عبدالرؤف پلهه سردارچنڙپاٽائي: عبدالرؤف پلهه ولد ميهر خان پلهه ويٺل پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ 1958ع تي جنم ورتو. ننڍي ساند سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو. سگهڙائپ جو شوق ٿيس. ان ڪري فن ڏانهن راغب ٿيو ڏور بيت ۽ ڏهس وائي ۽ سينگار جا بيت ٺاهي ڪچهرين ۾ پيش ڪندو آهي. ميلن ملاکڙن ۾ جيڪي سگهڙ ڪچهريون ٿينديون آهن، انهن ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪندو رهندو آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي به پنهنجي فن جو مظاهر ڪري چڪو آهي