قاضي احمدي (ڪبير) پاٽائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2016۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    قاضي احمدي (ڪبير) پاٽائي:
    سردارچنڙ پاٽائي
    قاضي احمدي ڪبير بن قاضي محمد سعيد بن قاضي مسعود بن مفتي محمود، پاٽ شريف ۾ منصب قضاتي مامور هو. پاڻ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن طرفان قاضي مقرر ٿيل هو. سندس ولادت جو سال معلوم ناهي البته سندس رحلت جو سال ڪتابن ۾ 1842ع ۾ آيل آهي. سندس ٻه فرزند قاضي حاجي علي گوهر 1823هه/1897ع ۾ مخدوم حافظ محمد شفيع 1826هه/1898ع پڻ کانئس پوءِ قضا جي منصب تي مقرر ٿيا.
    قاضي احمدي (ڪبير) جي فرزند قاضي حاجي علي گوهر کي جيڪو فرزند ڄائو، ان تي به قاضي احمدي نالو رکيو ويو جيڪو قاضي احمدي ثاني چيو وڃي ٿو، جو پڻ قضا جي عهدي تي فائز آنرري مئجسٽريٽ پاٽ رهيو، قاضي احمدي (ثاني) جو جنم 1854ع ۽ 1923ع آهي.
    اهڙي ريت پاٽ جون ٻئي شخصيتون قاضي احمدي ڪبير ۽ قاضي احمدي ثاني پنهنجي دور جو معتبر ۽ مقتدر هستيون ٿي گذريون آهن.
    قاضي احمدي ثاني کي ٽي فرزند: قاضي احمد امين قاضي نصرالله ۽ قاضي عبدالقادر پيدا ٿيا. قاضي احمدي جهڙي معتبر نانءَ کي زندهه رکندي موجوده وقت هڪ تاريخي اسڪول قاضي احمدي ماڊل اسڪول پاٽ موجود آهي، جنهن مان ڪيترائي تعليم سان فيضياب ٿي رهيا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو