مولانا حافظ محمد شفيع صديقي پاٽائي: سردارچنڙ پاٽائي مولوي قاضي حافظ محمد شفيع صديقي ولد احمدي صديقي دادو ضلعي جي پاٽ شهر ۾ سن 1835ع ۾ ڄائو. سندن والد قاضي احمد ميرن طرفان پاٽ جو قاضي مقرر ٿيل هو. کيس ميرن وٽان ڪجهه جاگير مليل هئي ۽ پڻ مخدوم عبدالواحد صديقي مفتي سيوستانيءَ کي دهلي جي مغلن طرفان جاگير مليل هئي. حافظ محمد شفيع ابتدائي تعليم مخدوم مولوي حاجي فضل الله سيوستاني، جيڪو پوءِ لڏي اچي پاٽ ۾ ويٺو، ان وٽان حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڦلجي ۾ ڪن وڏن عالمن وٽان وڌيڪ علم حاصل ڪيائين. پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ پاڻ جي پڳ ٻڌي، پنهنجي ڳوٺ پاٽ ۾ آيو ۽ سورهن ورهين جي عمر يعني هڪ سال اندر پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏيندي، قرآن شريف ياد ڪري ورتائين. سڄو پڙهيل علم برزبان ياد هوندو هئس. ايتريقدر جو تفسير، حديث ۽ فقه وغيره جي وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا صفحي سميت به ياد ڪري ويندو هو. سندن لکيل ڪتابن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سنسڪرت زبان مان چڱي طرح واقف هو.(1) باطني فيض وٺڻ لاءِ پاڻ کنياري شريف (ضلعو نوابشاهه) جي نقشبندي خاندان جي ميان محمد يوسف کان ڪجهه فيض حاصل ڪيائين. پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جي شهر ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيائين. جو سندن وفات کان پوءِ بند ٿي ويو. ان ۾ سٺ ستر طالب العلم سندن ئي خرچ تي پڙهندا هئا ۽ اهو خرچ پنهنجي زمين جي برڪت ڪري پورو ٿي ويندو هو. سندن وفات 63 ورهين جي ڄمار ۾ 1898ع ۾ ٿي.