمد جوڻيجي صبر ڪيو. ان کانپوءِ وڏيري ميان عبدالنبيءَ جو مَن وڌي ويو ۽ وڌيڪ زور آوريون ڪرڻ لڳو. آخرڪار ميرمحمد جوڻيجي فيصلو ڪيو ته جيسين هار جو وير نه وٺنداسين، پيٽ ڀري ماني نه کائينداسين. خير فصل خريف جو گذري ويو. ربيع پوکڻ جو وقت آيو. هڪ ٻني، جا پاٽ جي اتر ۾ وهندڙيءَ جي ڪپ تي آهي، ان ۾ ميان محمد عطا انصاري هَرَ ڦار ڪري ڪهرائي، هيٺايون مٿاهيون مارائي ٻج ڇٽڻ لاءِ تيار ڪرائي. ان زمين تي وڏيرو ميان محب النبي دعوى ڪندو هو ته اها زمين اسان جي وڏن جي آهي. اسان جي وڏن محمد عطا انصاري جي وڏن وٽ ڳهه (گروي) رکي هئي. سو اهي پئسا واپس وٺو ۽ زمين ڇڏيو. نيٺ ڳجهي طرح ماڻهو ۽ ڏاندن جا جوڙا هٿ ڪري زبردستي زمين تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيائين. اها خبر جڏهن ميرمحمد جوڻيجي ۽ محمد عطا انصاريءَ کي پيئي، تڏهن هنن فيصلو ڪيو ته هار جو بدلو وٺنداسين، پوءِ جيڪا مڪافات انگريز سرڪار جي پئي سا ڀري ڏينداسين. جي ماٺ ڪنداسين ته وڏيرو آهستي آهستي اسان جون زمينون به پنهنجي قبضي ۾ ڪندو. يڪدم سٺ ستر ماڻهو گڏ ڪري، انهن کي لٺيون ڌڪا ڏئي وڃي وڏيري ۽ سندس ماڻهن تي حملو ڪيائون. عبدالنبي گهوڙي تي چڙهيو ويٺو هو ۽ هن جي ماڻهن پئي هر ڪاهيا. عبدالنبي جي ماڻهن کي کڙا (کيڙيءَ جا ڀتر) هٿ اچي ويا، جو هنن هر پئي ڪاهيا. جهيڙو ڳنڍجي ويو. ڀتر اهڙو پيا گهوگهٽ ڪن ڄڻ توف جا گولا هئا. مير محمد جا ماڻهو نزاڪت سمجهي پٺتي هٽيا ته وڏيري جا ماڻهو به پٺيان آين، پر کيڙيءَ جا ڀتر ڀُري ٿي وين. پوءِ ته اچي جوڻيجن ۽ انصارين جي ماڻهن وتن. آخر وڏيري جي ماڻهن پٽڪا لاهي ڊگها ڪيا. چيائون، ”ڊوهي اٿو ڀلارن جي، جهيڙو نه ڪيو.“ وڏيري جي گهوڙيءَ کي به ڏاڍيون لٺيون لڳيون. نيٺ جهيڙو بند ٿيو. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وڏيري ڏاتاڻيءَ جي چانڊين جي مدد سان وساڻل باهه کي جاڳايو. ان وقت ربيع جي نار پوک وهندڙيءَ تي چڙهيل هئي، تن مان اوڀارا ۽ ڏنگيون ڪڍي جهيڙو ڳنڍيائون. چانڊين ايڏي سوٽي بازي ڪئي جو ميان اميد علي، ميان محمد قائم ۽ مير محمد ڦٽجي پيا. ميان عبدالنبي کي به ڪجهه ڌڪ لڳا. انهيءَ ڏينهن ڊپٽي ڪليڪٽر ”ينگ“ صاحب پاڻ ۾ لٿل هو، تنهن جو هُل ٻڌو ته پڇا ڪيائين ته هي هُل ڇا جو؟ ماڻهن چيس، مير محمد جوڻيجي ۽ ميان عبدالنبي (ڀٽيءَ) جو جهيڙو آهي. ان دور ۾ پوليس وارا چانڊيا هئا. ان زماني ۾ ڪاردارن جي نائبن کي ڪنجڪي چوندا هئا. ”ينگ“ صاحب هڪڙي ”ڪنجڪيءَ“ کي موڪليو ته وڃي ٻنهي ڌرين کي چئه ته جهيڙو بند ڪن. پر ڌرين ”ڪنجڪيءَ“ کي نه ليکيو. آخر ڪاردار پاڻ اچي جهيڙي ۾ پيو ڌرين کي ڏاڍا دڙڪا ڏنائين ۽ وڙهندڙن کي جدا ڪيائين ۽ ٻنهين ڌرين کي ”ينگ“ صاحب پاڻ وٽ ”راڄيديري“ منزل تي گهرايو، جو ”ينگ“ صاحب کي پاٽ مان اوڏانهن وڃڻو هو. ڌرين پنهنجا ڦَٽي جهڙوڪ ميان محب النبي، محمد مقيم ۽ سندس ٻيا مائٽ کٽولن تي کڻائي راڄيديري پهچايا. ٻي ڌر جا ڦٽي ميان ميرمحمد، ميان اميد علي جوڻيجو، ميان محمد قائم جوڻيجو به کٽولن تي کڻائي راڄيديري پهچايا ويا. ان جهيڙي ۾ وارث پٽ اسماعيل کٽي، عبدالڪريم پٽ طالب دايو، پني ميمڻ، دودي ماڇيءَ ۽ هاشم پٽ محمد حسين ڪوري ڏاڍي ويڙهه ڪئي ۽ مير محمد کي بچائڻ لاءِ اڳيان ٿيا. ڊپٽي ڪليڪٽر ميهڙ مان ڦٽيلن جي دوا درمل ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر گهرايو، جنهن ڏسي چيو ته ”هيءُ اسپتال ۾ د اخل ڪرڻ جهڙا ڪونهن“، انهن جي اتي ئي مرهم پٽي ٿي وئي. ”ينگ“ صاحب محمد عطا انصاريءَ کي چيو ته جڏهن ٻنيءَ تان جهيڙو تنهنجي ۽ عبدالنبيءَ جي وچ ۾ هو ته پوءِ مير محمد جو ڪهڙو ڪم هو جو وچ ۾ پيو. محمد عطا جواب ۾ چيس، ”اسان پاڻ ۾ ايامن کان عزيز آهيون ۽ ويجها مائٽ ٿيون، منهنجي سڳي پڦي هن جي ڏاڏي آهي.“ تڏهن ”ينگ“ صاحب منشيءَ کي چيو ته محمد عطا کي به جوڻيجو ڪري لک. آخر فيصلو اهو ٿيو ته عبدالنبي ۽ سندس مائٽن مان هر هڪ تي پنجاهه رپيا ڏنڊ ٿيو ۽ ٻيءَ ڌر مان ميرمحمد ۽ لال محمد جوڻيجي تي پنجاهه پنجاهه رپيا ڏنڊ ٿيو. انهيءَ کان سواءِ ٻنهين ڌرين کي سال جا ضامن ڏيڻا پوندا، ته ضامن مصيبت ۾ ايندا. نيٺ غلام علي ڏاوڇ همٿ ڪئي ۽ چيائين ته هيترا چڱا مڙس جيل وڃن ته اسين ڪهڙو منهن کڻي گهر وينداسين ۽ پاڻ ضمانت نامون لکي ڏنائين. ”ينگ“ صاحب چيو ته مان پاٽ ۾ اچي اوهان جو فيصلو ڪندس. نيٺ مخدوم حاجي ميان فضل الله وٽ فيصلو پورو ڪيائون، جنهن مطابق ڍنڍ معرفاڻي واري زمين مان ٻه ڀاڱا جوڻيجن کي مليا ۽ ٽيون ڀاڱو محب النبي کي مليو. تاڳري واري زمين مان ٻه ڀاڱا وڏيري کي ۽ ٽيون ڀاڱو محمد عطا کي مليو. جنهن زمين تي جهيڙو ٿيو هو، سا زمين اڌو اڌ ڪئي ويئي. مٿين فيصلن مان ڪي عمل ۾ آيا. ان زماني ۾ انگريزن سنڌ ۾ اڃا سول ڪورٽ ڪانه وڌي هئي. تاڳري جي زمين آخرڪار جوڻيجن کي ملي، ٿوري محب النبي کي به ملي، جا به ڪلر ٿي ويئي. ان جهيڙي کانپوءِ ”ينگ“ صاحب پاٽ ۾ ٿاڻو رکيايو، جيڪو ٻارهن مهينن کان پوءِ پاٽ جي زميندارن گڏجي رڪڻ منتقل ڪرايو. مرحوم يارمحمد جوڻيجي جا پونير 1- امير محمد ولي عصمت الله ولد امير محمد ولد محمد خان ولد يارمحمد جوڻيجو 2- نظر محمد ولد عبداللطيف ولد لعل محمد ولد يارمحمد جوڻيجو. 3- محمد حيات ولد يارمحمد ولد حيات خان ولد يارمحمد جوڻيجو. 4- نصير محمد ولد فتح الدين ولد نصيرمحمد ولد محمد خان ولد يارمحمد جوڻيجو.
تقريبن 115 سٽن جي مضمون ۾ صرف 14 سٽون قلندر شهنشاھ سان واڳيل آهن جنهن ۾ به قلندر جو هڪ دفعو نالو آيو آهي باقي سڄي مضمون مان قلندر گم آهي.