امير بخش سولنگي سردارچنڙپاٽائي: امير بخش ولد محمد اسماعيل سولنگي سال 1935ع ڌاري سنڌ جي علمي ادبي ۽ تاريخي شهر پاٽ شريف جي ڀرسان ڄائو. تعليم پرائي چوٿين درجي تائين پڙهيو. نوجواني ۾ سگهڙن جي ڪچهرين ۾ ويندو هو. اتان کيس شاعري جو شوق پيدا ٿيس. هن ڏور بيت سينگار ڳجهارتن ۽ ڏٺ تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سگهڙن جون جتي به ڪچهريون ٿينديون آهن. اتي شريڪ ٿيندو آهي. ۽ ڏور بيت ٻڌائي داد حاصل ڪندو آهي. قلندر لعل شهباز ۽ جلال کٽي جي ياد ۾ جيڪي سگهڙ ڪچهريون ٿين ٿيون انهن ۾ شريڪ ٿيندو آهي.