غلام نبي سومرو: سردارچنڙپاٽائي غلام نبي سومرو پاٽ شهر جو رهواسي آهي. سندس جنم 1945ع ڌاري ٿيو. پاٽ شريف ڀرپاسي سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون هيون. انهن ۾ شرڪت ڪندو هو، جتي ناميارا سگهڙ ڏور، بيت، سينگار، ڳجهارتن کان علاوه ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪندا هئا. هن انهن سگهڙن جي ڪچهرين مان فيض حاصل ڪيو ۽ پاڻ به ڏور، بيت، سينگار، ڳجهارتن کان علاوه ٻين لوڪ صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. ڪيترن ئي سگهڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو آهي ۽ داد حاصل ڪندو آهي