حميده بانو بيگم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2016۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    حميده بانو بيگم
    سردارچنڙ پاٽائي
    هڪ سنڌياڻي جنهن هندستان جو کسيل تخت مغل بادشاهن کي واپس ڪرايو -
    ذوالفقار قادري
    ايران جي خراسان واري علائقي سان تعلق رکندڙ شيخ احمد جامي وڏو صوفي عالم ٖ شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي ايراني بادشاه ان جي مريدن ۾ شامل رهيا آھن ٖ ان خاندان جو هڪ بزرگ شيخ علي اڪبر جامي عرف ميان بابا دوست هجرت ڪري اچي ضلع دادو جي ڳوٺ پاٽ ۾ ويٺو شيخ علي اڪبر جامعي هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ هو شيخ علي اڪبر جامعي کي سندس گهرواري مهناز افروز مان پاٽ ڳوٺ ۾ ھڪ نياڻي پيدا ٿي جنهن جو نالو حميده بانو رکيو ويو ٖ حميده بانو جڏھن سترهن سالن جي هئي تہ هندستان جي مغل بادشاه همايون سان هن جي شادي ٿي ٖ هندستان تي مغل سلطنت جي قيام جي حوالي سان تيمور ۽ ظھيرالدين بابر جا نالا اچن ٿا ٖ پر مون انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا ۾ مغل بادشاهت جي باري ۾ پئي پڙھيو تہ مغل بادشاه همايون کان جڏھن شير شاه سوري هندستان جو تخت کسي کيس جان بچائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو تہ ضلع دادو جي پاٽ ڄائي هن سنڌياڻي تاريخي ڪردار ادا ڪيو جنهن کي ڪڏھن بہ وساري نہ ٿو سگهجي ٖ جڏھن شير شاه سوري همايون کي شڪست ڏئي هندستان تي قبضو ڪيو ۽ ھمايون جان بچائي پنهنجي چند وفادار ساٿين سميت دهلي جو تخت وڃائي ڀڳو تہ همايون سان ان روپوشي ۽ ڏکي وقت ۾ حميده بانو گڏ ھئي بک ٖ اڃ ۽ ريگستان ۾ سفر ڪندي همايون جڏھن سنڌ پهتو تہ ان کي پناهہ ڏيڻ وارو بہ عمرڪوٽ جو هڪ سنڌي سوڍو راجپوت هو انهن ڏينهن ۾ٖ حميده اٺن مهينن جي ڳورهاري هئي ھلندي سندس گهوڙو مري ويو ان بعد هن ان ڳورهاري عورت اٺ تي پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ عمر ڪوٽ وٽ ئي حميده بانو اڪبر کي جنم ڏنو ٖ اندازو هڻو دهلي کان هڪ ڳورهاري عورت گهوڙي تي سفر ڪري رواني ٿئي وري اٺ تي چڙھي عمر ڪوٽ پهچي ۽ اتي ٻار کي جنم ڏئي ٖ وري عمر ڪوٽ مان نئين ڄاول ٻار سميت گهوڙي تي سفر ڪندي سنڌ ٖ پنجاب لتاڙيندي ڪابل قنڌار تائين پهچي ٖ جتي همايون جو ڀاءٗ حاڪم هو همايون کي سندس ڀائرن ب ننڌڻڪو ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو ڪا بہ مدد نہ ڪئي مٿان وري شير شاه سوري جا ماڻھو بہ سندن پويان لڳل هجن اهڙي روپوشي ٖ ۽ ڪسمپرسي واري صورتحال ۾ حميده بانو پنهنجي ور جو ساٿ ڏئي جهر جهنگ ريگستان جبل جهاڳيندي ڪابل قنڌار کان ايران پهچي اتان وري حميده بانو پنهنجن ناناڻن کان لشڪر ۽ مدد وٺي واپس شير شاه سوري جهڙي حاڪم کي شڪست ڏئي ڀڄائي پنهنجي ور همايون کي وري دهلي جي تخت تي ويهارڻ واري ضلعي دادو جي ڳوٺ پاٽ واسي حميده بانو ئي هئي ٖ پنهنجي مڙس همايون جي وفات بعد پنهنجي پٽ اڪبر کي تخت تي ويهاري هندستان جو شھنشاه اڪبر اعظم بنائڻ واري بہ حميده بانو ئي هئي -
     
    امدا علي قادري ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو