مخدوم عباس پاٽائي: سردارچنڙپاٽائي مخدوم عباس پاٽائي پاٽ شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جلال صديقي پاٽائي هو. تعليم پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪيائين ۽ پوءِ 947هه1540ع ۾ پاٽ لڏي هڱورجن ۾ مقيم ٿيو، تاريخ جي ڪتابن ۾ عباس هڱورجو سان به سڏيو ويو آهي. هزارين شاگرد پيدا ڪيائين جن وٽانئس فيض حاصل ڪري علميت جون سَنَدَون حاصل ڪيون ۽ عالم بنيا. جن مان حڪيم عثمان بوبڪائي ۽ قاضي عبدالسلام برهانپوري سنڌي قابلِ ذڪر آهن. پاڻ تفسير حديث فقھ ۽ ٻين ديني علمن ۾ ماهر هو.(1) 96 سالن جي ڄمار ۾ 14 شعبان 998هه/ 8 جون 1590ع ۾ رحلت ڪئي.