• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبدالله چنا

مير سردار چنڙ

سينيئر رڪن
عبدالله چنا
سردارچنڙپاٽائي:
عبدالله چنا 23 مئي 1902ع تي ڳوٺ پاٽ شريف تعلقي دادو ۾ جنم ورتو. عبدالله چنا سنڌي ادب ۽ زبان سان پيار ڪندڙ ڀٽائي سرڪار جو عاشق ۽ سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي. عبدالله چنا کي شاگردي واري دور ۾ ئي ادب سان چاهه هو. پاڻ جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ زير تعليم هو ته ان وقت مولانا شبلي نعماني جي مشهور تصنيف جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو ترديدالزامات عالمگير جي نالي سان ڪراچي ۾ شايع ٿيو. سندس زندگي ۾ جيڪي شاندار ادبي سرگرميون اوج تي پهتيون، انهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون رهاڻيون جشن روح رهاڻ وارا ادبي جشن قابل ذڪر آهن هن پنهنجي شريڪ حيات زينت چنا کي مارئي رسالي جي جاري ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي.
عبدالله چنا تاريخي ڪارنامن ۾ ڪڇ جي رڻ متعلق اها پورٽ دستاويز جي حيثيت رکي ٿي. جيڪا رپورٽ 1965ع ۾ رڻ ڪڇ تي هندستاني فوج جي جهڙپ ۽ تعلقي ڇاڇري جي ڪن ديهن تي قبضي کان پوءِ ۽ جنيوا ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي ٽربيونل جي ميمبر جي حيثيت ۾ هن مرتب ڪئي هئي. هن اهم رپورٽ کي بنياد بنائي حڪومت پاڪستان اهو ڪيس کٽي ورتو. ۽ اهو رڻ ڪڇ سان لاڳو سرسبز علائقو پاڪستان کي ڏياريو. ان رپورٽ تي تبصرو ڪندي سوئيڊن جي اخبارن لکيو ته مکڻ پاڪستان کي مليو آهي ۽ لسي هندستان کي. عبدالله چنا 1957ع تي 60 سالن جي عمر ۾ سرڪاري کاتي مان رخصت ٿيو. سندس انتقال 23 جنوري 1989ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.
 
Back
Top