سردارچنڙپاٽائي مخدوم حسن الله پاٽائي ولد وهب الله صديقي پاٽائي 1850ع تي ڄائو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي مخدوم حاجي فضل الله وٽ تعليمورتي. جيڪو پنهنجي دؤر جو عارف باالله هو. مخدوم صاحب آخري ڪتاب حضرت مولانا نورمحمد ۽ سندس فرزند مولانا گل محمد صاحب شهداد ڪوٽيءَ وٽ ختم ڪيا. سندس هم درس علمائن مان مولوي محمد حسن حيدرآبادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسيني، مولوي عطاءَالله فيروزشاهي ۽ ٻيا ڪيترائي علماءُ شامل هئا. مخدوم حاجي حسن الله سموري زندگي درس و تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ گذاري. هو هڪ وڏو عالم ۽ متڪلم، مناظر ۽ محقق فقيه هو. گهڻو ڪري پنهنجي خانداني عالمن جي فتويٰ ۽ راءِ تي هلندو هو. بياض واحدي سندس ڏاڏي مخدوم عبدالواحد جو لکيل آهي. هيٺين نامور علمائن وٽانئس فيض حاصل ڪيو ۽ فارغ تحصيل ٿيا. 1. مولوي محمد صديق سيتائي 2. مولوي خيرمحمد جوڻيجو پاٽائي 3. مولوي مخدوم بصرالدين صاحب سيوستاني 4. مخدوم معين الدين سيوستاني 5. مولانا غلام عمر صاحب جتوئي 6. مولوي سيد شهاب الدين هالاڻي 7. مخدوم محمد دائود درٻيلائي 8. پيرزادو غلام محمد متعلوي اهي سمورا ماڻهو وقت جا وڏا مشهور عالم ۽ فاضل هئا. انهن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ماڻهن کانئن فيض پرايو. ساداتن، اهلِ بيت صحابين سڳورن ۽ پنهنجن استادن جو تمام گهڻو ادب رکندو هو ۽ آخرت کي ياد ڪري روئيندو هو. اهڙن پاڪ گُڻن وارو بزرگ سيوهاڻي ۽ پاٽائي خاندان جو پويون حنفي فقيا 21 جمادي الاول 1339هجري مطابق 1920ع ۾ هن دنيا فانيءَ مان لاڏاڻو ڪري ويو