شيخ رڪن الدين پاٽائي: سردارچنڙپاٽائي شيخ مخدوم رڪن الدين ولد شيخ معروف (خليفو مخدوم بلاول سهرورديه ڪبرويه طريقو ۽ بلاولي تحريڪ) 875هه 1970ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سال 952هه/1545ع ۾ رحلت فرمائي. پاٽ جي قديم روايتن ۾ مخدوم بلاول جي آمد ۽ جامع مسجد ۾ واعظ ڪرڻ جو احوال اچي ٿو. جنهن مان اهو دليل ڏنو ٿووڃي، ته شيخ رڪن الدين پاٽائيءَ جي دعوت تي مخدوم صاحب آيو هو يا سن 1501ع ۾ شيخ معروف جي وفات تي فاتح ۽ شيخ رڪن الدين جي دستاربنديءَ لاءِ آيل هوندو. مخدوم شيخ رڪن الدين جي حياتيءَ جو عرصو سمن جو اختمامي دور ۾ ۽ مرزا شاهه بيگ ارغون جي حڪومت تي مشتمل آهي. ان عرصي دوران هن ٺٽي ۾ درس تدريس جي پيشي ۾ پنهنجي ڄمار صرف ڪئي ۽ مڪلي ٽڪري تي مدفون ٿيو.