فقير رجب علي چانڊيو: سردارچنڙپاٽائي فقير رجب علي چانڊيو ولد رسول بخش چانڊيو 15 جنوري 1966ع تي ڳوٺ دٻي لڳ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. فقير رجب علي چانڊيو ننڍپڻ کان ئي مداحون، غزل ۽ مولود چوڻ لڳو. سندس ڳائڻ ۾ استاد واحد بخش سولگي آهي. هن ڏور، بيت ۽ سينگار تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پڻ پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. سگهڙ ڪانفرنسون يا سگهڙ ڪچهريون ٿينديون آهن ته ان ۾ به هي شرڪت ڪندو رهي ٿو