سورهين گريڊ جو فقير هون ته هر ماڻهون پنهنجي ترقي ۽ پروموشن لاء پاڻ پتوڙيندو آهي، پر اڄڪلهه جا فقير به پروموشن ۽ گريڊ گهرن ٿا، سنڌ سلامت جا دوست اسان جي سنڌ سلامت واري فقير جو ڪهڙو گريڊ آهي اها ته مون کي خبر ڪانهي باقي هي ڏسو سورهين گريڊ وارو فقير http://www.youtube.com/watch?v=ET36nnhC0BM ادا شاه صاحب جي شاعري کي جيترو پڙهبو اوتري گهرائي نصيب ٿيندي، توهان دوستن شاه جي انهي بيت جي تمام سٺي معني ۽ تشريح ڪئي آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج ادا مان ڪو عالم اڪابر ته نه آهيان پر مشهور چوڻي مطابق ته مان به يوسف جي خريدارن ۾ شريڪ ٿيڻ ٿو چاهيان، ادا منهنجي حساب سان مٿئين بيت جي هي به معني ٿئي سگهي ٿي، ( تحقيق ڪرڻ هر انسان جو حق آهي ۽ اسلام به ان ڳالهه جو زور ڏئي ٿو ته علم حاصل ڪريو ۽ حق سچ لاء تحقيق ڪريو، سرور ڪائنات سردار دو جهان حضرت محمد مصطفه صلم جن جي مشهور دعا آهي جنهن جو مفهوم هي آهي ته ( اي منهنجا الله مون کي شين جي حقيقت کان واقف ڪر۔) توهان ڏٺو هوندو ته ڳوٺن ۾ توڙي شهرن ۾ ڪنهن به شيء جي وزن واري ڀري کي کڻڻ لاء مٿي جي ضرورت پوندي آهي، ۽ وزن کڻڻ لاء مٿي جو هجڻ ضروري آ، ۽ مٿو ان ڀري کي کڻڻ جو هڪ وسيلو يا وسائل آهي يا پوء هڪ قسم جي ( محتاجي ) آهي ائين کڻي چئجي ته ان ڀري کي کڻڻ لاء ان مٿي ( وسائل ذريعو، يا محتاجي ) جو هجڻ ضروري آهي ورنه اها ڀري ڪا نه کڻبي، ۽ ان ڪري ئي شاه صاحب مٿين سٽ چئي آهي ته ( تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج ) جنهن جو مطلب آهي ته اي بندا تحقيق جي لاء نڪري پوُ ۽ حق، سچ جي ڳولا ڪر، وسائل ۽ ڪنهن جو آسرو نه ڪر ڪنهن جو محتاج نه ٿي، وسائل جو بهانو نه بڻاء ۽ وسائل ريء اهو ڪم پورو ڪر، مطلب ته جدو جهد ۽ کوجنا لاء ڪنهن جو آسرو نه ڪر، بلڪه انهن سڀني آسرن ۽ محتاجن کي ڇڏي ڪري توڪل ڪر۔ جنهن لاء شاه صاحب وري سر سهڻي ۾ فرمائن ٿا ته جڏهن سهڻي جو دلو ڀڳو ( جيڪو دلو سهڻي ميهار سان ملڻ لاء وسيلو بنائي درياء پار ڪري وڃي ميهار سان ملندي هئي، ) ۽ دلي وارو وسيلو ختم ٿيو ۽ دلي جي جيڪا رڪاوٽ هئي اها به پري ٿئي تنهن کاپوء ئي سهڻي ميهار سان ملي ۽ پنهنجي منزل تي پهتي، گهڙو ڀڳو،منڌ مئي ، وسيلا ويا۔تنهان پوء، سئا، سهڻي سڌ ميهار جا،
جواب: سورهين گريڊ جو فقير حق بابا ممتاز، اصل مزو اچي ويو، ۽ ها اهو ٻيو وڏو فقير ڪهڙي گريڊ جو آهي 20 جو 22 جو ۔۔۔ ؟؟ پنهنجو فقير ان مٿي واري گريڊ جو اٿئي ۽ ها ان جا مٿان وري اڃان ٻيو فقير آهي ۔۔۔ بين الاقوامي فقير ۔۔۔
جواب: سورهين گريڊ جو فقير ادا ممتاز لڳي ٿو ته اسان واري فقير اوهان کي ڪجه رشوت ضرور ڏني هوندي ان ويڊيو جي لاء ڇو ته پاڻ وارو فقير به اڻ سڌي طريقي سان سنڌ سلامت تي ترقي جو طلبگار آهي ( مطلب ته ايڊيٽر مان سپر ايڊيٽر))) ان ڪري پهنجو گريڊ وڌائڻ لاء ادي ممتاز کي ان ويڊيو جي سفارش ڪئي اٿائين سو فقير سائين اوهان کي عرض ته ادا اوهان چئو ته مان پاڻ واري ڪرسي تهنجي حوالي ڪيان مانهونئن به جهونو ٿي ويو آهيان ۽ توکي ته ان ڪمج تجربو به آهي سيو سفراش جي ڪهڙي ضرورت آهي ادا ڊائريڪٽ حڪم ڪر تهنجي لاء آسمان تان انگور به پٽي اچبا ها ها ها ها
جواب: سورهين گريڊ جو فقير تمام بهترين ونڊ آهي ادا ممتاز توهان جون ڪوششون سنڌ سلامت فورم لا۽ ساراهڻ جوڳيون آهن اميد آهي ته توهان اهڙي شيئرنگ کي جاري رکندا سدائين گڏ
جواب: سورهين گريڊ جو فقير )))) ادا علي علي ادا ممتاز کي ته مبارڪون ڏيڻ کپن جنهن سنڌ سلامت فورم جي پوري ٽيم کي نروار ڪريو ۽ اسپيشل وري مون جي ترقي واري ڳالهه ڪري ته اصل مٽ ڀڃي ڇڏيائين :d باقي جهونا پاڻ واري ڪرسي جي فقير کي ڏيڻ چاهين ٿو ته ڀلا مان توهان کي انڪار ڪري سگهان ٿو ))